امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 18 December 2023

قافلن جو سفر ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين

محترم عنايت کٽياڻ صاحب جي ٿورن سان. 🌹

13 مئي 1861ع تي ڪوٽڙي ڪراچي ريل لائين جو افتتاح ٿيو ان کان پھرين ۽ ڪجھ عرصو پوء تائين ھيٺن رستي ۽ منزلن کي طع ڪندي قافلا ڪراچي بندر  کان ڪوٽڙي  بندر تي پھچندا ھيا ان جي تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي ۽  پڙھندڙن کي خبر پوي ته ھن وقت اسين ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو فاصلو طع ڪيون ٿا اھيو ماضي ۾ ڪيئن ھيو ڪيترو وقت درڪار ھيو . جي وھٽ تي سفر ڪبو ھيو ته 36 ڪلاڪ لڳندا ھيا ۽ ڪراچي کان ڇھ منزلون ٿينديون ھيون جن جو تفصيل ھن ريت آھي 


..


1 منزل-

 ڪراچي بندر  کان لانڍي تائين 

 12 ميل مفاصلو ھيو ، ڇھ ميلن تائين رستو سخت ۽ سٺو ھيو ۽ اڳيان وارياسو ھيو لانڍي ۾ ڌرمشالا (مسافر خانو) ھيو پاڻي جام ملندو ھيو ۽ قافلي جي اٺن کي چارو ملندو ھيو 

2منزل - 

لانڍي کان پپري تائين 

ساڍا 10 ميل مفاصلو ھيو رستو سٺو ھيو پاڻي ملي ويندو ھيو 

3منزل -

 پپري کان گھارو 

انھن جي درميان 15 ميل مفاصلو ھيو رستو ڪجھ سٺو ھيو برسات کان پوء سفر جي قابل نه ھوندو ھيو گھاري ۾ ڌرم شالا ۽ ٿاڻو ھيو 

4 منزل


 -

گھارو کان ٺٽو

ھن جي درميان مفاصلو 22 ميل ھيو رستي ۾ گُجي جو ڳوٺ ايندو آھي ، رستو ڪجھ ٽٓڪرائتو ھيو شيخ راڌڻ جي مقبري وٽان لنگھندو ھيو اتي  ڌرم شالا ڊسپينسري، ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو ھيو رستي ۾ کاڌي پيتي جون شيون جام ملي وينديون ھيون پاڻي کوھن مان ملندو ھيو ،

5منزل -


 

ٺٽو کان جھرڪ 

ھن جي درميان 32 ميلن جو فاصلو ھيو رستو سڌو سنئون ھيو ھلايا ۽ سونڊن ۾ ڌرمشالا ھئي ۽ تنبو لاڳائڻ جو پڻ ميدان ھيو جتي قافلا پڙاء ڪري سگھن ، جھرڪ شھر ترقي تي ھيو خواجه قبيلو گھڻائي ۾ رھندو ھيو اتي درياه جو  پتڻ پڻ ھيو ، ھتي ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ، ڌرمشالا ، ڊسپينسري ٽپال گھر پوليس ٿاڻو ۽ تنبو لاڳائڻ جو ميدان موجود ھيو ، 

6 منزل


 -

 جھرڪن کان ڪوٽڙي 

 جي درميان 34 ميلن جو مفاصلو ھيو ، رستو چڱو ھيو ڪوٽڙي لاء رستو  نئين بارڻ وٽان  گذرندو  ھيو ، ڪوٽڙي ۾ مسافر بنگلو ھيو ، ڌرمشالا اسپتال ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو به ھيو کاڌي پيتي جون شيون راه ۾ ملي وينديون ھيون . 

ائين سائين سامان جي ترسيل  مٿين علائقن مان ڪوٽڙي کان ڪراچي بندر اٺن وارن قافلن تي ٿيندي ھئي ، پوء سامان سکر روھڙي سيوھڻ کان ٻيڙين ۾ اچي ڪوٽڙي بندر تي لھي اٺن جي قافلن ۾ ڪراچي ويندو ھيو ڇو ته بحري رستو ڪراچي لاء ڏورانھون ھيو . ڪيپٽن پريڊي پنھنجي رپورٽ جنھن جو حوالو 1876ع واري گزيٽيئر ۾ به موجود آھي ته ،نومڙيا قبيلي جا چار مکيه سردار ھينئر به سُنگ طور نٿ (ٽيڪس ) وٺن ٿا جيڪا سيوھڻ ۽ ڪراچي توڙي ڪراچي کان ڪوٽڙي جي جابلو علائقن منجھان ايندڙ ويندڙ ڪاروباري قافلن کان ھڪڙي قسم جو ڀُنگ وٺن ٿا ڪراچي توڙي ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانھن ويندڙ قافلن ۾ شامل في اُٺ تان ڏيڍ آنو ورتو وڃي ٿو انھي نٿ کان پوء نومڙيا سردار سموري واپاري سامان ، اُٺن ۽ ماڻھن جي بچاءُ جي ضمانت ڏين ٿا نومڙيا سردار ھر قافلي سان پنھنجا ٻہ ماڻھون يا وڌيڪ قافلي جا نگھبان ڪري موڪلين ٿا .  اھيو ٻڌائيندو ھلان ته  

 ريل رستي جي قائم ٿيڻ  کان پوء باربرداري ريل رستي ٿيڻ لڳي ، ريل ۾ في سواري ٻہ آني ۾ ڪوٽڙي کان ڪراچي پھچندي ھئي 


.

🌻ڪتاب ڪوٽڙي جي ڪھاڻي مان ورتل 🌻الطاف صديقي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday 22 November 2023

انسانيت تي AI جو اثر

"


مستقبل قريب ۾، هٿرادو ذهانت (AI) دنيا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ تيار آهي جيئن اسان ڄاڻون ٿا. خودمختيار گاڏين کان ترقي يافته صحت جي سار سنڀار تائين، AI جا ڪارائتا اثرات ظاهر ٿيڻ وارا آهن 


روزگار، نوڪرين، ۽ مزدوري ڪرڻ جي معاملن ۾ پڻ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي. جنهن ۾ AI پنهنجو عمل دخل ترقي جي حاصلات ۾ ڪردار جاري رکندو، عام واهپي جا ڪم خودڪار ٿي ويندا، جڏهن ته ان جا تمام خوفناڪ اثرات پڻ ظاهر ٿيندا. 


صحت جي سار سنڀار جي لاءِ AI هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي تشخيص ۽ علاج جي منصوبن ۾ وڌيڪ صحيح بيمارين جي سڃاڻپ ۽ دوائن جي استعمال بابت پڻ مددگار ثابت ٿيندي. 


تعليم بابت AI پنهنجو هڪ الڳ ڪردار ادا ڪندي، سکيا وارو نظام تعليمي تجربن کي انفرادي ضرورتن مطابق مدد ڏيندي، سکيا لاءِ وڌيڪ مظبوط ۽ بهترين طريقي کي اسان لاءِ آسان ڪندي ۽ حقيقتن جي پس منظر کان اسين ڪوهين ڏور ٿي ويندا سين. 


جيئن ته اسان کي AI تي هلندڙ مستقبل بابت جاچڻ جي پڻ گهرج پوندي، سائبر سيڪيورٽي لاءِ بهتري جي ضرورت آهي. AI سسٽم اندر ايندڙ خطرن کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي . رازداري واري ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ AI ٽيڪنالاجي خطرن کي روڪڻ تمام ضروري هوندو.


جڏهن ته AI جا فائدا ناقابل بيان آهن، جنهن جي نتيجي ۾، مستقبل جي دنيا جيڪا AI پاران ٺاهيل هوندي، جيڪو انسانيت لاءِ وڏو چئلينج پڻ آهي ۽ انسانيت جي بهتري لاءِ AI جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ڪرڻ لاءِ اهم هوندو ته پنهنجا اخلاقي اقدار ۽ انسان دوستي ۽ فطرت جي قانونن کي پڻ هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي ۽ اسان جي حڪومتن کي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته جتي دنيا جي آساني ٿيندي اتي انسانيت جي تباهي جو ڪو مثال نه ملندو.


منظور ڪلهوڙو.

ڪراچي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday 17 November 2023

دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ سرورس.. چائنه وري گيء کڻي ويو...



چين دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان هڪ آهي جنهن جي ٽيڪنالاجي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. چين ۾ الڳ الڳ نيون ايجادون ۽ جديديت متعارف ڪرايون وڃن ٿيون، هن ٽيڪنالاجي واري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.


چين دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جي رفتار جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اها 1 سيڪنڊ ۾ 150 فلمون ڊائون لوڊ ڪري سگهندي.


سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب چيني ڪمپنين دنيا جو تيز ترين انٽرنيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت سندن دعويٰ آهي ته اها 1.2 ٽيرابيٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان مواد منتقل ڪري سگهي ٿي.


جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي متعارف ڪرايل هن سروس جي رفتار موجوده انٽرنيٽ کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ تيز هوندي. اهو Tsinghua يونيورسٽي، چائنا موبائل، Huawei ٽيڪنالاجيز ۽ Sernet Corporation جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبو آهي.


ترجمو ٿيل....

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday 14 November 2023

ٻيو ڪو به توهان جي چيٽ پڙهڻ جي قابل نه هوندو ڇو ته. WhatsApp ڪهڙي فيچر شروع ڪرڻ وارو آهي جيڪو توهان جي چيٽ کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو؟


واٽس اپ هاڻ پنهنجي صارفين جي ڳُجھ کي نظر ۾ رکندي هڪ ٻيو وڏو فيچر شامل ڪيو آهي. ان فيچر سان صارفين جي واٽس اپ چيٽ کي ٻين ماڻهن کان محفوظ رکيو ويندو ۽ ڪو به توهان جي چيٽ کي پڙهي نه سگهندو.
image.png


ميٽا جي ملڪيت واري ايپليڪيشن واٽس اپ هڪ فيچر شامل ڪيو آهي جنهن کي سيڪريٽ ڪوڊ سڏيو ويندو آهي.

هي فيچر صرف Android ڊوائيسز لاءِ WhatsApp جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

WABetaInfo رپورٽ ڪري ٿو ته چيٽ لاڪ فيچر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ ڳجهو ڪوڊ شامل ڪيو پيو وڃي.

ڳجهي ڪوڊ جي خاصيت سان، صارف پنهنجي لاڪ ٿيل چيٽس کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهندا.

اهي انهن چيٽس کي فون ان لاڪ طريقي سان محفوظ ڪري سگهندا ۽ ان سان گڏ هڪ ڳجهي ڪوڊ پڻ.

ياد رهي ته چيٽ لاڪ نالي هڪ فيچر مئي ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ذريعي مختلف چيٽس کي فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته انهن تائين رسائي فون ان لاڪ طريقي سان ڪارآمد هوندي آهي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday 31 October 2023

منهنجا پکي مونکان رُٺل آهن

مُنهنجا پٙکِيء مُونکان رُٺل آھن

جھرڪِي اِن پٙکِيء کان ڪير واقف نه آهي، جيڪو سج جي پهريٙن شُعاعُن تي صبح جو اعلان ڪري ٿو. شام جو به ساڳيو شور ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. هڪ ننڍڙو پٙکِيء. گهرن ۾ اڱڻ تي هِي اُڏامندٙي نظر اچن ٿيون. ٿوري ئي آواز تي خوف ۾ ڀڄي وڃن ٿيون. بُنيادِي طور تي اِھي جیت ڪيڙا ۽ حشرات خور جانور آھن. اهي پکين جي خاندان Domesticus Passer سان تعلق رکن ٿیون. هي سُهڻا پٙکِيء جيڪي ڪجهه سال اڳ تائين هر گهر جي رونق هوندا هُئا. هاڻي آهستي آهستي اسان کان رُٺل آھن. اُنهن جو تعداد تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. هاڻي، اڳ وانگر، صبح جو، نه شام ۾ اُنهن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

بقول شاعر:
هاڻي شام اچي ٿي خاموشي،
اڳي پکيٙن جا آواز هئا.

اُن جا ڪيترائي سبب آهن. انهن ۾ وڻن جي کوٽ، فصلن تي جراثيم ڪش ڪيميائي مادن جو استعمال، ماحولياتي آلودگي، ٽريفڪ ۽ ٻيا مُداخلت ڪندڙ شور، جديديت ۾ واڌارو، شهري ضرورتن ۾ اِضافو، شهرن ۾ ڪنڪريٽ جو استعمال شامل آهن. پراڻي اڏاوت جيڪا هاڻي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ڇو ته پکيٙن لاءِ آکيرو ٺاهڻ لاءِ مناسب جاءِ نه آهي.
ڪورونا جي وبا دوران جڏهن ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محصور ٿي ويا ته ٻين جانورن سان گڏ پکيٙن کي به ساهه کڻڻ جو موقعو مليو.
هر سال 20 مارچ تي پکيٙن جو عالمي ڏهاڙو اِن احساس سان ملهايو ويندو آهي ته ڪيئن اسان پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن جانورن جي ڄاڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيا آهيون. پکيٙن جو مناسب تعداد ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ فصل لاءِ نُقصاندہ جیت ڪيڙا حشرات جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اِهي حشرات جيڪي پکي پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن فصلن لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندا آهن. هي ڪيڙا فصلن جي پنن ۽ پاڙن تي حملو ڪري فصل کي تباهه ڪن ٿا.
ان کان سواءِ مون سون جي برساتن کان پوءِ جڏهن هزارين حشرات جِیت ڪيڙا ظاهر ٿيندا آهن ته اهي پکي به اُنهن حشرات جِیت ڪيڙن جي صفائي ڪندا آهن. پکي ٻج جي پکيڙ جو قدرتي ذريعو آهن. ماحولياتي آلودگي جا قدرتي اشارا آهن. شڪاري پکين جو کاڌو آهن. ۽ سڀ کان وڌيڪ، اُهٙي قدرتي ڳائڻا گلوڪار آهن، جيڪو ماحول جي حُسن جو هڪ لازمي حصو آهن.
پکي ايشيا سميت سڀني براعظمن تي ملن ٿا. لنڊن جي رائل سوسائٽيءَ جي تحقيق موجب پکيٙن ۽ انسانن جو باهمي تعلق يارنهن هزار سال پراڻو آهي. هڪ ريسرچ موجب سڄي دنيا ۾ اسپروز جھِرڪيٙن جي تعداد ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

اسان ڇا ڪري سگهون ٿا ته پکيٙن کي واپس آڻڻ لاءِ؟

اسان جِي محنت ۽ محبت سان پکي واپس ايندا، ان ڪري وڌ کان وڌ وڻ پوکيو، گھر جي ڇت تي پاڻي رکو، انهن لاءِ گهر ٺاهيون، پنهنجي گهرن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جراثيم ڪش دوائن جو استعمال نه ڪريو، ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻيو. جديديت جي چڪر ۾ اسان پنهنجي ماحول ۽ ٻارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

ليکڪ، فيصل نظاماڻي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 23 October 2023

High CPMs with Adsterra

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تيز هلڻ جا فائدا

ليليسٽر يونيورسٽي جي محققن 391,652 ماڻهن جو جائزو ورتو جن جي سراسري عمر 57 سال هئي.



ريسرچ موجب، تيز هلڻ وارا (6.4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ جي رفتار سان) ڪينسر يا دل جي دوري کان مرڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن.
سائنسدانن جو خيال آهي ته تيز هلڻ صحت کي بهتر بڻائي ٿو ۽ بيمارين کان بچائي ٿو. پر سائنسدانن واضح ڪيو ته انهن جا نتيجا صحتمند ماڻهن لاءِ آهن جيڪي تيز هلڻ جي قابل آهن.

مطالعي ۾ شريڪ ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن پنڌ جي رفتار.  (4.8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان گهٽ)، وچولي (4.8 ۽ 6.4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي وچ ۾) يا تيز (6.4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ) شامل آهن.

انگن اکرن موجب صرف 6.6 سيڪڙو ماڻهن گهٽ رفتار تي هلڻ جو چيو، 52.6 سيڪڙو ماڻهن وچولي رفتار تي هلڻ جو چيو جڏهن ته 40.8 سيڪڙو ماڻهن تيز رفتاري تي هلڻ جو چيو.

مطالعي ۾ شرڪت ڪندڙن کي 13 سالن تائين مانيٽر ڪيو ويو ۽ ان دوران 22,000 موت رڪارڊ ڪيا ويا.

پروگرس ان ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز ۾ شايع ٿيل مطالعي جي نتيجن مان معلوم ٿيو ته جيڪي عورتون تيز رفتار سان هلن ٿيون انهن ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مرڻ جا امڪان 26 سيڪڙو گهٽ هئا انهن جي مقابلي ۾ جيڪي نه هلن ٿيون، انهن مردن جي مقابلي ۾ جيڪي ائين ڪن ٿيون انهن ۾ 29 سيڪڙو گهٽ هئي.

عورتون جيڪي تيز رفتاري سان هلن ٿيون انهن ۾ دل جي بيماريءَ سبب مرڻ جا امڪان 60 سيڪڙو گهٽ هئا، جڏهن ته مردن ۾ مرڻ جا امڪان 62 سيڪڙو گهٽ هئا.و.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday 21 October 2023

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مولود شريف

 

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday 19 October 2023

دنيا جي تبديلي

 هن وقت دنيا گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي، انٽرنيٽ هاڻ انسان لاءِ تمام گهڻو ضروري بڻجي پيو آهي، مصنوعي ذهانت واري مشين اچي چڪي آهي، هاڻ هر ڪم روبوٽ ڪري رهيو آهي، طاقتور سو سيڪڙو وڌيڪ طاقتور بڻجي ويو آهي، غريب ملڪ قرضن ۾ ڦاسي پيا آهن، دنيا دولت انسانن جو دين ۽ ايمان بڻجي ويو آهي، هرڪو پئسي ڪمائڻ جي ڊوڙ ۾ جنبجي ويو آهي، فحاشي، بي حيائي پنهنجي عروج تي آهي، مظلوم جي ڪا به داد فرياد ناهي، ملڪن جا حڪمران سياست کي هاڻ ڪاروبار سمجهي ڪري رهيا آهن، غريب انسان جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، ٽئين عالمي جنگ جو امڪان واضح نظر اچي رهيا آهن. 

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>