امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 18 December 2023

قافلن جو سفر ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين

محترم عنايت کٽياڻ صاحب جي ٿورن سان. 🌹

13 مئي 1861ع تي ڪوٽڙي ڪراچي ريل لائين جو افتتاح ٿيو ان کان پھرين ۽ ڪجھ عرصو پوء تائين ھيٺن رستي ۽ منزلن کي طع ڪندي قافلا ڪراچي بندر  کان ڪوٽڙي  بندر تي پھچندا ھيا ان جي تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي ۽  پڙھندڙن کي خبر پوي ته ھن وقت اسين ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو فاصلو طع ڪيون ٿا اھيو ماضي ۾ ڪيئن ھيو ڪيترو وقت درڪار ھيو . جي وھٽ تي سفر ڪبو ھيو ته 36 ڪلاڪ لڳندا ھيا ۽ ڪراچي کان ڇھ منزلون ٿينديون ھيون جن جو تفصيل ھن ريت آھي 


..


1 منزل-

 ڪراچي بندر  کان لانڍي تائين 

 12 ميل مفاصلو ھيو ، ڇھ ميلن تائين رستو سخت ۽ سٺو ھيو ۽ اڳيان وارياسو ھيو لانڍي ۾ ڌرمشالا (مسافر خانو) ھيو پاڻي جام ملندو ھيو ۽ قافلي جي اٺن کي چارو ملندو ھيو 

2منزل - 

لانڍي کان پپري تائين 

ساڍا 10 ميل مفاصلو ھيو رستو سٺو ھيو پاڻي ملي ويندو ھيو 

3منزل -

 پپري کان گھارو 

انھن جي درميان 15 ميل مفاصلو ھيو رستو ڪجھ سٺو ھيو برسات کان پوء سفر جي قابل نه ھوندو ھيو گھاري ۾ ڌرم شالا ۽ ٿاڻو ھيو 

4 منزل


 -

گھارو کان ٺٽو

ھن جي درميان مفاصلو 22 ميل ھيو رستي ۾ گُجي جو ڳوٺ ايندو آھي ، رستو ڪجھ ٽٓڪرائتو ھيو شيخ راڌڻ جي مقبري وٽان لنگھندو ھيو اتي  ڌرم شالا ڊسپينسري، ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو ھيو رستي ۾ کاڌي پيتي جون شيون جام ملي وينديون ھيون پاڻي کوھن مان ملندو ھيو ،

5منزل -


 

ٺٽو کان جھرڪ 

ھن جي درميان 32 ميلن جو فاصلو ھيو رستو سڌو سنئون ھيو ھلايا ۽ سونڊن ۾ ڌرمشالا ھئي ۽ تنبو لاڳائڻ جو پڻ ميدان ھيو جتي قافلا پڙاء ڪري سگھن ، جھرڪ شھر ترقي تي ھيو خواجه قبيلو گھڻائي ۾ رھندو ھيو اتي درياه جو  پتڻ پڻ ھيو ، ھتي ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ، ڌرمشالا ، ڊسپينسري ٽپال گھر پوليس ٿاڻو ۽ تنبو لاڳائڻ جو ميدان موجود ھيو ، 

6 منزل


 -

 جھرڪن کان ڪوٽڙي 

 جي درميان 34 ميلن جو مفاصلو ھيو ، رستو چڱو ھيو ڪوٽڙي لاء رستو  نئين بارڻ وٽان  گذرندو  ھيو ، ڪوٽڙي ۾ مسافر بنگلو ھيو ، ڌرمشالا اسپتال ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو به ھيو کاڌي پيتي جون شيون راه ۾ ملي وينديون ھيون . 

ائين سائين سامان جي ترسيل  مٿين علائقن مان ڪوٽڙي کان ڪراچي بندر اٺن وارن قافلن تي ٿيندي ھئي ، پوء سامان سکر روھڙي سيوھڻ کان ٻيڙين ۾ اچي ڪوٽڙي بندر تي لھي اٺن جي قافلن ۾ ڪراچي ويندو ھيو ڇو ته بحري رستو ڪراچي لاء ڏورانھون ھيو . ڪيپٽن پريڊي پنھنجي رپورٽ جنھن جو حوالو 1876ع واري گزيٽيئر ۾ به موجود آھي ته ،نومڙيا قبيلي جا چار مکيه سردار ھينئر به سُنگ طور نٿ (ٽيڪس ) وٺن ٿا جيڪا سيوھڻ ۽ ڪراچي توڙي ڪراچي کان ڪوٽڙي جي جابلو علائقن منجھان ايندڙ ويندڙ ڪاروباري قافلن کان ھڪڙي قسم جو ڀُنگ وٺن ٿا ڪراچي توڙي ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانھن ويندڙ قافلن ۾ شامل في اُٺ تان ڏيڍ آنو ورتو وڃي ٿو انھي نٿ کان پوء نومڙيا سردار سموري واپاري سامان ، اُٺن ۽ ماڻھن جي بچاءُ جي ضمانت ڏين ٿا نومڙيا سردار ھر قافلي سان پنھنجا ٻہ ماڻھون يا وڌيڪ قافلي جا نگھبان ڪري موڪلين ٿا .  اھيو ٻڌائيندو ھلان ته  

 ريل رستي جي قائم ٿيڻ  کان پوء باربرداري ريل رستي ٿيڻ لڳي ، ريل ۾ في سواري ٻہ آني ۾ ڪوٽڙي کان ڪراچي پھچندي ھئي 


.

🌻ڪتاب ڪوٽڙي جي ڪھاڻي مان ورتل 🌻الطاف صديقي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>