امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 1 February 2013

40 فرامين مصطفي ا صلي الله عليه وسلم

اوهان سڄڻن جي خدمت ۾ ٻنهي جهانن جي سردار، نُور مجسم، سرور عالم صلي الله عليه وسلم جن جون 40 حديث مبارڪون پيش ڪري رهيو آهيان، 10 ،10 حديثون روزانو جي بنياد تي انشا الله پيش ڪندو رهندس۔ ڇو ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب جيڪو لکي سگهيس ته لکندس، اميد ته منهنجي هي ڪوشش ضايع نه ويندي ۽ اوهان به فائدو حاصل ڪندا۔ هڪ ٻيو عرض ته مون وٽ هتي عربي رسم الخط لکڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي جنهن سبب صرف سنڌي ۾ ئي ان حديث مبارڪه جو ترجمو ۽ حوالا پيش ڪري رهيو آهيان۔

سڀ کان پهريان ڪم جي حديث:
حضرت سيدنا ابودردا رضي الله تعالي ا فرمائن ٿا ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم کان عرض ڪيو ويو ته ”ان علم جي ڪهڙي حد آهي جتي پهچي ته انسان عالم ٿئي؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته”جيڪو منهنجي اُمت تي چاليهه دين جي حڪم جو حديثون حفظ ڪري ته الله تعالي ا ان کي فقيهه اٿاريندو ۽ قيامت جي ڏينهن مان پاڻ صه ان جو شفيع ۽ گواهه رهندس“۔
(مشڪواته المصابيح، ڪتاب العلم، الفصل الثالث، الحديث 258 ج 2 ص 68 )

حديث 1۔ قُرب مصطفي صلي الله عليه وسلم
حضرت سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته: قيامت جي ڏينهن سڀ کان منهنجي ويجهو اهو ماڻهو هوندو ، جنهن دنيا ۾ مون تي دروُد پاڪ پڙهيا هوندا۔
(جامع الترمذي، ابواب الوتر، باب ماجا في فضل الصلاته النبي صه ، الحديث 484، ج 2 ص 27 )

حديث2۔ رحمتن جي بارش
حضرت سيدنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان رحمت آهي : مون تي درود شريف پڙهو، الله تعالي ا توهان تي رحمت موڪليندو۔
(الڪامل في صعفا الرجال، رقم الترجمه 1141، ج 5، ص 505 )

حديث3۔ ڏهه رحمتون۔
حضرت سيدُنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته، الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان مُشڪبار آهي ته: ”جنهن مونتي هڪڙو ڀيرو درُود پاڪ پڙهيو، الله تعالي ا ان تي ڏهه رحمتون موڪليندو آهي، ۽ ان جا ڏهه گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ ان جا ڏهه درجا بلند ڪيا ويندا“۔
(مشڪواته المصابيح، ڪتاب الصلاته، باب الصلاته علي النبي صه الحديث 922 ج 1 ص 189 )

حديث 4۔ نيت جي اهميت۔
امير المومنين حضرت سيدُنا عمر فاروق رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو: ”عملن جو دارومدار نيتن تي آهي“۔
(صحيح البخاري، ڪتاب بد الوحي، باب ڪيف ڪان بد الوحي، الحديث1، ص1 )

حديث5۔ نيت عمل کان بهتر آهي۔
حضرت سيدُنا سهل بن سعد رضي الله تعالي ا کان مروي آهي ته حضور پاڪ، الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان دلڪُشا آهي : ” مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي“
(المعجم الکبير للطبراني، الحديث 5942 ج 6 ، ص 185 )

حديث6۔ حاصلاتِ علم جي ترغيب۔
حضرت سيدُنا انَس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان رهبر نشان آهي: علم حاصل ڪيو جيڪڏهن توهان کي چين ئي وڃڻو پوي“۔
(شعب الايمان، باب في طلب العلم، الحديث 1663 ، ج 2، ص 254 )

حديث 7۔ بهترين شخص۔
حضرت سيدُنا عثمان رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد پاڪ آهي: ” توهان مان بهترين ماڻهو اهو آهي، جنهن قرآن پاڪ سکيو ۽ ٻين ماڻهن کي سيکاريو“۔
(صحيح البخاري، ڪتاب فضائل القرآن، باب خير ڪم، الخ، الحديث 5067، ج 3، ص 410 )

حديث 8۔ علم حاصل ڪرڻ فرض آهي۔
حصرت سيدُنا انس رضي الله تعالي عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد پاڪ آهي : ” علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ( ۽ عورت) تي فرض آهي“۔
(شعب الايمان، باب في طلب العلم، الحديث 1665، ج 2، ص 654 )

حديث 9۔ رزق جو ضامن۔
حضرت سيدُنا زياد بن حارث رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي: جيڪو ماڻهو علم جي طلب (حاصلات) ۾ رهندو آهي، الله تعالي ا ان جي رزق جو ضامن آهي“۔
(تاريخ بغداد، رقم 1535، ج3، ص 398 )

حديث 10۔ الله تعالي ا جي رستي جو سفر۔
حضرت سيدُنا انس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: جيڪو ماڻهو علم جي حاصلات لا گهر کان نڪتو، ته جيستائين واپسي نٿو اچي اهو الله پاڪ جي راهه ۾ آهي“۔
(جامع الترمذي، ابواب العلم، باب فضل طلب العلم، الحديث 2656، ج 4، ص 295 )



حديث 11۔ گناهن جو ڪفارو۔

حضرت سيدُنا سخبره رضي الله تعالي ا عنه کان روايت ڪن ٿا الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”جيڪو ماڻهو علم حاصل ڪندو آهي، ته اهو ان جي گذريل گناهن جو ڪفارو آهي“۔
(جامع الترمذي، ابواب العلم، باب فضل طلب العلم، الحديث 2657 ج 4، ص 295 )

حديث 12۔ دين جي سمجهه۔

حضرت سيدُنا معاويه رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: يعني ”الله پاڪ جنهن سان ڀلائي ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي، ان کي دين جي سمجهه ڏيندو آهي“۔
(صحيح بخاري، ڪتاب العلم باب من يردالله به خيرا۔۔۔۔الخ، الحديث 71، ج1، ص 43)


حديث 13۔ نجات جو ذريعو۔

حضرت سيدُنا عبدالله بن عمرو رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آهي: ” جيڪو خاموش رهيو، ان نجات حاصل ڪري ورتي“۔
(جامع الترمذي، ابواب صفته القيامته، الحديث 2509، ج 4، ص 225)

حديث 14۔ رهنمائي جي فضيلت۔

حضرت سيدُنا ابو مسعود انصاري رضي الله تعالي اعنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”جيڪو ماڻهو ڪنهن کي به نيڪي ڪرڻ جو رستو ٻڌائيندو، ته ان کي به اوترو ئي ثواب ملندو، جيترو ان نيڪي تي عمل ڪرڻ واري کي ملندو“۔
(صحيح مسلم، ڪتاب الامار، باب فضل اعانته الغازي۔۔۔الخ، الحديث 1893، ص 1050 )

حديث 15۔ نيڪي جي دعوت۔

حضرت سيدُنا عبدالله بن عمرو رضي الله تعالي ا عنه روايت ڪن ٿا ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي:” منهنجي طرفان پهچايو، پو ڇو نه هڪ آيت ئي هجي”۔
(صحيح بخاري، ڪتاب احاديث الانبيا، باب ماذاڪرعن بني اسرائيل، الحديث 3461، ج 2، ص 462)

حديث 16۔ دعا جي اهميت۔

حضرت سيدُنا انس بن مالڪ رضي الله تعالي ا عنه کان رويت آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” دعا عبادت جو مغز آهي“۔
(جامع الترمذي، ڪتاب الدعوات، الحديث، 3382، ج 5، ص 284)۔

حديث 17۔ دعا بلائن کي ٽاريندي آهي۔
حضرت سيدُنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”دعا بلائن کي ٽاريندي آهي“۔
(الجامع الصغير، للسيوطي، الحديث 4265، ص 259 )

حديث 18۔ ڌوڪو ڏيڻ جو نقصان۔

حضرت سيدُنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”جيڪو ڌوڪيبازي ڪري ٿو، اهو اسان منجهان نه آهي”۔
(جامع الترمذي، ابواب البيوع، باب ماجا في ڪراهيته الغش، الحديث 1319، ج 3، ص 57)



حديث 19۔ توبهه جي بنياد۔
حضرت سيدنا ابن مسعود رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” شرمندگي توبهه آهي“
(هن حديث جي مفهوم ۾ سوچڻ وارن جي لا وڏي ڳالهه سمويل آهي۔ پنهنجي پاران۔)
(سنن ابن ماجه ،ابواب الزهد، باب ذڪر التوبه، الحديث 4252، ج 4، ص 492 )

حديث 20۔ تائب جي فضيلت۔
حضرت سيدنا ابن مسعود رضي الله تعالي ا عنه روايت ڪن ٿا ته الله عز وجل جي محبوب، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” گناهن کان توبهه ڪرڻ وارو ائين آهي، جئين هُن ڪو گناهه ڪيو ئي ناهي“
(سنن ابن ماجه ،ابواب الزهد، باب ذڪر التوبه، الحديث، 425، ج 4، ص 491)

حديث 21۔ نماز جي اهميت۔
امير المومنين حضرت سيدنا عمر فاروق رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” نماز دين جو ٿنڀو آهي“
(شعب الايمان، باب في الصلوات، الحديث 2807، ج 3، ص 39)

حديث 22۔ روضه اقدس جي حاضري۔
حضرت سيدنا ابن عمر رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي، ان جي لا منهنجي شفاعت لازم ٿي وئي۔“
(شعب الايمان، باب في المانسڪ، فضل الحج والعمره، الحديث 4159، ج3، ص 490)

الله تعالي ا قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائين ٿا۔
ترجمو: ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن جڏهن اهي پنهنجي جانن تي ظلم ڪن ته اي محبوب توهان جي حضور حاضر ٿين ۽ پو الله کان معافي گهرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرما ته ضرور الله کي وڏو توبهه قبول ڪرڻ وارو مهربان پائيندا۔ (پ 5، النسا ، آيت 64)


حديث 23۔ عذاب قبر۔
حضرت سيدتنا عائشه رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” قبر جو عذاب حق آهي“
(صحيح البخاري، ڪتاب الجنائز، باب ماجا في عذاب القبر، الحديث 1372، ج 1، ص 463)

حديث 24۔ قيد خانو۔
حضرت سيدنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” دنيا مومن جي لا قيد خانو آهي ۽ ڪافر جي لا جنت۔“
(صحيح مسلم، ڪتاب الزهد، والرقائق، باب الدنيا سجن المومن، الحديث 2956، ص 1582)

حديث 25۔ مسڪين جو حج۔
حضرت سيدنا ابن عباس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” جمع جي نماز مسڪينن جو حج آهي“
(الفردوس، بما ثور الخطاب، الحديث 2436، ج 1، ص 333)

هديث 26۔ خوشخبري ٻڌايو۔
حضرت سيدنا انس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”خوشخبري ٻڌايو ۽ (ماڻهن کي) نفرت نه ڏياريو”۔
(صحيح البخاري، ڪتاب العلم، باب ما ڪان النبي صلي الله عليه وسلم، يتخولهم الخ، الحديث 69، ج1، ص 42)
(يعني الله پاڪ جي بخشش ۽ رحمت جون خوشخبريون ڏيو ماڻهن کي، انهن جي گناهن جي پڪڙجڻ تي اهڙو نه ڊيڄاريو ته انهن کي الله جي رحمت کان مايوس ٿي اسلام کان نفرت ٿي وڃي۔ بحر حال الله جي غذب جو ڊڄ ڏيڻ الڳ آهي ۽ مايوس ڪري بد دل ڪرڻ الڳ آهي پر هي حديث انهن آيتن جي خلاف ڪونهي جن ۾ الله پاڪ جي پڪڙ کان ڊيڄارڻ جو حڪم آهي) (مرآت المناجيح، ج 5، ص 371) هتي هڪ 100 ماڻهن جي قتل ڪرڻ واري جو واقعو به بيان ٿيل آهي جيڪو يقينن گهڻن ماڻهن جي علم ۾ هوندو۔

حديث 27۔ سلام جي اهميت۔
حضرت سيدنا جابر رضي الله تعالي ا عنه روايت ڪن ٿا ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” سلام ڳالهائڻ کان پهريان آهي“۔
(جامع الترمذي، ابواب الاستذان، باب ماجا في السلام قبل الڪلام، الحديث 2708، ج 4، ص 321)

حديث 28۔ تڪبر جو علاج۔
حضرت سيدنا عبد الله بن مسعود رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ”سلام ۾ اڳڀرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان پري ٿي ويندو آهي”۔
(شعب الايمان، باب في مقاربه اهل الدين۔۔۔۔الخ، الحديث 8786، ج 6، ص 433)

حديث 29۔ مسجد ۾ کلڻ جو نقصان۔
حضرت سيدنا انس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته يتيمن جي يار، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” مسجد ۾ کلڻ قبر ۾ اونداهه کڻي ايندو آهي”۔
(الفردوس،بماثور الخطاب، الحديث 3706، ج 2، ص 41 )
(کلڻ مان مراد وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ ، خيال ڪيو ته مسڪرائڻ سٺي شي آهي ۽ ٽهڪ ڏيڻ خراب آهي، تبسم (مسڪرائڻ) رحمت عالم، نور مجسم صلي الله عليه وسلم جن جي عادت ڪريمه هئي۔ (مرآت المناجيح، ج 7، ص 14)۔

حديث 30۔ ٽهڪ جي مذمت۔
حضرت سيدنا ابو هريره رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته يتيمن جي يار، رحمت عالم، نور مجسم، رسول مڪرم، صلي الله عليه وسلم جو فرمان عظمت نشان آهي: ” ٽهڪ (ٽ ۔هه۔ڪ) شيطان جي طرفان هوندو آهي، ۽ مُسڪرائڻ (تبسُم يا مُرڪ) الله تعالي ا جي طرفان هوندي آهي۔
(المعجم الصغير، للطبراني، الحديث 1057، ج 2، ص 218)
ڀائرو! ٽهڪ مان مراد وڏي آواز ۾ کلڻ آهي، شيطان ان کي پسند ڪندو آهي ۽ ان تي سوار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته مُرڪ(تبسُم) مان مراد بنا آواز جي ٿورڙي مقدار ۾ کلڻ آهي (فيض القدير، تحت الحديث 6196، ج4، ص 706)




حديث 31۔ مسواڪ (ڏندڻ ) جي فضيلت۔
اُم المومنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رضي الله تعالي ا عنها روايت ڪن ٿيون ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ”مسواڪ(ڏندڻ) ۾ منهن جي پاڪيزگي ۽ الله عز وجل جي خوشنودي جو سبب آهي۔
(سنن النسائي، ابواب الطهارت وسننها، باب السواڪ، ج 1، ص 10)

(نوٽ: مسواڪ (ڏندڻ) خاص ڪنهن وڻ جيڪو سنڌ ۾ کبڙ، بڙ، نم، بيد مشق ۽ ٻيا قيمتي وڻ جنهنجي ڪاٺي جو ذائقو ڪوڙو هجي اهو نهايت مفيد آهي، مان پاڻ نم جو ڏندڻ استعمال ڪندو آهيان، ڀل ڪراچي ۾ رهندي ڪيترا سال ٿي ويا آهن پر منهنجو والد سڳورو پنجگانه نماز جي وضو کان پهريان نم جو ڏندڻ ئي استعمال ڪندا آهن۔ اسان پڻ والد صاحب کي ڏسي اهو استعمال ڪيون ٿا جنهن سبب ڏندن جي بيماري کان محفوظ آهيون۔)

حديث 32۔ جماعت جي فضيلت۔
حضرت سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله تعالي ا عنها کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔”با جماعت نماز ادا ڪرڻ، اڪيلي تنها نماز پڙهڻ کان ستاويهه درجه وڌيڪ فضليت رکي ٿي“۔
(صحيح البخاري، ڪتاب الاذان، باب الفضل صلاته لاجماعته، الحديث 645، ج 1، ص 232)

حديث 33۔ چغل خور جي مذمت۔
حضرت سيدنا حذيفه رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔”چغل خور جنت ۾ داخل نه ٿيندو”۔
(صحيح البخاري، ڪتاب الآداب، باب مايڪره من النميمته، الحديث 6056، ج4، ص 115)

حديث 34۔ رزاق جو ڪرم
حضرت سيدنا ابو دردا رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته الله عزوجل جي محبوب، نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ”روزي ٻانهي کي ائين ڳوليندي آهي جئين ان کي ان جي موت ڳوليندي آهي”۔
(حليته الاوليا رقم 7908، ج 6، ص 89)
(مقصد هي آهي ته موت کي توهان ڳولهيو يا نه ڳولهيو بحر حال توهان کي ڳولي لهندو، اهڙي طرح رزق کي توهان تلاش ڪيو يا نه پر توهان کي ضرور ملندو، ها رزق جي حاصلات سنت آهي ۽ موت جي تلاش منع ٿيل آهي، پر آهن ٻئي يقيني۔)

حديث 35۔ حيا ايمان سان آهي۔
نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ”حيا ايمان مان آهي”
(صحيح المسلم، ڪتاب الايمان، باب بيان عدد شعب الايمان۔۔۔۔الخ ، الحديث 36، ص 40)

نوٽ: (هتي هڪ بصره جي بزرگ هستي جو به قصو بيان ٿيل آهي جيڪو ڪنهن وقت فرصت ۾ لکندس، ان بزرگ جي جسم مان هميشه مُشڪ جي خوشبو ايندي هُئي جڏهن به جٿان گذرندو هو اهو رستو پڻ مهڪجي ويندو هو، ۽ اها خوشبو هن جي جسم مان صرف ۽ صرف ان جي با حيا هجڻ جي وسيلي ملي۔۔يقينن گهڻا دوست ان قصي کان واقف هوندا)

حديث 36۔ ساقي ڪوثر صلي الله عليه وسلم جو فرمان۔
سيدنا ابو قتاده رضي الله تعالي عنه کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔”قوم کي پاڻي پيئارڻ وارو ، سڀني کان آخر ۾ پيئندو آهي”۔
(صحيح المسلم، ڪتاب المساجد، باب قضا الصلاته الفائته، الخ الحديث 681، ص 344)

حديث 37۔ آقا صلي الله عليه وسلم جو مهينو۔
اُم المومنين حضرت سيدتنا عائشه رضي الله تعالي ا عنه کان روايت آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ”شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله عز وجل جو مهينو آهي”۔
( الجامع الصغير، للسيوطي، الحديث 4889، ص 301)

حديث 38۔ فتني باز جي مذمت۔
حضرت سيدنا انس رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ” فتنو سمهيو(ننڊ) پيو آهي، ان کي جاڳائڻ واري تي الله عز وجل جي لعنت آهي”۔
(الجامع الصغير، الحديث 5975، ص 380)

حديث 39۔ الله عز وجل جي لا محبت ڪرڻ۔
حضرت سيدنا ابوذر رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔ ”يعني سڀ کان بهترين عمل الله تعالي ا عز وجل جي لا محبت ڪرڻ ۽ الله عز وجل جي لا دشمني ڪرڻ آهي”۔
(سنن ابي داود، ڪتاب السنه، باب المجانبته اهل الاهوا، الحديث 4599، ج 4، ص 264)

حديث 40۔ نماز قضا ڪرڻ واري جو وبال۔
حضرت ابو سعيد رضي الله تعالي ا عنه کان مروي آهي ته نبي مُڪرم، نور مجسم، رسول اڪرم، شهنشاهه بني آدم صلي الله تعالي ا عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي۔” يعني جيڪو ڪوئي ڄاڻي واڻي ڪري هڪ نماز قضا ڪري ڇڏيندو آهي ، ان جو نالو دوزخ جي ان دروازي تي لکيو ويندو جنهن دروازي کان اهو دوزخ ۾ داخل ٿيندو“۔
(حليه الاوليا، رقم 10590، ج 7، ص 299)
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>