امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday 26 February 2015

خدابخش جويو( تعارف)


الطاف ملڪاڻي




نامياري صحافي، ڪيليگرافر، سماجي ۽ قومي ڪارڪن خدابخش جويي ولد محمد موسيٰ جوئي سن ضلعي ڄامشوري ۾ 16.5.1961ع تي سن ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول سن مان حاصل ڪئي. اپريل 1981ع مئٽرڪ هاءِ اسڪول سن مان پاس ڪئي. 1985ع ۾ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۽ 1979ع ۾ بي اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. خدابخش جويو ننڍي عمر کان ئي مختلف سماجي ڪمن سان لاڳاپيل رهيو. 1981ع ۾ ٻارڙن جي تنظيم ”لطيف سنگت“ جو پهريون مرڪزي صدر ٿيو. هن 1983ع کان روزانه مهراڻ ۾ ڪيليگرافر طور سراج الدين ڀٽي کان سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ گڏوگڏ صحافت جي شروعات ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ ڪجهه وقت سنڌ نيوز ۽ پوءِ عبرت ۾ شام جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجو ڪيل خطاطي جا نمونا کڻي جناب حميد آخوند (جيڪو ان وقت ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر هو) سان سنڌ ميوزم ۾ مليو ۽ کيس پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريءَ لاءِ عرض ڪيائين. جنهن سندس خطاطي جا نمونا ڏسي پهريان چيو ته اسان وٽ ڪيليگرافي جي پوسٽ ڪانهي. اهو جواب ٻڌي نروس ٿي ويو ۽ واپس وڃڻ لڳو ته جناب حميد آخوند کيس سڏ ڪيو ۽ چيو ته ها ياد اچي ويم اسان وٽ هڪ ڪيليگرافر جي پوسٽ شمش العلماءَ داد پوٽه لائبريري ۾ آهي. حميد آخوند کانئس درخواست ورتي ۽ ان تي نوٽ هڻي چيو ته وڃ. وڃي لائبريري ۾ ڪم ڪر. اهڙيءَ طرح کيس شمس العماءُ دائودپوٽه لائبريري ۾ ڪيليگرافر طور نوڪري ملي وئي. 



خدابخش جويو ڏينهن جو شمس الماءَ دائود پوٽه لائبريري ۾ ڊيوٽي ڪندو هو ۽ شام جو عبرت اخبار ۾ پڻ ڪم ڪندو هو. ان دوران کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هن ٻاراڻي شاعري به ڪئي جيڪا سندس ٻالڪ پڻ جي دور ۾ عبرت ۾ شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي ٻاري ۾ ڇپجندي رهي. ان کان سواءِ ڪهاڻيون به لکيائين. جيڪي عبرت سان گڏ شايع ٿيندڙ ڪاش مئگزين (جنهن جو ايڊيٽر غني درس هو) ۾ شايع ٿيون.


هو هڪ سٺو ڪيليگرافر پڻ آهي. 1986ع کان 1997ع تائين شمس العلماءَ دادپوٽه لائبريري ۾ ڪيليگرافر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1991ع ۾ جڏهن سنڌي ليگويئج اٿارٽي قائم ٿي ته ڊاڪٽر نبي 


بخش بلوچ جي چوڻ تي هن سنڌي لئگنيج اٿارٽي جو مونو گرام ٺاهيو.


وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔