امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


مفيد معلومات

هتي هڪ صحت مند زندگي لاء ڪجهه صلاحون آهن:

1. ڪافي ميوا، ڀاڄيون، سڄو اناج، ۽ ٿوري پروٽين سان گڏ متوازن غذا کائو.
2. سڄو ڏينهن پاڻي جي ڪافي مقدار پيئڻ سان هائيڊريٽ رهو.
3. جسماني تندرستي ۽ مجموعي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ باقاعدي ورزش ڪريو.
4. ڪافي ننڊ حاصل ڪريو ته جيئن توهان جي جسم کي آرام ۽ جوان ٿيڻ جي اجازت ڏيو.
5. آرام جي ٽيڪنڪ، مراقبي، يا مشغلن جي ذريعي دٻاء جو انتظام ڪريو جيڪو توهان لطف اندوز ڪيو.
6. سگريٽ نوشي کان پاسو ڪريو ۽ شراب جي استعمال کي محدود ڪريو.
7. سٺي صفائي جي مشق ڪريو، بشمول باقاعده هٿ ڌوئڻ.
8. باقاعده چيڪ اپ ۽ اسڪريننگ لاء پنهنجي صحت جي سار سنڀار فراهم ڪندڙ ڏانهن وڃو.
9. غذا ۽ ورزش جي ميلاپ ذريعي صحتمند وزن برقرار رکو.
10. مثبت رشتا ۽ مضبوط سپورٽ سسٽم کي وڌايو.

ياد رکو ته هڪ صحتمند طرز زندگي انهن عنصرن جو هڪ ميلاپ آهي، ۽ اهو ضروري آهي ته هڪ توازن ڳولڻ جيڪو توهان لاء ڪم ڪري

ڊائري تان.

مان! پنهنجي زندگي سان لاڳاپيل سمورا لمحا جيڪي مون پنهنجي ڊائري ۾ لکيا آهن اهي پنهنجي محبت تائين پهچائڻ ٿو گهران، جئين ته زندگي جي ڊوڙ ۾ ۽ دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مجبورين سببان هوءَ مونکا ڏور ٿي وئي آهي پر ان جي وڇوڙي ظاهري وجود کان ڌار ڪري ته ڇڏيو آهي پر روح جي گهرائي ۾ اڄ به هوءَ منهنجي ويجهو آهي، جا ويجهڙائي ويتر ان جي محبت کي منهنجي من ۾ سانڍي رکيو ٿي اچي.۽ مونکي ويساهه آهي ته هوءَ به ان ئي ويساهه کي سانڍي جيئندي هوندي.جهڙي ريت مان جيء رهيو آهيان

هولي جو ڳاڙهو رنگ
 .

ڳاڙهو رنگ انقلاب جو هوندو آهي
تنهن کان پوءِ ان ڳاڙهي رنگ مان ڪيترا ئي رنگ
ڦُٽي نڪرندا،
رت جو اهو ڳاڙهو رنگ اڪيلو ته نه هوندو آهي،
ان مان رت جا اڇا ذرڙا ڪڍي ڇڏجن ته زندگي ئي ختم
ان ڪري ڳاڙهو رنگ آهي ئي اڇي رنگ جي ڪري
۽ اڇو رنگ امن جو هوندو آهي
اهڙي ريت ڳاڙهي انقلاب کان پوءِ
امن جو اڇو رنگ سنڌ جو مقدر بڻبو
۽ اڇي رنگ جي ڪينواس تي ڪيترا ئي
سهڻا رنگ ڇٽي، ڪيترائي سهڻا نظارا چٽجي سگهجن ٿا
۽ انهن سهڻن رنگن سان ڪيتريون ئي هوليون ملهائي سگهون ٿا۔۔۔۔منظور ڪلهوڙو



ماڪ ڦُُڙا


ماڪ ڦڙن جيان
 تنهنجي نيڻن مان لاريل لُڙڪن جا موتي
تنهنجي ڳلڙن تان چميءَ سان
اگهندي
ڪنهن گلاب جي پتڙين
جو نفيس احساس هنيا ءُ
کي جهوري ويو۔
۔منظور ڪلهوڙو




 لُڙڪ 


لڙڪن کي خيرات جو نانءَ نه ڏيو

لڙڪ ته نهايت قيمتي هوندا آهن،

ڀل اهي وڇوڙي جا هجن يا ميلاپ جا

لڙڪ ته هڪ ميراث آهن منهنجي.

منظور ڪلهوڙو

ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ بي ايندي آ
عاشقن جي جهان ۾ ڏينهن نڪو رات ٿيندي آ

دل ۾ هڪڙو درد ٻيو مِٺو مِٺو سرور هوندو آ
اِها بيماري ماس کايئندي آ رت پيئندي آ

پيار جي پياس اُن سان گڏ حُسن جو احساس
عِشق جي لِباس ۾ لاش لپٽجي ويندي آ

هڪ واس بدن جي ٻي تاس هئي لبن جي
خوشبوخوشبوٿي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ

شاعر .. محمد جان زريناڻي


ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ ايندي آ
عشق جي جهان ۾ ڏينهن نه  ڪا رات ٿيندي آ

دلين منجهه هڪ پاسي پور ته ٻئي پاسي سرور هوندو آ
اِها برهه جي بيماري به عاشقن کي راحت ڏئي ويندي آ

حُسن جو دلرُباڻو احساس ۽ وري ان مٿا پيار جي اُساٽ
مُرڪ، سُرڪ، سڪ ۽ ڇڪ جو جام پياري ويندي آ

هڪ ته ڪنواري بدن جو هُڳاءُ ٻيو لبن جو ڇُها
ءُ
  خوشبوءِ    خوشبو  ءِ  بڻجي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ      


    

لفظن کي ترتيب ڏيندڙ....منظور ڪلهوڙو
منهنجو وڌيڪ تحريرون هن صفحي تي ڪلڪ ڪيو..منهنجي ڊائري.  

5 comments:

Aalam لکيو آهي

واه واه بهترين

Unknown لکيو آهي

تمام سُٺي ڪوشش آهي

منظور ڪلهوڙو لکيو آهي

مهرباني سڄڻن جي

Luqman Jiskani لکيو آهي

تمام بھترين ادا

Luqman Jiskani لکيو آهي

تمام بھترين ادا

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔