امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Sunday 30 December 2012

Friday 21 December 2012

سنڌ منهنجي امان..ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان

سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان
هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان ، ڇا لکي ڇا لکان

سنڌ! هن نانوءَ کي اکيون پوري ٿورڙي دير لاءِ پنهنجي من اندر ورجائڻ سان ڪيڏو نه هنياءُ منجهه هڳاءُ ڦهلجي ٿو وڃي هڪ اُتساهه پيدا ٿي ٿو پوي، ڄڻ هڪ جيئندان ملي ٿو پوي، ڄڻ صدين جو سفر ڪري آيل مسافرڙي کي سنڌوءَ جي ڪنڌي تي نم جو ڇانورو ملي ٿو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو ديس آهي جتي محبت من ۾ پائي رنڊا روڙيا وڃن ٿا، اتان جي ديس واسين جي محبت کي ڪنهن به ترازو منجهه توري نٿو سگهجي ڇو ته انهن جو اڻ توريو ئي اگهائجو ٿو وڃي، سهڻي لطيف جي مٺڙي ٻولي ڳالهائيندڙ هي محبوب جي چپڙن جيان نفيسڙا سٻاجهڙا سنڌي هر ويل پنهنجي محبت جي ميٺاج سان ڌرتي جي سندرتا کي سراپيندا رهن ٿا ۽ پنهنجي چاهه جي چاشني سان ڌرتي ماتا کي ڪنهن نه ڪنهن سهڻي احساس سان ارپنا پيش ڪندا رهن ٿا. پنهنجي حياتي جا سڀئي سهڻا لمحا محبوب جي ڇاتي سان لڳڻ جي چاهنا کان ڌرتي جي آزادي جي گس تي گهارڻ ۾ ئي پنهنجي امرتا سمجهن ٿا.  

حياتي ۾ اها ئي خواهش رهي آهي ته ڌرتي ماءُ جي آزادي جي صبح جي سهڻي سج جي ڪرڻن کي اکين سان پسان شل منهنجا پُٽ ۽ پوٽا آزاد سنڌ جي ڳوٺڻ ۽ شهرن ۾ ڪُڏندا ۽ نچندا زنگي جا جوڀن ڏينهن گهارين، ۽ جڏهن ۽ جتي سنڌي کي ڪو ڪوسو واءُ لڳي ته اڳ اڳرا ٿي پنهنجي حياتي ڌرتي مٿان گهوري سدا سُرها ٿين. اها آس اندر منجهه سانڍي جيئان ٿو پيو، ڌرتي تي ڪيترا ڪِيس ڏسي اکيون لڙڪ روڪي نه سگهيون، پنهنجن جا پنهنجن سان دشمنيءَ وارا ويڇا ڏسي ٿر جي مورن کي مرندو ڏسي، پنهنجي ڌرتي تي نياڻين جي عصمتن کي لُٽجندو پسي، پنهنجا جوڌا جوان قوم کي گڏ ڪرڻ جي راهه ۾ ڪسجندا ڏسي اندر ڀورا ڀورا ٿي پوي ٿو، هنياءُ اندر خنجر کُپندي محسوس ڪيان ٿو، ۽ روئي پوان ٿو ته منهنجي جيجل جي سيني تي هي ڪلور ڪيسيتائين جاري رهندا. پر هاڻ اها آس جاڳي پئي آهي، آزادي جي صبح کي خبر ناهي نه ڏسي سگهان پر آزادي ڏانهن ويندڙ هن قوم کي گڏ ٿيندي ضرور ڏسي رهيو آهيان، منهنجي اها آس مُئي ڪونهي، منهنجا پُٽ نه ته پوٽا ضرور جيجل جي ماءُ جي ٿڃ ملهائيندا، هي ميڙاڪا ڏسان ٿو، سنڌي قوم کي هڪ ٿيندي ڏسان ٿو، شايد اهو ئي منهنجو خواب هو جنهنکي اکين سان پسڻ لاءِ مان هيل تائين جيئرو رهيو آهيان. شل ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي جيجل جي سيني تي محبتن جي ميلا مچندا رهن، ڌرتي جا ٻارڙا، ٻارڙيون، پوڙها ۽ پڪا، جوانڙا توڙي نياڻيون، امڙيون توڙي ڀينرون جيجل جي مٺڙي ٻولي ۾ ٻوليندا ، ڳائندا وتن ته ..مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان، تنهنجا دشمن ڏسان ڪنڌ تن جو ڪپيان.. يا وري اهو ورجائيندا رهن ته. تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان، الا مٽيءَ ماٿي لايان.
سنڌ منهنجي امان جي نالي سان اهڙا ڏينهن صدين تائين ملهائجندا رهجن، مان هجان نه هجان منهنجي سنڌ ڌرتي تا قيامت قائم رهي. آمين.       
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 13 December 2012

منهنجي زندگي سان لاڳاپيل الله پاڪ جا معجزا



منهنجي ذاتي زندگي ۾ الله پاڪ جي قدرت جي معجزن جا نظارا ڏسڻ ۾ آيا ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب مٺي مير مرسل مدني مُحمد صلي الله عليه وسلم جي مٺڙي جي محبت منهنجي سيني منجهه رکي ۽ ان محبت جو به معجزو مون اکين سان ڏٺو ۽ پو مون اهو پنهنجي موبائيل ۾ تصويري ۽ وڊيو جي صورت ۾ محفوظ ڪيم جيڪي مان اوهان دوستن سان ونڊ ڪندس، سڀ کان پهرين اهي تصويرون اوهان کي پيش ڪيان ٿو جيڪي مون جمعه نماز ادا ڪندي گلشن حديد جي وڏي جامع مسجد ديار حبيب ۾ ڏٺو، جئين نماز مڪمل ڪري دعا لا هٿ کنيم ته منهنجي نگاهه هيٺ سجدي واري جڳهه تي پئي ، الله اڪبر ڇا ڏسان ته الله جل شانهُ جو پاڪ نالو ماربل واري پٿر تي اوڪريل واضح نظر آيو، اوهان به ديدار ڪيو۔ ۽ ٻيو معجزو پنهنجي آفيس ۾ ويٺل هئم ته نگاهه آسمان طرف وڌم ته ڇا ڏسان ته مٺي مير مرسل مُحمد صلي الله عليه وسلم جي مٺي نالي جو عڪس بادلن (جهُڙ) منجهه واضح محسوس ڪيم، اوهان به ڏسو ۽ شايد تصوير ۾ ڪجهه گهٽ نظر اچي پر ان جي وڊيو ۾ ٿورو واضح نظر ايندو۔
 
 
 
 

 


 وڊيو ڏسڻ لاءِ منهنجي فيس بڪ تي اچو..منظور ڪلهوڙو
 

 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 6 December 2012

موئن جي دڙي بابت

انتهائي افسوس منجهان اها ڳالهه مان به ڪندس ته هر سال جيان عيد تي ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته پوءِ
 اتي ڪو تفريحي ماڳ نه هئڻ ڪري سڀني جو رخ موئن جو دڙو طرف ٿيندو آهي، هر عيد توڙي نئين سال جي موقعي تي ماڻهن جي تمام گهڻي رش ٿيڻ سبب هن قومي ورثي جي جيڪا لتاڙ ٿئي ٿي اها حالت ڏسي لڙڪ لارڻ جهڙي هوندي آهي، توهان سوچيندا هوندا ته مان پاڻ لکي رهيو آهيان ته گهمڻ اتي ويندا آهيون ته مان پنهنجي ضمير جي سچائي سان اهو اقرار ڪندس ته منهنجي ذات طرفان گمهڻ جو طريقو ڪار اهو ئي رهيو آهي ته صرف جيڪي مين رستا ٺهيل آهن يا گهٽيون جڙيل آهن اتان ئي ان ماڳ جو ديدار ڪبو آهي، پر جيڪي اڻ ڄاڻ اوباش اتي اچن ٿا اهي بي دردي جو مظاهرو ڪندي ڀتين تي چڙهي انهن جي لتاڙ ڪن ٿا جنهن سبب ان ماڳ کي گهڻو نقصان رسي ٿو۔ جيڪڏهن مان ثقافتي اداري جو سربراهه هجان ها يا ڪو وزير ته موئن جي دڙي جي اندر ماڻهن جي وڃڻ تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏيا ها، ۽ موئن جي دڙي جي مين دروازي وٽان ئي چيئر لفٽ جئين مري يا اسلام آباد يا ايبٽ آباد جي پهاڙين تي لڳل آهن اهي لڳرايان ها، ۽ ان سان روزگار به وڌي ها، پوءِ
 ان چيئر لفٽ جو هر ڪو مزو به وٺي ها ۽ موئن جي دڙي جو هوائي سير به ڪري سگهجي ها، پر افسوس جو هر سال 
ڪروڙين رپيا انهن پيٽ بکين ڪامورن کي ملن ٿا پو
 به اهڙا منصوبا ڇو نه ٿا جوڙجن.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مڪه مڪرمه جو مختصر تاريخي احوال



اڄ کان تقريبا چار هزار (4000) سال پهريان سيدنا حضرت ابراهيم عليه اصلواته والسلام ۽ سيدنا حضرت اسماعيل عليه الصلواته والسلام جن مڪي مڪرمه جي پاڪ ۽ پياري شهر جو بيت الله شريف جي تعمير سان گڏ بنياد رکيو هو. اتي ان وقت جا موجود ماڻهو پهريان قرف تنبن ۾ رهندا هئا ۽ ان طريقي سان حياتي گذارڻ تي راضي ۽ مطمئن هوندا هئا، پر جڏهن ڪائنات جي سردار، يتيمن جي يار، حضور، پر نور، شافع يوم النشور عليه افضل الصلواته واکمل التحيات جن جي ڏاڏن مان قصي بن کلاب شام کان آيو ته پوءِ مڪي مڪرمه ۾ جايون ٺهڻ شروع ٿيون ۽ شهر ترقي ڪرڻ شروع ڪئي، مڪه مڪرمه وادي ابراهيم عليه الصلواته والسلام ۾ سمنڊ جي سطح کان تقريبا ساڍا ٽي سوءَ فٽ (350 ) جي بلنديءَ تي سمنڊ جي اوڀر واري ڪناري کان اٺيتاليهن (48) ميلن تي واقع آهي. هن وقت تقريبا اٺن (8) لکن ماڻهن جي آدمشماري آهي. هيءُ شهر مبارڪ اوڀر کان اولهه واري طرف تقريبا چار پنج ميل ۽ ويڪر ۾ اٽڪل ٻه ٽي ميل آهي، ڏکڻ ۽ اتر کان ٻن پهاڙن جي وچ ۾ آهي جن کي اخشبان سڏيندا آهن ان جي ڪري ان ۾ گرمي زياده ۽ سردي گهٽ هوندي آهي.


مڪه مڪرمه جا نالا؛ علماءِ تفسير مڪه مڪرمه جا نالا هيءُ بيان ڪيا آهن. 1- مڪه 2- بڪه 3- البلد الامين 4- المامون 5- ام رحم 6-ام القري ا 7- الصلاح 8- القادس 9- المقدسه 10- الناسته 11- الباسته 12- الخاطته 13- الراس 14- کوتاءِ 15- البينته (1)

بيت الله جا نالا؛ الله تعالي جي هن پياري گهر، مومنن جي مرڪز جا پيارا نالا هيءُ آهن.
1- الکعبته (بلند جاءِ) جئين الله تعالي ا فرمايو آهي ” جعل الله الکعبته البيت الحرام (2) ان جو سبب هيءُ آهي جو اسم مسمي ا جي شرف ۽ بلنديءَ تي دلالت ڪندڙ آهي. هيءُ گهر به دنيا جي ٻين سڀني گهرن کان بلند، بالا ۽ شاندار آهي ان جي ڪري ڪعبته سڏيو ويو آهي.

2- البيت العتيق – آڳاٽو گهر- جئين الله تعالي فرمايو آهي ”وليطوفوا بالبيت العتيق (3) هيءُ گهر به سڀني گهرن کان اڳ م بلڪ بعض جي قول مطابق آسمانن ۽ زمينن کان به اڳ ۾ آهي (4) .

3- مبارکا- برڪت وارو- هن شاندار گهر جون برڪتون ڪهڙيون بيان ڪجن هن ۾ هڪ نماز پڙهه ته هڪ لک (100000) نماز جو ثواب ملي ٿو. جئين ابن ماجه حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعالي عنه کان روايت آندي آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ترجمو: يعني پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهندڙ کي هڪ نماز جو ۽ قبيلي جي مسجب م پنجويهن (25) نمازن جو ۽ جمعي نماز ادا ڪرڻ واريءَ مسجد ۾ پنج سوءَ (500) نمازن جو ۽ مسجد اقصي ا (بيت المقدس واري ءَ مسجد) ۾ هڪ هزار (1000) نمازن جو منهنجي مسجد ۾ پنجاهه هزار (50000) نمازن جو ۽ مسجد حرام م هڪ لک (100000) نمازن جو ثواب آهي ۽ علامه ابن جوزيءَ ڪتاب فضائل مڪه ۾ عدي بن حمراءِ کان روايت آندي آهي ته رسول الله صلي الله ليه وسلم جن مڪي جي بازار ۾ بيهي فرمايو ” والله انک لخير ارض الله واحب ارض الله عز و جل ولو لا اني اخرجت منک ماخرجت” (2) يعني الله جو قسم آهي ته تون الله ڀلي زمين ۽ الله وٽ وڌيڪ پياري زمين آهين ۽ جيڪڏهن مونکي تو مان ڪڍيو نه وڃي ها ته مان پاڻهي نه نڪران ها.

”وهدي اللعالمين“ (۽ ماڻهن لاءِ هدايت) ڇو ته اهو سندن قبلو آهي ۽ ان ۾ الله تعالي جي قدرت جون عجيب نشانيون آهن جيڪي الله جل جلاله تي ايمان آڻڻ جي لاءِ هدايت ڪنديون آهن ”فيه آيات بينت “ ان ۾ چٽيون نشانيون آهن.





هتي ڪعبه شريف جون ٽي (3) خاص فضيلتون بيان ڪيل آهن،
1- هڪ ته ان ۾ قدرتي نشانيون آهن جن مان هڪ مقام ابراهيم آهي.
2- ٻيو ته جيڪو ان ۾ داخل ٿيندو ان لاءِ امن آهي ۽ اهو محفوظ رهندو. ان کي ڪو به قتل ڪري نه سگهندو.
3- ٽيون ته جنهن مسلمان کي ان تائين پهچڻ جي وسعت ۽ طاقت آهي ان تي ان جو حج ڪرڻ فرص آهي. پهرين ڳالهه (ته ان ۾ قدرتي نشانيون آهن) جي وضاحت هئين آهي ته جڏهن کان بيت الله قائم آهي ته مڪي وارن کي مخالفن جي حملي کان محفوظ رکيو ويو آهي. ابرهه ڪافر هاٿين جو لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي ته الله جل شانه، پنهنجي طرفان ابابيل پکي موڪلي انکي تباهه ڪيو. جئين سورت الفيل ۾ تفصيل سان بيان ٿيل آهي. بيت الله جي حرم جي حدن ۾ داخل ٿيڻ وارو انسان ته محفوظ آهي پر انهن حدين ۾ رهڻ وارن جانورن کي به محفوظ هجڻ جو احساس آهي، بيت الله شريف ۾ جنهن پاسي بارس وسندي آهي ته دنيا جو اهو پاسو ان سال وڌيڪ آباد ٿيندو آهي. حج جي موقعي تي جمرات (ٿنڀن) وٽ هر هڪ حاجي ست ست پٿريون روزانو هڻي ٿو ۽ هر سال لکين حاجي گڏ ٿين ٿا جيڪڏهن اهي سڀئي پٿريون اتي گڏ ٿيون پيون هجن ته وڏا ڍير ٿي وڃن ۽ ٻٽن سالن ۾ هڪ جبل بنجي وڃي پر مشاهدو ٻڌائي ٿو ته ٽنهين ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ به اتي پٿرين جو ڪو وڏو ڍير نه هوندو آهي. بس ٿوريون ٽڙيل پکڙيل نظر ايندويون آهن. جنهن جو سبب حديث شريف ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جن هيءُ بيان فرمايو آهي ته ”اهي پٿريون ملائڪ کني ويندا آهن ۽ صرف اهڙن ماڻهن جو پٿريون رهجي وڃن ٿيون جن جو حج ڪنهن وجه جي ڪري قبول ناهي“ ۽ اهو ئي سبب آهي جو اتي اتاهين پٿريون کني هڻڻ سٺو ناهي، ڇو ته اهي مقبول نه آهن. حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ارشاد جي تصديق هر ڏسڻ واري اک ڪري رهي آهي. هالانڪ اتاهين پٿرين کڻڻ جو ڪو خاص اهتمام نه حڪومت جي طرفان آهي نه عوام جي طرفان.

”مقام ابراهيم“ انهن نشانين مان هڪ وڏي نشاني مقام ابراهيم آهي جنهن کي قرآن ڪريم مستقل طور جدا ذڪر ڪيو آهي. مقام ابراهيم اهو پٿر آهي جنهن تي بيهي حضرت ابراهيم عليه الصلواته والسلام بيت الله جي تعمير ڪئي هئي، ۽ بعضي روايتن ۾ آهي ته بيت الله شريف جي تعمير سان گڏ اهو پٿر مٿي ٿيڻ وقت پاڻهي بلند ٿيندو ٿي ويو ۽ هيٺ ٿيڻ جي وقت پاڻهي هيٺ ٿيندو ٿي ويو. ان پٿر تي حضرت ابراهيم عليه الصلواته والسلام جي پيرن مبارڪن جو نشان اڄ تائين موجود آهي. ظاهر آهي ته هڪ بي حس ۽ بي شعوري پٿر م هيءُ پروڙ ته ضرورت جي موافق هيٺ يا مٿي ٿيندو وڃي ۽ هيءُ تاثر ته ميڻ وانگر نرم ٿي پيرن مبارڪن جو پورو نقش پاڻ ۾ ڇڪي رکي اهي سڀ قدرت واري جي قدرت جون نشانيون آهن جيڪي بيت الله شريف جي ڀلائي سان واسطو رکن ٿيون. اهو پٿر بيت الله جي هيٺان دروازي جي سامهون هو جڏهن قرآن ڪريم جو هيءُ هڪم نازل ٿيو ”واتخذو ا من مقام ابراهيم مصلي ا “ ابراهيم جي بيهڻ واري پٿر وٽ نماز جي جاءِ بنايو ته طواف ڪندڙن جي آسانيءَ خاطر ان کي اتاهين کني بيت الله شريف جي سامهون ڪجهه مفاصلي تي ان وقت جي طواف ڪرڻ واريءَ جاءِ کان ٻاهر زمزم شريف جي کوهه جي ويجهو نهايت محفوظ رکيو ويو آهي. بيت الله جي طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف ان کان پويان پڙهيون ويندويون آهن، ٻي ڳالهه ته ان ۾ داخل ٿيڻ وارو امن ۾ ۽ محفوظ رهندو آهي، اهو امن ۾ رهڻ ٻه قسم آهي.

(1) تفسير مظهري ص 89 ج 2 (2) تفسير مظهري ص 90 جلد 2
احسان البيان في تفسير القرآن ج 2 تان کنيل
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday 4 December 2012

روضه اقدس رسول ڪريم صه جي بي حرمتي ڪرڻ جا واقعا۔


رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم ۽ ان جا صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين حضرت ابوبڪر رضي الله عنه، حضرت عمر رضي الله عنه جي قبرن جي بي حرمتي ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي وئي آهي پاڻ ٽنهي جون مدينه منوره ۾ مسجد نبوي شريف ۾ قبرون آهن دشمنن هر ڀيري ڪوشش ڪئي ته انهن جا جسم مبارڪ قبرن مان ڪڍيا وڃن ته جئين مسجد نبوي شريف ۽ مدينه منوره ماڻهن جي توجهه جا مرڪز نه رهن شيخ محمد عبدالحق محدث دهلوي جن پنهنجي ڪتاب تاريخ مدينه ۾ ٽي وڏين سازشن جو ذڪر ڪيو آهي.


پهرين سازش؛
ابن نجار پنهنجي ڪتاب بغداد جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته 386 هه کان 411 هه تائين هڪ فاطمي حڪمران مصر جو بادشاهه هو ۽ مدينه منوره ان جي زير اثر هو هن حڪمران جي سوچ ۽ ڪوشش اها هئي ته رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم ۽ ان جي ٻن اصحابن ڪرام رضيٰ الله عنهما جا جسم مبارڪ مديني منوره کان مصر منتقل ڪيا وڃن اهڙي ريت ماڻهن جي توجه مدينه منوره جي بجاءِ مصر طرف ٿي ويندي. هن ان مقصد لاءِ مصر ۾ هڪ شاندارعمارت به جوڙائي جنهن ۾ انهن جا جسم مبارڪ رکيا وڃن ها. ان حڪمران ان مقصد لاءِ هڪ ڪارندي ابوالفتوح کي مديني موڪليو جڏهن اهو ڪارندو مديني پهتو ته مديني وارن کي ان سازش جي خبر پئجي وئي مديني وارن کي ان ڪارندي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ان ڪارندي سميت ان جي ساٿين کي قتل ڪرڻ وارا هئا ته ابوالفتوح ڊڄي ويو ۽ اهو چئي ڏنائين ته جيسين مان جيئرو آهيان ان سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندس پوءِ ڀل مصر جو حڪمران مونکي قتل به ڇو نه ڪرائي ڇڏي. ان دوران مديني ۾ هڪ وڏو طوفان آيو جنهن سان ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ جاني و مالي نقصان به ٿي پيو ۽ ابوالفتوح کي مديني مان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو. اهڙي طرح الله تعاليٰ پنهنجي حبيب صلٰي الله عليه وسلم ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن کي اهڙن مجرمن کان نجات بخشي ان حڪمران وري ٻيهر به اهڙي ڪوشش ڪئي پر اها به ناڪام ٿي. سبحان الله.

ٻي سازش؛

سمهودي جي قول مطابق عيسائين هي سازش 557 هه ۾ ترتيب ڏني ان وقت شام جي بادشاهه جو نالو سلطان نورالدين زنگي هو ۽ ان جي مشير جو نالو جمال الدين اصفهاني هو هڪ رات نورالدين زنگي پاڻ سڳورن صليٰ الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ٽي ڀيرا ڏٺو هر ڀيري رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم جن ٻن ماڻهن طرف اشارو ڪندي سلطان کي چيائون ته هنن ٻنهي جي شرارت کان مونکي بچايو (هاڻ هتي جاهل اهو سمجهندا ته پاڻ نبي صه جڏهن حاضر آهن ته اهي انهن کي سزا ڇو نه پيا ڏين جو هڪ ملڪ جي بادشاهه کان مدد ڇو ٿا طلب ڪن، ته اهڙن جاهلن کي اهو عمل ڏيکارڻ لاءِ ته دنيا وارا اهو ماجرو سمجهي سگهن ته جنهن ڳالهه جي خبر هڪ عام ماڻهو کي نه آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾ اهي دشمن ڪهڙي رٿا ڪري رهيا آهن ته پاڻ سڳورن صه الله جي حڪم سان ملڪ جي بادشاهه کي خواب ۾ اچي ڪري آگاهي ڏني ته جئين دشمنن کي ملڪ جي قانون مطابق سزا ملي سگهي ۽ عام ماڻهو کي به نبي صه جي روضه جي شان جي خبر پوي) سلطان زنگي کي ٽي ڀيرا اهو ئي ساڳيو خواب نظر آيو ته پاڻ سڳورا صه ٻن سرخي مائل رنگت جي ماڻهن طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا ته انهن جي شر کان مونکي بچاءِ. سلطان جي ننڊ اڏري وئي هن رات جو ئي پنهنجي مشير جمال الدين کي سڏرايو ۽ سڄو واقعو ٻڌايائينس. مشير چيس ته ” سلطان هي خواب ٽي ڀيرا ڏٺو آهي پوءِ به هتي ڇو ويٺا آهيو” ان ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو ۽ جلد مديني ڏانهن روانا ٿي وڃو.

اڳين ڏينهن سلطان ويهارو کن خاص ماڻهن ۽ کوڙ تحفن تحائفن سان گڏ مديني ڏانهن نڪري پيا ۽ سورنهين ڏينهن شام جي پهر اتي پهچي ويا. سلطان روضه رسول صلٰي الله عليه وسلم تي حاضري ڀري ۽ مسجد نبوي ۾ ويهي رهيو. ( هاڻ هتي به انهن لاءِ آهي جيڪي چوندا آهن ته قبرن تي وڃڻ حرام آهي، جڏهن ان وقت جا بادشاهه جيڪي بادشاهه نه پر وڏا عالم و فاضل تهجد گذار برگزيدهه الله جا پيارا به هوندا هئا، جڏهن اهي پنهنجي پياري نبي صه جي روزي تي حاضري ڀريندا هئا ته هي اڄ جا مُلا ڇو ان ڳالهه کي حرام ٿا سمجهن؟) تنهن کانپوءِ اعلان ڪرايو ويو ته اهل مدينه مسجد نبوي پهچي وڃن جتي سلطان انهن ۾ تحفا تقسيم ڪندو. ماڻهن اچڻ شروع ڪيو سلطان هر ايندڙ ماڻهو کي تحفو ڏيندو ويو ۽ هر ماڻهو کي بغور ڏسندو به رهيو پر اهي چهرا نظر نه آيا جيڪي هن کي خواب ۾ ٽي ڀيرا ڏيکاريا ويا هئا پوءِ سلطان حاضرين کان پڇا ڪئي ته ” ڇا مديني جو هر شهري مونسان ملي چڪو آهي؟“ جواب مثبت نه هو، سلطان ٻيهر پڇا ڪئي ” ڇا توهان کي يقين آهي ته هر شهري مونسان ملي چڪو آهي؟“ هن ڀيري حاضرين چيو ته ” سواءِ ٻن ماڻهن جي “ راز جيڪو تقريبن فاش ٿي چڪو هو. سلطان چيو ته ” اهي ڪير آهن؟ ۽ اهي پنهنجا تحفا وٺڻ ڇو نه آيا آهن؟“ ٻڌايو ويو ته هي مراڪش جا صوم و صلوات جا پابند ٻه متقي باشنده آهن، ڏينهن رات رسول ڪريم صه تي درود سلام موڪليندا رهندا آهن ۽ هر هفتي مسجد قبا ويندا آهن، ڏاڍا مهمان نواز آهن ڪنهن جو به ڏنو قبول نه ڪندا آهن،(هاڻ هتي اسان وٽ به هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو تبليغ جي پيغام لاءِ نڪرندا آهن وڏا نيڪو ڪار سڏبا آهن اهي به ڪنهجو ڏنو نه وٺندا آهن، انهن وٽ پنهنجو جهجهو سامان ساڻ هوندو آهي) سلطان چيو ”سبحان الله“ ۽ حڪم ڏنائين ته انهن ٻنهي کي به پنهنجا تحفا وصول ڪرڻ لاءِ گهرايو وڃي. جڏهن اهو خصوصي پيغام مليو ته انهن چيو ”الحمد لله اسان وٽ الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي اسان کي ڪنهن به تحفي جي حاجت ڪونهي“ جڏهن اهو پيغام سلطان تائين پهتو حڪم ڏنائين ته انهن ٻنهي کي فورن پيش ڪيو وڃي.

حڪم جي فوري تعميل ٿي وئي، هڪڙي جهلڪ ئي انهن جي شناخت لاءِ گهڻي هئي پر پوءِ به سلطان پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾ رکيو ۽ پڇا ڪيائين ته ” توهان ڪير آهيو؟“ هتي ڇو آيا آهيو؟ انهن جواب ڏنو ته ”اسان مراڪش جا رهائشي آهيون حج لاءِ آيا هئا سين هاڻ روضه رسول صه جي ڇانوّ ۾ زندگي گذارڻ گهرون ٿا“ سلطان سخت لهجي ۾ چيو ته ”ڇا توهان ڪوڙ ڳالهائڻ جي قسم کاڌي آهي؟“ هاڻ اهي خاموش ئي رهيا. سلطان حاضرين کان پڇا ڪئي ته هي ڪٿي رهندا آهن؟ ٻڌايو ويو ته روضه نبوي صه جي بلڪل ڀر ۾ هڪ گهر ۾ (جيڪو مسجد نبوي جي اتر اولهه واري ديوار سان لڳولڳ هو) سلطان ان مهل اٿيو انهن ٻنهي کي ساڻ ڪري ان گهر ۾ داخل ٿيا، سلطان گهر اندر گهمندو رهيو سڄو گهر نون ۽ قيمتي سامان سان ڀريو پيو هو اچانڪ هڪ فراسي تي نظر پئي ته انهن ٻنهي جا هوش ئي خطا ٿي ويا ته هاڻ ڀانڊو ڦاٽندو . سلطان فراسي کڻي ڏٺو ته ان هيٺان تازي کوٽيل هڪ سُرنگهه هئي سلاطان رڙ ڪندي چيو ” ڇا هاڻ به توهان سچ نه ڳالهائيندئو؟“

انهن وٽ سچ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪا به واٽ نه هئي انهن اهو اعتراف ڪيو ته اهي عيسائي آهن انهن جي بادشاهه گهڻو ساز وسامان ڏئي حاجين جي روپ ۾ مراڪش کان هن منصوبي تي حجاز موڪليو هو ته ڪهڙي به ريت رسول اڪرم جو جسد اقدس روضه مبارڪ کان ڪڍي اچن. (هاڻ هتي به هڪ ڳالهه دليل بڻجي ٿي ته غير مسلمن کي به اهو اعتقاد هو ته نبي ڪريم صه جن جو جسم مبارڪ صحيح سلامت آهي جنهن عقيدي موجب ته نبين جو جسم زمين ۾ ان ئي حالت ۾ هوندو آهي، هاڻ انهن کي اهو ٻڌائجي جيڪي اسان جي سهڻي نبي صه کي فوت ٿيل سمجهندا آهن، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هڪ شهيد جو لاش اصلي حالت ۾ هوندو آهي ٻيو نبين جو، جنهن مان ثابتي ٿئي ٿي ته منهنجي سهڻي نبي پاڪ صه سميت سمورا نبي زندهه پنهنجي اصلي حالت ۾ قبرن ۾ آهن اهو اسان جو نه پر هر اهل ڪتاب جو اعتقاد آهي هاڻ اهي قبرون ظاهري ته دنيا جي خطي تي آهن پر رب العالمين وٽ انهن جي قبرن جو مقام ڇا هوندو اهو اسان جهڙو اٻوجهه نٿو سمجهي سگهي)
انهن جي ان ناپاڪ منصوبي جي تڪميل لاءِ انهن حج جو بهانو ڪيو ان بعد روضه رسول صه جي لڳو لڳ هڪ گهر ڪرائي تي ورتائون جنهن کان پوءِ اهو مذموم ڪم شروع ڪري ڏنائون اهي سڄي رات سرنگهه کوٽيندا هئا جنهن جو منهن روضه رسول صه ڏانهن ئي هو هر صبح جو رات جي کوٽيل مٽي چمڙي جي ٿيلهي ۾ وجهي جنت البقيع ۾ قبرن مٿان کنڊائي ايندا هئا. انهن ٻڌايو ته انهن جي ناپاڪ جاکوڙ بس آخري مرحلن ۾ هئي ته هڪ رات تيز مينهن پوڻ سبب زلزلو اچي ويو وري جڏهن ٻيهر اهي پنهنجي مقصد کي پهچڻ وارا هئا ته خبر نه آهي سلطان ڪئين مديني پهچي ويو.

سلطان نورالدين زنگي حڪم ڪيو ته هن ٻنهي کي قتل ڪيو وڃي، روضه رسول صه جي چوگرد هڪ خندق کوٽائي وڃي ۽ ان ۾ رجيل سيهي سان ڀرائي وڃي ته جئين اڳتي ڪنهن به بد بخت اهڙي مذموم ڪريل حرڪت بابت سوچي به نه سگهي. ۽ سلطان هڪ دڪو به ٺهرايو ۽ ان مٿان هڪ پهريدار به مقرر ڪرايو اهو دڪو اڄ به موجود آهي ۽ باب جبرئيل کان داخل ٿيندي ئي سڄي هٿ تي موجود آهي. ياد رهي ته ان دڪي جي اڏاوت بابت ڪيترائي اختلاف پڻ آهن ته اهو دڪو اصحاب صفه جو ئي دڪو چيو ۽ لکيو ويندو آهي. والله عالم
مٿيون واقعو 557 هه جو آهي.

ٽين سازش؛

طبري پنهنجي ڪتاب الرياض النضرهه ۾ هن ڳالهه جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته؛ حلب شهر (شام) جا ڪجهه ماڻهو مدينه منوره آيا ۽ مديني جي گورنر لاءِ ڪيترائي بي بها تحفا آندائون ۽ انهن جي خواهش هئي ته روضه مبارڪ ۾ داخل ٿي حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضي الله عنهما جي جسمن مبارڪن کي هتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيون گورنر جي به فرقيواريت جي مذهبي سوچ پڻ اها هئي ته ٻنهي اصحابه جا جسم مبارڪ هتان ڪڍرايا وڃن ۽ انهن کي اجازت ڏئي ڇڏيائين ۽ گورنر مسجد جي خادم کي حڪم ڪري ڇڏيو ته رات جي پهر ڪجهه ماڻهو اچن ته انهن لاءِ مسجد جو دروازو کولي ڇڏجان ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرن مداخلت نه ڪجانءِ.

سومهڻي (عشاء) جي نماز کان گهڻي دير بعد ڪنهن باب السلام تي دستڪ ڏني خادم مسجد جو دروازو کوليو لڳ ڀڳ چاليهه ماڻهو مسجد اندر داخل ٿيا انهن وٽ ٽوڙ ڦوڙ ۽ کوٽائي ڪرڻ جو سڀ سامان موجود هو خادم ڊڄي پاسي تي ٿي ويو اهي ماڻهو روضه رسول اڪرم صه ڏانهن وڌڻ لڳا اڃا منبر تائين ئي نه پهتا هئا ته اچانڪ هيٺان زمين ڦاٽي پئي اهي سڀ جا سڀ پنهنجي سامان سان گڏ زمين اندر دفن ٿي ويا.

گورنر انهن ماڻهن جي انتظار ۾ پچي ۽ پڄري رهيو هو بالآخر خادم کي گهرايائين ۽ انهن ماڻهن بابت دريافت ڪيائين ته ڪاڏي ويا. خادم سڄو سارو واقعو ٻڌايو تنهن تي گورنر چيو اهو وري ڪئين ٿي سگهي ٿو تون يقينن پاڳل آهين. خادم گورنر کي اهو لقاء اکين سان ڏسڻ جي دعوت ڏني، جڏهن گورنر اهو سمورو لقاءِ اکين سان ڏٺو ته خادم کي چيائين ته هن ڳالهه بابت ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجانءِ نه ته تنهنجو ڌڙ سسي کان ڌار ڪري ڇڏيندس.

.ترجمو؛ اي محبوب ياد ڪيو جڏهن ڪافر توهان سان مڪر ڪندا هئا ته توکي بند ڪري ڇڏين يا شهيد ڪري ڇڏين يا ڪڍي ڇڏين۔ ۽ اهي پنهنجو اهو مڪر ڪندا هئا ۽ الله پنهنجي خفيه تدبير فرمائيندو هو ۽ الله جي خفيه تدبير سڀ کان بهتر آهي۔ سوره الانفال۔


ترجمو؛ اي رسول پهچائي ڇڏيو جيڪو ڪجهه توتي لٿو تنهنجي رب جي طرف کان۔ ۽ ائين نه ٿئي ته تو ان جو ڪو به پيغام نه پهچايو ۽ الله تنهنجي نگهباني ڪندو ماڻهن کان۔ بيشڪ الله راهه نه ڏيندو آهي ڪافرن کي۔


هاڻ توهان هتي ڏسي سگهو ٿا ته اهي مٿين ٽنهي واقعن مان اسان کي ڪهڙو سبق ملي ٿو، حق تي ڪير آهي ۽ گستاخ ڪير آهي ۽ الله سبحانه وتعالى جا مقبول ترين ٻانها ڪهڙا آهن ۽ قدرت الىهي ڇا آهي۔
دعا آهي ته الله پاڪ سڀني مسلمانن جي دشمنن ۽ نبي صه جي گستاخن جيڪي مسلمان پڻ سڏرائن ٿا انهن جي برين حرڪتن، سازشن کان پناهه ۾ رکي ۽ سڀني مسلمانن تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم نازل فرمائي۔ آمين
صلي الله عليه وسلماَ تسليماَ ڪثيرا۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڊائري جو ورق


ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان سال جي مليل ڊائري هڪ ئي ڏينهن ۾ لکي وٺان، لکڻ جي اها سگهه ڌڻي پاڪ طرفان مون لا تحفو آهي، اندر جي سمورن احساسن جي اهڙي ته چٽسالي ڪيان جئين لطيف جي مزار تي ڪاشي جو ڪم چٽيل آهي، سونهن ۽ سندرتا سان ڀريل منهنجا پنهنجا احساس جيڪي منهنجي ميراث آهن جن تي منهنجي حڪومت آهي پر اها ميراث پروردگار پاران مليل آهي ان ڪري مان ان ميراث جو بادشاهه به نٿو بڻجي سگهان، مان ته هڪ گيڙو فقير آهيان جيڪو پنهن من جي اٿاهه رڻ ۾ رلندو رهي ٿو۔ مان اهو فقير آهيان جو پنهنجي ئي وجود ۾ پنهنجا ڏک، سک، پنهنجي اذيت ،پيڙا ، ڪوفت، ماڻهن پاران مليل ذلت، بي حيائي، بڇڙائپ۔ علم جي شوق، ذوق، فڪر، ذڪر، رب ڌڻي جي عبادت، ان جي حبيب صه جي عشق، علم مان عطا ٿيل ڏاهپ ۽ محبوب جي هڪڙي مرڪ ۽ ان جي بدن واري سڳنڌ سان واسيل جذبن جي خيرات پنندو وتان ٿو ۽ اهو ئي منهنجو ڪل سرمايو آهي جنهن کي مون سانڍي رکيو آهي۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>