امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday 6 December 2012

موئن جي دڙي بابت

انتهائي افسوس منجهان اها ڳالهه مان به ڪندس ته هر سال جيان عيد تي ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته پوءِ
 اتي ڪو تفريحي ماڳ نه هئڻ ڪري سڀني جو رخ موئن جو دڙو طرف ٿيندو آهي، هر عيد توڙي نئين سال جي موقعي تي ماڻهن جي تمام گهڻي رش ٿيڻ سبب هن قومي ورثي جي جيڪا لتاڙ ٿئي ٿي اها حالت ڏسي لڙڪ لارڻ جهڙي هوندي آهي، توهان سوچيندا هوندا ته مان پاڻ لکي رهيو آهيان ته گهمڻ اتي ويندا آهيون ته مان پنهنجي ضمير جي سچائي سان اهو اقرار ڪندس ته منهنجي ذات طرفان گمهڻ جو طريقو ڪار اهو ئي رهيو آهي ته صرف جيڪي مين رستا ٺهيل آهن يا گهٽيون جڙيل آهن اتان ئي ان ماڳ جو ديدار ڪبو آهي، پر جيڪي اڻ ڄاڻ اوباش اتي اچن ٿا اهي بي دردي جو مظاهرو ڪندي ڀتين تي چڙهي انهن جي لتاڙ ڪن ٿا جنهن سبب ان ماڳ کي گهڻو نقصان رسي ٿو۔ جيڪڏهن مان ثقافتي اداري جو سربراهه هجان ها يا ڪو وزير ته موئن جي دڙي جي اندر ماڻهن جي وڃڻ تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏيا ها، ۽ موئن جي دڙي جي مين دروازي وٽان ئي چيئر لفٽ جئين مري يا اسلام آباد يا ايبٽ آباد جي پهاڙين تي لڳل آهن اهي لڳرايان ها، ۽ ان سان روزگار به وڌي ها، پوءِ
 ان چيئر لفٽ جو هر ڪو مزو به وٺي ها ۽ موئن جي دڙي جو هوائي سير به ڪري سگهجي ها، پر افسوس جو هر سال 
ڪروڙين رپيا انهن پيٽ بکين ڪامورن کي ملن ٿا پو
 به اهڙا منصوبا ڇو نه ٿا جوڙجن.

3 comments:

Muhammad Suleman Wassan لکيو آهي

بس ڇا ڪجي، سنڌ جا قومي ورثا ايئن ئي تباهه پيا ٿين۔ نه ته حڪومت ڪجهه ڪري پئي ۽ نه ئي وري اسان پاڻ ڪا سار لڌي آهي۔

اوهان جو بلاگ وڻيو

Unknown لکيو آهي

ماشآء الله توهان جو بلاگ تمام خوبصورت ٺهيل آهي

منظور ڪلهوڙو لکيو آهي

سائين مهرباني اوهان جي جو بلاگ تي پنهنجي نگاهه وڌي اٿو، دعائن ۾ ياد رکجو.

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔