امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Saturday 19 January 2013

مٺي مير مرسل صلي الله عليه وسلم جي نعلين پاڪ جو ديدار


سهڻا ساٿيو اوهان دوستن جي خدمت ۾ مان هڪ وڊيو ونڊ ڪري رهيو آهيان، جيڪا مون ڪالهه جمع جي ڏينهن پنهنجي علائقي جي جامع مسجد ديارِ حبيب ۾ پنهنجي موبائيل تان تيار ڪئي، اسان جي سهڻي آقا، مٺي مدني جي مير مرسل صلي الله عيله وآله وسلم جن جي نعلين پاڪ جي زيارت ڪرائي وئي، جيڪو نهايت ئي من موهيندڙ منظر هيو، پياري آقا مٺي مدني مرسل صلي الله عليه وسلم جي نعلين پاڪ جي اهميت صرف ۽ صرف سچو عاشق رسول صه ئي ڄاڻي سگهي ٿو، عاشقن ائين به لکيو ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن نعلين پاڪ مان پنهنجي مٿي تي سجايان ته مان به چئي سگهان ٿو ته سهڻي تاج وارو آهيان، دنيا جا تاج هڪ طرف منهنجي سهڻي محبوب آقا صلي الله عليه وسلم جي نعلين پاڪ جي عظمت ان کان ڪروڙهين ڀيرا مٿي ۽ اُتم آهي۔ اچو ۽ اوهان به ديدار جي شرف سان فيضياب ٿيو، ۽ جيڪڏهن هي منظر ڏسندي اوهان جو اکيون ڳوڙهن جي پاڻي سان وضو ڪن يا لڱن منجهه سُرٻاٽ ٿئي ته پڪ سمجهو توهان جو عشق قبول پئجي ويو۔ ۽ مان ادنا به اگهامجي ويس۔ پر جڏهن به الله جل شانهُ جي بارگاهه اقدس ۾ هٿڙا کڻو ته منهنجي ننڍي ڀا مُحمد نواز عباسي جي صحتيابي جي لا دعا ضرور ڪجو۔ الله پاڪ اوهان کي انجو اجر عطا ڪندو۔، آمين۔۔۔


هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday 5 January 2013

نُور مجسم سرور عالم صلي الله عليه وسلم

وسيم ۽ قصيم
وسيم به حسين و جميل کي چئبو آهي
قصيم به حسين و جميل کي چئبو آهي

وسيم اهڙو حسين آهي جنهنجي حُسن کي جيترو به ڏسجي اوترو ئي وڌندو ويندو آهي۔
قصيم اهو حسين آهي جنهنجو هر هڪ عضوو الڳ الڳ پنهنجي حُسن کي ظاهر ڪندو هجي۔
اهي ٻئي حُسن اسان جي پياري نبي ، سرڪار دو عالم، ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وسلم کي الله پاڪ طرفان عطا ڪيل هئا۔

پاڻ سڳورا صه اهي حسين و جميل هئا جنهن لا هڪ عاشق لکيو آهي ته: جئين پاڻ سڳورن صه پاڻ کي بنائڻ ٿي گهريو ته اهڙو ئي پالڻهار سندن کي ٺاهيو ۽ جوڙيو۔ جنهن بابت وڌيڪ لکيو ويو آهي ته: روح الله روح محمد صه کي چيو ته جئين تون چاهين اهڙو ئي توکي ٺاهيان۔ سبحان الله۔

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم بابت هڪ عورت چيو ته: هڪڙو حسين و جميل شهزادو آهي، جيڪو نهايت ئي صاف سٿرو اهڙو حسين شهزادو منهنجي اک ڪڏهن ناهي ڏٺو۔

پاڻ سڳورن صه جو قد مبارڪ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جيان پورو پنو هيو پر الله پاڪ جي شان اهڙي هئي جو پاڻ سڳورن صه جي اڳيان ڪيڏو به ڊگهو شخص پُست (بندرو) ۽ ننڍڙو نظر ايندو هيو۔

پاڻ سڳورن جا ڏند مبارڪ نهايت خوبصورت وچ ۾ ڪا به وٿي نه هئي، جڏهن به مُرڪندا هئا، اوندهه ته ڇا پر ڏينهن جي روشني ۾ به هڪ نُور جي لاٽ نڪري ڀت تي پوندي هئي۔

پاڻ سڳورن صه جن جون اکيون نهايت حسين، پنبڙيون گهاٽيون ۽ وڏيون، شرم ۽ حيا سان ٽمٽار ٿيل، سدائين جهُڪيل رهنديون هيون، پاڻ سڳورن صه جا ڳل مبارڪ نهايت سهڻا، نه پچڪيل ۽ نه ئي اڀريل هئا، بس نهايت وڻندڙ خوبصورت ڳل هئا۔

پاڻ سڳورن صه جي ڳچي مبارڪ نهايت حسين، ڊگهي ۽ صُراحي دار هئي، سائين سڳورن صه جن جا ڪُلها مبارڪ ٿورو وٿيرڪا، اُڀريل، جيڪي مردانگي جي نشاني هئا۔ سائين صه جن جو سينو مبارڪ ويڪرو ۽ روبدار، جيڪو بهادري جي نشاني هو، سهڻي محبوب صه جي سيني مبارڪ جي وچ ۾ گهاٽا وار ۽ انهن وارن جي قطار هيٺ دُن مبارڪ تائين هئي، باقي ٻانهن تي ٿورا ٿورا ۽ ڪُلهن مبارڪن تي به پڻ ٿورا ٿورا وار هئا۔

سهڻن محبوبن صه جن جو ٻانهون مبارڪ ڊگهيون، هٿ مبارڪ خوبصورت گوشت سان ڀريل، جيڪا پڻ مردانگي جي نشاني هئي، آڱريون مبارڪ ڊگهيون گوشت سان ڀريل، پير مبارڪ نهايت نفيس ۽ سهڻا، حسين و خوبصورت ۽ هر وقت چمڪندڙ هئا، ائين لڳندو هو جئين ان وقت ئي تازو تيل لڳل هجي، پاڻي به پيرن مبارڪن تان ائين ترڪي ويندو هيو جئين ڪو تيل لڳل هجي۔

حضور صلي الله عليه وسلم جن جڏهن به هلندا ڦرندا هئا، سدائين ڪُلها مبارڪ جهڪائي هلندا هئا جيڪا عاجزي جي نشاني هئي، هر هڪ قدم کڻي کڻي هلندا هئا، وڏي روب ۽ دٻدٻي سان هلندا هئا ۽ اهڙي ريت هلندا هئا ڄڻ ڪنهن هيٺاهين طرف ويندا هجن، دشمن سندن کي ڏسي ڏڪي ويندا هئا ايترو روبدار گهمڻ ڦرڻ محسوس ٿيندو هو۔

حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم، مٺي مير مرسل صه جن جو جسم مبارڪ نهايت چمڪندڙ، حسين و جميل، تازي تازي گونچ جيان نفيس ۽ نازڪ هوندو هو، ڇو ته گُل جي پتين جي نفاست کان وڌيڪ نفاست ۽ نرمائي گونچ ۾ هوندي آهي، مٺي محبوب، سهڻي مرسل سڳورن صه جن جو جيڪو باقي جسم مبارڪ ڪپڙن کان باهر نظر ايندو هو اهو سج جيان چمڪندڙ هوندو هو۔

سبحان الله
اوهان سڄڻن ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن سان مُحبت ڪندڙن لا ريڊيو تان ٻڌي سنڌي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيم۔ شل هي عاجزاڻو نذرانو حضور پُرنور صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه اقدس ۾ قبول پوي۔ آمين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>