امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 31 October 2023

منهنجا پکي مونکان رُٺل آهن

مُنهنجا پٙکِيء مُونکان رُٺل آھن

جھرڪِي اِن پٙکِيء کان ڪير واقف نه آهي، جيڪو سج جي پهريٙن شُعاعُن تي صبح جو اعلان ڪري ٿو. شام جو به ساڳيو شور ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. هڪ ننڍڙو پٙکِيء. گهرن ۾ اڱڻ تي هِي اُڏامندٙي نظر اچن ٿيون. ٿوري ئي آواز تي خوف ۾ ڀڄي وڃن ٿيون. بُنيادِي طور تي اِھي جیت ڪيڙا ۽ حشرات خور جانور آھن. اهي پکين جي خاندان Domesticus Passer سان تعلق رکن ٿیون. هي سُهڻا پٙکِيء جيڪي ڪجهه سال اڳ تائين هر گهر جي رونق هوندا هُئا. هاڻي آهستي آهستي اسان کان رُٺل آھن. اُنهن جو تعداد تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. هاڻي، اڳ وانگر، صبح جو، نه شام ۾ اُنهن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

بقول شاعر:
هاڻي شام اچي ٿي خاموشي،
اڳي پکيٙن جا آواز هئا.

اُن جا ڪيترائي سبب آهن. انهن ۾ وڻن جي کوٽ، فصلن تي جراثيم ڪش ڪيميائي مادن جو استعمال، ماحولياتي آلودگي، ٽريفڪ ۽ ٻيا مُداخلت ڪندڙ شور، جديديت ۾ واڌارو، شهري ضرورتن ۾ اِضافو، شهرن ۾ ڪنڪريٽ جو استعمال شامل آهن. پراڻي اڏاوت جيڪا هاڻي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ڇو ته پکيٙن لاءِ آکيرو ٺاهڻ لاءِ مناسب جاءِ نه آهي.
ڪورونا جي وبا دوران جڏهن ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محصور ٿي ويا ته ٻين جانورن سان گڏ پکيٙن کي به ساهه کڻڻ جو موقعو مليو.
هر سال 20 مارچ تي پکيٙن جو عالمي ڏهاڙو اِن احساس سان ملهايو ويندو آهي ته ڪيئن اسان پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن جانورن جي ڄاڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيا آهيون. پکيٙن جو مناسب تعداد ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ فصل لاءِ نُقصاندہ جیت ڪيڙا حشرات جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اِهي حشرات جيڪي پکي پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن فصلن لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندا آهن. هي ڪيڙا فصلن جي پنن ۽ پاڙن تي حملو ڪري فصل کي تباهه ڪن ٿا.
ان کان سواءِ مون سون جي برساتن کان پوءِ جڏهن هزارين حشرات جِیت ڪيڙا ظاهر ٿيندا آهن ته اهي پکي به اُنهن حشرات جِیت ڪيڙن جي صفائي ڪندا آهن. پکي ٻج جي پکيڙ جو قدرتي ذريعو آهن. ماحولياتي آلودگي جا قدرتي اشارا آهن. شڪاري پکين جو کاڌو آهن. ۽ سڀ کان وڌيڪ، اُهٙي قدرتي ڳائڻا گلوڪار آهن، جيڪو ماحول جي حُسن جو هڪ لازمي حصو آهن.
پکي ايشيا سميت سڀني براعظمن تي ملن ٿا. لنڊن جي رائل سوسائٽيءَ جي تحقيق موجب پکيٙن ۽ انسانن جو باهمي تعلق يارنهن هزار سال پراڻو آهي. هڪ ريسرچ موجب سڄي دنيا ۾ اسپروز جھِرڪيٙن جي تعداد ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

اسان ڇا ڪري سگهون ٿا ته پکيٙن کي واپس آڻڻ لاءِ؟

اسان جِي محنت ۽ محبت سان پکي واپس ايندا، ان ڪري وڌ کان وڌ وڻ پوکيو، گھر جي ڇت تي پاڻي رکو، انهن لاءِ گهر ٺاهيون، پنهنجي گهرن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جراثيم ڪش دوائن جو استعمال نه ڪريو، ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻيو. جديديت جي چڪر ۾ اسان پنهنجي ماحول ۽ ٻارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

ليکڪ، فيصل نظاماڻي

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔