امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday 28 March 2013

جبلن جو سلام ڪرڻ۔

فرمان مصطفى صلي الله عليه آله وسلم آهي ته جيڪو شخص مون تي دورد پاڪ پڙهڻ وساري ويٺو اهو جنت جو رستو وساري ويٺو۔۔طبراني

جبلن جو سلام ڪرڻ۔

امير المؤمنين حضرت سيدنا علي المرتضي ا رضي الله تعالي ا فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري مان حضور انور صلي الله عليه وسلم جن سان مڪه مڪرمه ۾ هڪ طرف گڏجي نڪتس ته مان ڏٺم ته رستي ۾ جيڪي وڻ ۽ پهاڙ ٿي سامهون آيا ته انهن مان ” اَسَلَامُ عَلَيڪَ يَا رَسُولَ اللهِ“ جي آواز اچي ٿي ۽ مان پاڻ ان آواز کي پنهنجي ڪنن سان ٻڌي رهيو هيس۔۔

(سنن الترمذي، الحديث 3646، ج 5، صفحه، 359)

آ نه گڏيس پرين کي، سرتيون ٿي سانجهي،
لا اله الاالله محمد رسول الله چئي، ٿيس وهمن کان واندي!
پنهون پيراندي، شل مون نماڻي نصيب ٿئي۔

سڀني سڄڻ کي سڪ ڀريو سلام ۽ جمع جي ڏينهن جون لکين لکين مبارڪون، جمع جي نماز جي پابندي ڪندي غسل ڪري، سهڻا ڪپڙا پهري، ڏندڻ ڏئي ، خوشبو لڳائي، با وضو ٿي مسجد سونهاري طرف روانه ٿيو ۽ باادب ٿي خطبو ٻڌي فرض ادا ڪري الله پاڪ جي سهڻي بارگاهه ۾ دعا لا هٿ کڻو ته مون مسڪين کي به پنهنجي دعا ۾ ياد ڪجو الله پاڪ ان جو اوهان کي وڏو اجر عظيم عطا ڪندو۔۔آمين ثم آمين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday 6 March 2013

رني ڪوٽ تي هڪ سرهي شام



رني ڪوٽ جي باري هر ساڃاهه وند باشعور سنڌي توڙي هر عام ۽ خاص ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو۔ ڪيترائي تاريخي ليک هن سنڌ جي عظيم شاهڪار بابت انٽرنيٽ توڙي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي۔ سنڌ جي هن عظيم ماڳ کي پسڻ لا ڪجهه سڄڻن هڪ پروگرام رکيو۔ جنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لا اسان کي به دعوت نامو ڏنو ويو نهايت خوشي ٿي رهي هئي جو مان پهريون ڀيرو هن ماڳ کي ڏسڻ وڃي رهيو هئس بتاريخ 3 مارچ بروز آچر تي صبح جو 8 وڳي ڪراچي سچل ڳوٺ کان دوستن سان گڏ روانا ٿيا سين، جن دوستن مونکي دعوت ڏني انهن کان علاوه مان ڪنهن به دوست سان پهريون ڀيرو ملي رهيو هئس ان ڪري ڪيترائي سهڻا دوست پڻ ان ساٿ م ملي ويا جن سان سفر دوران پنهنجي مٺي ٻولي ۾ ڪچهرين جو سلسلو هلندو رهيو، ڄامشورو کان ٿورو ٻاهر هڪ هوٽل تي ناشتي جو بدوبست ٿيل هو ان کان پو رني ڪوٽ لا روانا ٿيا سين، رهبر سنڌ جي شهر سن جي لڳو لڳ ڪراچي کان ويندي کاٻي پاسي 32 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رني ڪوٽ جو شاندار قلعو اونچن پهاڙن جي سلسلي جي مهاڙي ۾ ڪنهن سنڌ جي جوڌي جيان اوڇو ڳاٽ کنيون پري پوري کان نظر ايندڙ اهو قلعو پنهنجي سنهري سنهري پٿرن سان اهڙا ته تجلا ڏيندي ڏيکارجي رهيو هو جو ائين ٿي لڳو ڪنهن نفاست سان سموري جي سموري قلعي تي سوني پاڻي سان راڳو ڪيو هجي اوڀر کان اڀرندڙ سج جا ڪرڻا چمڪاٽ ڪري قلعي جي ديوارن سان ٽڪرائجي هڪ هڪ وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيا هئا۔ جئين جئين قلعي طرف ڌوڪيندا ٿي ويا سين تئين قلعي جي سونهن من کي موهيندي ٿي وئي، هيڏي وڏي اوچائي تي اڏيل سنڌ ڌرتي جي لڳ ڀڳ ٻه هزار پنج سئو پورهيتن جي پگهر سان جُڙي راس ٿيل هي شاندار قلعو سنڌ جي ئي مالي خزاني مان جڙيل هي شاندار قلعو سنڌ جي ان وقت جي خوشحالي جو جيئندو جاڳندو مثال آهي۔ هن قلعي بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون پڻ آهن۔ پر مان سمجهان ٿو ڪجهه به هجي ڪير ڇا به چوي ته ڪنهن ايران جي بادشاهه، يا رومانيه سلطنت وارن ، يا ڪنهن ٻئي طاقتن جوڙايو پر مان هڪ ئي ڳالهه ڪندس ته سنڌ جي پورهيتن ، سنڌ جي رازن، سنڌ جي خزاني سان جڙيل هي دنيا جو وڏي وڏي ۾ وڏو قلعو سنڌ جي ئي ميراث آهي جنهن تي اسان جيترو به ناز ڪيون اهو گهٽ آهي۔





هي مک دروازي جي ڏيک آهي جنهن کي سن گيٽ چيو وڃي ٿو۔




رني ڪوٽ قلعي تي پهچي هر ڪو دوست قلعي جي سونهن بابت ويڇار ڪندي ٽهڪڙا ڏيندي ۽ هن دور ۾ هن ماضي جي شاندار قلعي جي حالت کي اجڙيندي ڏسي پڻ ساڃاهه وندن جو اکيون ڏکاري هئڻ جو ڏيک ڏئي رهيو هيون، يقينن ساڃاهه وند جيڪي ڌرتي جي ذري ذري سان چاهه رکن ٿا انهن جا سينه ڌرتي جي قومي ماڳن کي اجڙندي ڏسي رت جا ڳوڙها پڻ ڳاڙيندا رهن ٿا ته اسان ڪهڙو پيغام دنيا تائين پهچائي رهيا آهيون ته اسان هيڏو شاندار ماضي رکندڙ تهذيب يافته قوم اڄ پنهنجن ئي انهن ماڳن کي محفوظ نٿا ڪري سگهن جيڪي مجبوري ۽ محڪومي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن ته اهي ڪهڙي ريت هنن ماڳن کي محفوظ ڪن۔۔۔ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا؟؟؟؟



هي ميري ڪوٽ جو اندريون منظر آهي جيڪو کنڊرات جي شڪل ٿي ويو آهي




اهڙي ريت اسان اندر داخل ٿي ميري ڪوٽ کي به گهمي ڏٺو سين ۽ اتي پهچندي مانجهاندو ڪرايو ويو جيڪو اتان جي ويجهڙائي ۾ اسان سان گڏ هڪ دوست جو ڳوٺ هو اتان ان جي مائٽن مانجهاندي جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ نج روايتي کاڌا کارايا ويا جنهن ۾، مکڻ، لسي، جوئر جي ماني ۽ ڀينڊين جي ٻوڙ سان گڏ مرغي به شامل هئي، رني ڪوٽ جي قلعي اندر اهڙي مهمان نوازي مرڻ گهڙي تائين وسارڻ جهڙي ڪونهي۔۔


















مانجهاندي جو ڏيک جنهن ۾ ڀينڊين جو ٻوڙ، مکڻ، لسي ۽ جوئر جون مانيون




ميري ڪوٽ جيڪو مک سن گيٽ کان 2 يا 3 ڪلوميٽر اندر اتر اولهه واري ڪُنڊ طرف آهي،، جتان گذرندي ٻه ننڍيون نديون به پار ڪرڻيون پون ٿيون انهن ندين مٿان حڪومت پاران پُلون جوڙڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي پر ٻڌو ويو آهي ته اهو هن وقت گهڻي عرصي کان بند پيل آهي جنهن سبب اندر ويندي ندين مان اُڪرندي گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي۔۔ ۽ برساتن جي ڏهاڙن ۾ اندر رهندڙ اتان جي مقامي ماڻهن کي وڏي مشڪلات پيش اچي ٿي۔۔






هي مِيرِي ڪوٽ جي مک دروازي جو ڏيک آهي۔






هي اها پهرين ندي آهي جيڪا سن گيٽ کان ٿورو اڳتي آهي ۽ مٿان تعميراتي پُل به نظر اچي ٿي۔




اهڙي لذيذ مانجهاندي کانپوءِ نماز ظهر ادا ڪئي سين ان کان پوءِ سڄڻن کان معلوم ٿيو ته اڄ اسان جو هتي اچڻ جو مقصد هڪ ته اهو آهي ته اسان کي اهو معلوم ٿئي ته اسان وٽ ايڏو شاندا ماضي آهي ۽ ان سان گڏ اسان سڀني کي پنهنجي پنهني سگهه آهر اهڙن ماڳن کي گهڻ جو سلسلو جوڙڻ گهرجي ۽ هتي اچي ڪري اهو پيغام دنيا تائين پهچائجي ته اسين هڪ مهذب قوم آهيون۔ ۽ ٻي اها خبر پئي ته اسان سان گڏ هتي سنڌ ڌرتي جو سهڻو شاعر ”عبدالغفار تبسم“ جن سان به سرهي شام ملهائڻ اچي ٿو۔ جن سان دوستن جو اڳ ئي پروگرام رٿيل هو، جيڪا ڳالهه اتي پهچي ڪري خبر پئي۔۔ نهايت خوشي جي ڳالهه خاص ڪري مون لاءِ ته مان سنڌ جي هر نفيس ماڻهو کي چاهيندو آهيان پر ”تبسم“ سان گهڻو ڪري ان ڪري به لڳاءِ رهيو آهي جو منهنجي محبوب جو اهو پسنديده شاعر رهيو آهي، ان جي شاعري منهنجي محبوب جو روح جي ترجمان رهي آهي،




اي مٺي تون ائين ته نه روءَ ، روئندي ته نه جيءُ

اي مٺي

اي مٺي

تنهنجو نالو کنيم اک جهڙالي ٿيم،

درد دُکندو ويو، تانگهه ٿي وئي تکي،

اي مٺي

اي مٺي۔۔۔۔




مٿيون سٽون جڏهن به ٻڌندو آهيان منهنجو پرين مونکي ياد ته پئجي ويندو آهي پر ان سان گڏ لڙڪن جون لڙيون به لارون ڪري ڳلن تان وهي پونديون آهن۔۔۔۽ ان مهل اهو ئي گيت منهنجي موبائيل ۾ هيو جيڪو منظور سخيراني جي آواز ۾ آهي۔ جئين تبسم صاحب پهتا ملاقات کان پوءِ مون اهو گيت فون تي هلائي ڇڏيو ته ”تبسم صاحب نهيات چاهه وچان اهو چيو ته اهو ڪٿي ٿو وڄي ، تنهن تي مون چيو سائين اهو مون وٽ آهي۔۔ ۽ چيو مانس ته سائين اها منهنجي محبوب جي پسند آهي۔۔ تنهن تي نهايت پاٻوهه واري مُرڪ مُرڪندي مون ڏي نهار وڌائين ۽ چيائين لکين قرب اوهان جا۔۔۔۔۔






هڪ شاعر، تاجل بيوس جو ڀاءَ ۽ مان

مانجهاندي، ملاقات ۽ ڪچهري کان پوءِ باقائدهه شام ملهائڻ لاءِ ميري ڪوٽ جي اوڀر واري پهرين مورچي تي بندوبست ڪيو ويو هو، جتي سڀ گڏجي آيا سين جتي هر سڄڻن باقائده پروگرام شروع ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ماڳن جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي۔۔ آخر ۾ محترم سائين عبدالغفار تبسم ۔پنهنجا ويچار ونڊيا، جيڪي مون پنهنجي موبائيل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا ۔













”تبسم صاحب“ پنهنجا سهڻا ويچار ونڊيندي۔۔

وقت جي گهٽتائي سبب پروگرام 5 بجه شام تائين ختم ڪرڻو پيو ڇو ته حالتن جي پيش نظر جلد کان جلد رني ڪوٽ کان سن طرف نڪري وڃڻو هو، پروگرام جي اختتام تي الوداع ڪندي مان واري سائين تبسم صاحٻ سڀني سڄڻن کي پنهنجي شاعري جي ڪتاب” جو پل جهُومي جهَولَ ۾“ جو تحفو مُحبتن مان سڀني کي ڏنائين جنهن تي پنهنجي هٿ اکرن سان پنهنجي محبت جون ڪجهه سٽون لکي ڏنيون۔۔۔جيڪو اسان جي خوشنصيبي لکيبي ۽ اها سڪ جيڪا هن سهڻي شاعر کي ڏسڻ جي هُئي اها به پوري ٿي وئي ۽ هي سفر مون کي سموري حياتي ياد رهندو۔






پنهنجي شاعري جو ڪتاب ڏيندي وقت

اهڙي ريت هي سهڻو ۽ سنڌ جي سونهن جهڙو حسين سفر کي مجبوري وچان الوداع ڪرڻو پيو ۽ ان آس تي ته انشا الله ضرور وري به بيرو ڀربو۔۔رني ڪوٽ کان ويندي مهل ديد پٺتي ئي هُئي جو هن سنڌ جي حسين شاهڪار کي الوداع ڪندي هنيا جهُري رهيو هو، سنڌ جو ماضي ۽ سنڌ جي تهذيب جو مستقبل به ان ئي شاندار قلعي ۾ سمويل آهي۔۔نه صرف اهو قلعو پر هوند سنڌ جي انچ انچ اسان سنڌين جي بقا جو سبب آهي، جنهن جي اسان سڀني کي حفاظت ڪرڻي آهي۔



مِيري ڪوٽ کي الوداع ڪندي وقت شام جو سُرهو منظر۔۔۔۔



ميري ڪوٽ قلعي جي لڳو لڳ گبول ذات جي ماڻهن جون زمينن جو سهڻو منظر۔۔



سن گيٽ کان ميري ڪوٽ طرف ويندي ٻئين نئين جنهن تي پل ٺهڻ جو ڪم اڌورو آهي۔۔ان ئي پاڻي سان اتي جا رهاڪو فصل ڪن ٿا۔






سنڌي اخبارن جو ايڊيٽر ”فدا حسين ڀاڳت“









رني ڪوٽ کي الوداع ڪندي وقت سج جو به الوداعي سهڻو منظر۔۔۔




تبسم صاحب جي شاعري ڪتاب ” جو پل جهومي جهول ۾“ منجهان اوهان سڄڻن لا ڪجهه سٽون۔۔




عُمر جا دلفريبين جي، ريبن ۾ پنجونجاه پهتي،

باقي ڀي خود فريبين جي، طمع ۾ گذرندي ويندي۔




ساحل يا ڪنهن ڪنڌي تائين پُڄڻ جون خواهشون تاڻي،

لُڙهي ويا سُون به جذبن جي جهان م آجيان ٿيندي۔




بي اعتماديون، ڀرم شڪنيون، تمدن جون تباه ڪاريون،

ترقي ڇا ڏنو آهي جي ڏيندي ڀي ته ڇا ڏيندي۔




مذهبن جي ڪٽرپڻ سان اڏاوت جي بنيادن ۾،

جي نفرت جو ڀَنجُو ڀربو عمارت ڍير ٿي پوندي۔




مڃيم تن وضع دارين جو هاڻي هي دور ناهي پَرَ۔۔

اُنهن کي ڇڏڻ سان ”تبسم“ جيئڻ ۾ سونهن ڇا رهندي۔




ڏکين لفظن جي معني ا۔

ريب: ٺڳي۔ لالڇ

ڀرم شڪنيون: واعدي خلافيون

تمدن: گڏجي رهڻ جو طريقو

ڀنجُو: سڪي مٽي

ڄم: جنم



رني ڪوٽ کي الوداع ڪري لڳ ڀڳ مغرب جي نماز ڌاران سنڌ ڌرتي جي مهان ڏاهي ۽ سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ سمورا سڄڻ سن پهتا سين، سيد جي وڇوڙي کان پوءِ مان جڏهن به سن ايندو آهيان ته الاءِ به ڇو ائين ڀاسندو آهي ته ڄن منهنجو روح هن شهر سان جُڙيل آهي، ۽ ائين محسوس ڪندو آهيان جو ڪو الهامي آواز منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي هڪ دانهن جيان منهنجي جيءِ کي جهنجهوڙي ويندو آهي ۽ اهو آواز مان پنهنجي اندر واڪا ڪندي محسوس ڪندو آهيان ۽ ڪيئي ميارون، ڪيئي حجتون، ڪيئي اڻ پوريون حسرتون ان آواز منجهه دٻيل هونديون آهن۔ شايد اهو ناتو جنهن لاءِ بخاري چيو آهي ته۔۔




تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني،

هي ياري هڪ ٻي ياري آ،،ناهي ماڻهن واري۔۔۔




اهو ناتو رشتو ئي آهي جو مان جٿي به هجان ڪيڏو به ڪجهه ٿي وڃان پر سيد سان نينهن هميشه رهندو ايندو۔






سيد جي مزار تي شام شفق ڌاري۔۔



سيد جي ابدي آرانگاهه جو شام ڌاري پُر ڪيف۽ سڪون بخشيندڙ منظر


رهبر سنڌ جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ کن پل لاءِ فرحت بخشيندڙ شام جي ٿڌاڻ ۽ نم جي وڻن جي وڻندڙ سُڳنڌ کي من اندر اوتيندي ڪيتريون ئي يادون اکين ۾ ترورا بڻجي لهي آيون ۔ اهو سمورو رومانٽڪ وايو منڊل صرف سيد جو حقيقي عاشق بخوبي ڄاڻي سگهندو هوندو۔۔۔بس ڪجهه ساعتون يادن جي سمنڊ مان غوطا کائي ٻاهر ٻاهر نڪري آيا سين ۽ سيد جي مزار کان اکين ۾ لڙڪن جي هڪ سنهڙي لڙي ساڻ ڪري زُوزاٽ ڪندي سپر هاءِ وي تي ڪراچي طرف روانا ٿي ويا سين۔۔۔جتي زندگيون رت ۾ ليٿڙيون پيون هيون۔۔۔جتي پهچڻ سان ڪهرام برپا ٿيل هو۔۔۔جتي عباس ٽائون جو هنياءُ ڏاريندڙ واقعو اسان جو سواڳت ڪرڻ لاءِ تيار هو۔۔۔هاءِ ڙي منهنجي من مُهڻي ڪراچي۔۔۔الله جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته منهنجي سنڌ تان ڏک جا ڪارا ڪڪر جلد هٽجي وڃن ۔۔ آمين






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>