امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday 6 June 2013

ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا


ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا

سن 1092هه/1681ع: ميان نصير محمد ”ڳاڙهيءَ“ ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو بنياد رکيو.

سن 1101هه/1688ع: مغل درٻار مان نواب زبردست خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو، پر هتي پهچڻ سان ئي مري ويو. نواب نصرت خان ٺٽي جو ٻيهر ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1102هه/1689ع: مخدوم صاحب جو همعصر ۽ سنڌ جو مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تولد ٿيو.

سن 1103هه/1691ع: ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات، ميان دين محمد پنهنجي اباڻي مسندِ ارشاد کي رونق بخشي. نواب حفظ الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1104هه/1693ع: مخدوم محمد هاشم ”بٺوري“ ۾ ڄائو.

سن 1109هه/1698ع: مخدوم صاحب ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگ عبدالغفور وٽ پڙهڻ لڳو.

سن 1111هه/1700ع: غالباً مخدوم صاحب جو وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي ۾ اچڻ. ميان دين محمد ڪلهوڙي کي ملتان ۾ ڦاسي ڏني ويئي. ان کان پوءِ ميان يار محمد مسند سنڀالي.

سن 1112هه/1701ع: ميان يار محمد کي مغل درٻار مان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو مليو. ميان يار محمد دادوءَ کان ڏکڻ طرف ”خدا آباد“ نالي گاديءَ جو هنڌ تعمير ڪرايو.

سن 1113هه/1701ع: سعيد خان صوبيدار ٿي آيو. ميان يار محمد کي اورنگزيب طرفان عنايتون ۽ نوازشون. اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن جي شڪست. مخدوم صاحب جي والد عبدالغفور جي بٺوري ۾ وفات.

سن 1114هه/1702ع: مير امين الدين خان حسين ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيڻ.

سن 1115هه/4-1703ع: يوسف خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

سن 1116هه/5-1704ع: نواب احمد يار خان ٺٽي جو ناظم ٿيو.

سن 1117هه/1706ع: ميان يار محمد هٿان نومڙين جي شڪست.

سن 1118هه/1707ع: هند ۽ سنڌ جي بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي دکن ۾ وفات، اعظم ۽ معظم جي پاڻ ۾ جنگ ۽ اعظم جو هار هائي قتل ٿيڻ.

سن 1119هه/1708ع: اورنگزيب جو پٽ شهزادو معظم، بهادر شاهه اول جي لقب سان تخت تي ويٺو.

سن 1120هه/1708ع: سعيد خان عرف عطر خان، معظم جي حڪم سان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1121هه/1709ع: ٺٽي جي مشهور شاعر ”محسن“ ٺٽويءَ جي ولادت. نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

سن 1123هه/1711ع: ميان يار محمد اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي. شاڪر خان نواب مقرر ٿيو. نواب مهين خان ٻيهر ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو.

سن 1124هه/1712ع: بهادر شاهه اول جي لاهور ۾ وفات. سندس پٽ معزالدين جهاندار شاهه جي تخت نشيني. خواجه محمد خليل، جهاندار شاهه جي حڪم تي ناظم مقرر ٿيو. سال جي آخر ۾ جهاندار شاهه، فرخ سير جي مقابلي ۾ شڪست کاڌي ۽ فرخ سير بادشاهه بنيو.

سن 1125هه/1713ع: عطر خان ولد سعيد خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. ميان يار محمد جي هٿان سبي ۽ ڍاڍر جي فتح.

سن 1125هه/1713ع: مخدوم صاحب ”زادالفقير“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ڪتاب لکيو، جيڪا سندس غالباً پهرين تصنيف آهي. عطر خان ۽ لطف علي خان جي لڙائي. ٺٽي جو محاصرو. عطر خان جو مارجڻ ۽ لطف عليءَ جو ٺٽي تي قبضو.

سن 1128هه/1715ع: نواب اعظم خان ٺٽي جو والي مقرر ٿيو.

سن 1129هه/1716ع: نواب اعظم خان جو جهوڪ تي حملو ۽ صوفي شاهه عنايت الله جهوڪ واري جي گرفتاري.

سن 1130هه/1718ع: نواب اعظم خان جي هٿان صوفي شاهه عنايت جي شهادت.

سن 1131هه/1718ع: فرخ سير قيد ٿيو. جهان شاهه بن بهادر شاهه اول جو پـُـٽ روشن اختر، محمد شاهه جي لقب سان تخت نشين ٿيو. ميان يار محمد جي وفات. سندس فرزند ميان نور محمد جي جاءِ نشيني. نواب اعظم خان جي معزولي.

سن 1132هه/1719ع: مهابت خان بن منعم خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

سن 1133هه/1720ع: قطب الملڪ ۽ محمد شاهه جي فوجن جي لڙائي، قطب الملڪ جي گرفتاري.

سن 1135هه/1722ع: مخدوم صاحب جو حرمين شريفين حج ادا ڪرڻ ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي مان سفر.

سن 1136هه/1723ع: مخدوم صاحب مديني منوره ۾ حضور ﷺ جن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ابو طاهر مدنيءَ کان علم حيث ۾ اجازت ۽ سند حاصل ڪرڻ. ٺٽي ۽ مديني جي ٽوئي جي تحقيق، ٺٽي ۽ حرمين جي پاڇي جي تحقيق ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڪتاب لکڻ. حج ادا ڪرڻ ۽ حرمين مان واپسي. مخدوم صاحب سورت بندر ۾ آيو ۽ سيد سعدالله قادريءَ جو مريد ٿيو. خلا فت جو خرقو ڍڪيو. هندوستان ۾ عيسائي پادرين سان مناظرو ڪرڻ. سنڌ ۾ سلطان محمد خان پنهنجي پيءُ مهابت خان جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو انتظام سنڀاليو.

سن 1137هه/1723ع: مخدوم صاحب ماه صفر ۾ حج ۽ سفر حرمين ۽ سورت بندر کان سفر پورو ڪري واپس پنهنجي ماڳ ٺٽي پهتو. نواب سيف الله ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، جنهن جلوه گاه امامين جو مقبرو تعمير ڪرايو.

سن 1138هه/1724ع: مخدوم صاحب جو مرشد سيد سعد الله قادري سورتي وفات ڪري ويو. ٺٽي ۾ مشهور نقشبندي بزرگ ابوالقاسم جي وفات.

سن 1140هه/1727ع: سنڌ جو مشهور مؤرخ، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ڄائو، جنهن پنهنجي ڪتابن ”تحفـةِ الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراء “ فارسيءَ ۾ مخدوم صاحب جو پهريون ڀيرو اکين ڏٺو احوال لکيو.

سن 1143هه/1730ع: ٺٽي جي نواب سيف الله جي وفات، نواب دلير خان جي ٺٽي ۾ مقرري، قلات جي واليءَ عبدالله خان بروهيءَ جو مارجڻ.

سن 1144هه/1731ع: ميان نور محمد کي ”ثابت جنگ“ جو خطاب مليو. مخدوم صاحب جي مديني شريف واري استاد ابوطاهر مدنيءَ جي وفات. مخدوم عبدالرحمان کهڙائيءَ جي شهادت.

سن 1146هه/1733ع: مخدوم صاحب سنڌ جي شان ۾ ”مدح نامه سنڌ“ نالي بهترين ڪتاب لکيو. سنڌ جي مخالفن جا ان ۾ جواب ڏنا.

سن 1148هه/1735ع: 23 شوال بروز اڱاري تي نادر قليءَ ”نادر شاهه“ جو لقب اختيار ڪري، پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو.

سن 1149هه/1736ع: نادرشاهه هٿان قنڌار جي فتح، نواب همت دلير خان جي موقوفيءَ کان پوءِ نواب صادق علي بن سيف الله خان ٺٽي کي ٺيڪي تي کنيو. مرزا مقبل جي آمد سان صادق عليءَ جو ٺيڪو ختم.

سن 1150هه/1737ع: مغل شاهي درٻار مان ميان نور محمد کي ٺٽي جو علائقو ٺيڪي تي مليو. هن غلام محمد کي پنهنجو نائب بنائي ٺٽي موڪليو. ميان نور محمد جي ٺيڪيداريءَ کان پوءِ مغلن طرفان ٺٽي ۾ نوابن گورنرن جو اچڻ بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ميان جي گادي ٺٽي يا بکر ۾ نه هئي ۽ هن جي طرفان به سرڪاري ڪاروبار لاءِ عملدار مقرر ڪيل هئا ۽ پاڻ نگراني ڪندو هو.

سن 1151هه/1738ع: نادرشاهه ڪابل تي قبضو ڪيو. اتان روانو ٿي، ڪرنال ۾ محمد شاهي فوجن کي شڪست ڏني ۽ دهليءَ ۾ عام ڪوس ڪرايو. ميان نور محمد پنهنجي پـُـٽ مرادياب کي لشڪر ڏئي ٺٽي موڪليو. ان ڪڪرالي جي ڄام کي شڪست ڏني.

سن 1152هه/1739ع: نادرشاهه دهليءَ مان روانو ٿي ڪابل پهتو. اتان ڌوڪيندو عمرڪوٽ ويو. ميان ۽ نادر جو پاڻ ۾ ڳرن شرطن تي ٺاهه ٿيو.

سن 1153هه/1740ع: نادرشاهه سنڌ مان واپس قنڌار روانو ٿيو. ويندي پاڻ سان گڏ ميان نور محمد جا ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه کي يرغمال بنائي وٺي ويو. ميان جو ڪتبخانو به نادر لٽي کنيو ويو. ان کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغلن کا ڦري ايران جي ڏَنَ ڀـَـرُو ٿي.

سن 1155هه/1742ع: مظفر خان بيگلر بيگي، نادرشاهه جون ٻيڙيون ڪاهي سورت کان ٺٽي پهتو. ميان نور محمد ان سان ملڻ لاءِ ٺٽي ويو. ممڪن آهي ته ميان صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ان دوران ٺٽي ۾ ملاقات ٿي هجي!

سن 1156هه/1743ع: نادرشاهه طرفان سليمان بيگ اسلم کي سـِـڪي ۽ خـُـطبي جي نگرانيءَ لاءِ خدا آباد موڪليو.

سن 1157هه/1744ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل عالم مخدوم محمد قائم جي مديني منوره ۾ وفات.

سن 1160هه/1747ع: ايران ۾ نادرشاهه مارجي ويو. قنڌار جي سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي نادرشاهه جي جاءِ تي پنهنجو بادشاهه چونڊيو.

سن 1161هه/1748ع: احمد شاهه ابدالي هندستان تي حملو ڪيو ۽ شڪست کاڌي. محمد شاهه هندستان جو بادشاهه وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل بزرگ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وفات.

سن 1162هه/1749ع: ميان غلام شاهه خشڪيءَ رستي يرغماليءَ مان آزاد ٿي، ايران مان سنڌ پهتو. البت، مرادياب خان بحري رستي مسقط پهتو ۽ ٽي سال اتي ترسيو.

سن 1163هه/1750ع: سنڌ، دهليءَ کان بعد ۾ ايران کان پوءِ، هينئر افغانستان جي ڏَنُ ڀـَـرُو بڻي. ٺٽي جي مشهور صاحبِ ديوان شاعر ”محسن“ ٺٽويءَ جي وفات. ميان نور محمد مشهور وصيت نامو ”منشور الوصيت و دستور الحکومت“ نالي لکيو.

سن 1165هه/1751ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف جي ڀٽ شاهه تي وفات.

سن 1167هه/1754ع: احمد شاهه دُرانيءَ جو سنڌ تي حملو. 12 صفر تي ميان نور محمد جي اسي سالن جي عمر ۾ وفات. ميان صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان جي سندس جاءِ تي تخت نشيني.

سن 1170هه/1757ع: مرادياب خان معزول ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه سنڌ جو حڪمران بنيو.

سن 1171هه/1757ع: ميان مرادياب خان وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي استاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي وفات. ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن، عطر خان ۽ احمد يار خان وچ ۾ روهڙيءَ وٽ فيصلي ڪـُـن لڙائي لڳي.

سن 1172هه/1759ع: مخدوم صاحب ڀرپور عملي طور شريعت جي نفاد جو پروانو سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان جاري ڪرايو، (2 شعبان المعظم 1172هه)

سن 1174هه/1761ع: مخدوم صاحب غالباً آخري ڪتاب ”الوصيـھِ الهاشميـھ“ عربيءَ ۾ لکيو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن وفات ڪري ويو. مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ ڪتاب ”مقالات الشعراء “ فارسي لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب کي وقت جو ”مجدد“ سڏيو ويو آهي.

سن 1181هه/1768ع: مخدوم صاحب جي وڏي فرزند مخدوم عبدالرحمان جي وفات. مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجو مشهور تاريخي ڪتاب ”تحفـةِ الڪرام“ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ پڻ مخدوم صاحب جو قدري تفصيلي احوال آيل آهي ۽ سندس ديني خدمتن جي ساراهه ڪيل آهي.

سن 1182هه/1769ع: ميان غلام شاهه نيرون ڪوٽ ۾ قلعو تعمير ڪرائي، مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکي، پنهنجو تخت گاهه بنايو.

سن 1186هه/1772ع: ميان غلام شاهه جي حيدرآباد ۾ وفات. سندس پٽ ميان محمد سرفراز خان سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. احمد شاهه ابداليءَ جي قنڌار ۾ وفات ٿي.

سن 1187هه/1773ع: مخدوم صاحب جو ٻيو فرزند مخدوم عبداللطيف، ميان سرفراز خان جي لشڪر ۾ قاضي القضاة مقرر ٿيو.

سن 1189هه/76-1775ع: ميان سرفراز خان کان سياسي غلطيون ٿيون، ان ڪري سندس ڀاءُ محمود خان مسند نشين ٿيو. محمود خان جلد معزول ٿيو. ميان غلام النبي حڪمران بنيو.

سن 1190هه/77-1776ع: ميان غلام النبي شهيد ٿيو. ميان عبدالنبي سنڌ جو والي بنيو. محمد سرفراز خان، ان جو پـُـٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچو عطر خان، قيد ۾ عبدالنبيءَ جي ماڻهن هٿان مارايا ويا.

سن 1193هه/1779ع: مدد خان سنڌ ۾ قهر بنجي آيو ۽ ظلم مچايو. مير بجار خان، عبدالنبيءَ جي دور ۾ ماريو ويو. عبدالنبي حڪومت ڇڏي فرار ٿي ويو. صادق علي خان حڪومت جي مسند تي ويٺو.

سن 1198هه/1783ع: ميان غلام شاهه کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ميان محمد سرفراز، محمود خان، غلام النبي، عبدالنبي، صادق علي خان، دوباره عبدالنبي حڪومت ڪندا رهيا. پاڻ ۾ سندن حڪمرانيءَ تان مار ڌاڙ، ڪشت و خون جو سلسلو جاري رهيو. آخر ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنيا ۽ ائين ڪلهوڙا دور جو ميان عبدالنبيءَ تي خاتمو ٿيو.

نوٽ: (محترم سائين ڊاڪٽر عبدلاحفيظ جي ٿورن سان۔۔سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبريري جي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي تان کنيل تاريخي ٽڪرو)
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 20 May 2013

الله جي رحمت۔۔۔ ضوفشان منظور


الله پاڪ ٻاجهاري جا هونئن ته ڪروڙين ڪرم روز ٿيندا آهن مون گنهگار تي، پر الله پاڪ بروز جمع تي بتاريخ 17-05-2013 تي پنهنجي رحمت سان نوازيو آهي ۽ مونکي نياڻي جي اولاد عطا ڪئي آهي.. ڪروڙين احسان ان پالڻهار ڌڻي ٻاجهاري جا...منهنجو ۽ منهنجي آل اولاد جو سِر هميشه ان بارگاهه اقدس ۾ سجدي ۾ رهي ۽ ان جي حبيب مٺي مُرسل صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ عشق ۾ سر شار رهي.. آمين

180520131633.jpg

منهنجي اکڙين جو تارو

180520131632.jpg
منهنجي ضوفشان منظور۔۔جنهنجي معني آهي، روشني ڏيڻ واري۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday 14 May 2013

نوُر نامون سنڌي زبان ۾



باب پهريون
نوُر نامون سنڌي زبان ۾

بِسمِ اللهِ الرَحمنِ الرَحِيمِ
ساراهيان ان ڌڻي کي، جيڪو اڳيئي عليما
جڳائي ٿي سموري ان ڌڻي کي ئي ساراها
عالم،عليم منهنجو ڌڻي، مولا مُلڪن جو خدا
ڪير ڪري سگهندو تنهن پالڻهار جي تعريفا
جيڪو پاڪ پرور بادشاه، آهي مولا منزها
جيڪي ڄاڻي منهنجو ڌڻي، اهو ڄاڻن ڪين ٻيا
جنهن عرش تي ڪُرسي بڻائي ، لوح ۽ قلما
ڪيو جنهن “ڪُن” سين، جهان پاڻ ڌڻي پيدا
سبا جهوُ سڀ،    پر ساترُ سميعا
ڪري سمورا ڪم پاڻ ڌڻي ، يَفعَلُ الله مَا يَشَاءُ

خالق، رازق، رحيم آهي ڌڻي، قائم سدا قيوما
سميع، صانع منهنجو ڌڻي، ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهه
جنهن پيدا ڪيو پاڻ ڌڻي، مٺو مير محمد شاهه
سرور، شفيع سموري جهان جو، اڙني جو آڌار
اڳين پيغمبرن جو سردار، سچو شا هن شاهه
ٻانهو تنهن رحمن جو ، ختم الانبياءُ
سونهن سپن مُرسل جي، ڏٺي ڏيهن آ
عالم لڳا آسري، آيو احمد صلي الله عليه وسلم
ڀٽڪيلن پڻ واٽ لڌي، جن پل پسيائون پريان
چمڪيو چوڏهين چنڊ جئين، ان شافع جو شعاع
سموري عالم ۾ چمڪيا، نوري ءِ سندا نشانا
وڌي وين نور، حضرت رسول جو چوڏس چوڌارا
ڪافر ، مجوسي ۽ ٻيا ڪيترا، آيا منجهه اسلاما
مهر ڪيو منهنجي مولا تن تي، جن آندو ايمانا
چار ئي يار سهڻي رسول جا، سڀئي چڱا سونهارا
سچا سڀني اصحابن ۾، جيڪي ڪامل ۽ ڪمالا
ڪئي آه تعريف تن جي، سهڻي مير محمد شاه
عادل، عامل، زاهد ،تن تي گهڻو راضي منهنجو رحمانا
عابد اهڙا اڳ اڳرا عبادت ۾، زاهد ٿيا زمانا

صابر ۽ شاڪر سڀئي، جن مٿان رب جي رضا
ڪنهن کي ته ڪوزي، پر مطلقن موُرا
رب ڌڻي ڏنن توڙي جي،. سندن کي ايڏا مرتبا
ساراهجي تنهن صاحب کي، عجب جنهنجا ايڏا
ڪين ڪو منجهان ڪري، صانغُ صنعتا
قادر جي تنهن قدرت کي. ڪمي مور نه ڪا
صاحب جي ساراهه کي، ڪا حد نه حسابا
هاڻي ڪريان ٿو بيان خلقت جو، سو پڻ سُڻجا
ته ڪهڙي ريت پيدا ڪيا ان خالق سڀ مخلوق
پر اڳ ڪڏهن خلقت نه هُئي، ڪٿي ڪا پيدا
عرش ، ڪُرسي ڪين هيو، نه ڪو لوح ۽ قلما
ملائڪ موُر نه هُئا، نه ڪي ڪو جهانا
آدم ڪين پيدا هيو، نه ڪا ٻي شيئا
تڌهن نُور نبيءَ ڄام جو، پهريان ڪيائين پيدا
پالڻهار سموري جهان جو، بي پرواهه بادشاهه
پنجاهه لک ورهن جي، جيڪا مُدت مديدا
ڪن وري ان کان اڳ جي چئي، پڻ اها روايت آ
مذڪور تِنهن جو گهڻا، پر لکن ٿا عُلما
ته جڏهن پيغمبر پيدا ٿيو، مير محمد شاه (صه)

نبوت نبي ڄام جي ٿي، ظاهر ظهورا
آيو جبرائيل جنهن وقت، ڌڻي جي پاران
نازل ڪيائين نبيءَ تي، قادر جو قرآنا
پهريان وٺي آيو وحي، سا هُئي اقراءَ سوُره منجهان
گذريا ڪيترا ڏينهن، ان مدت پُڄاڻان
پڻ ايندو جبرئيل، هوندس ساڻ سگهو صحيا
اچي ويهندو سو هوُ ، منهن ڪري محبوبا
خبر ڏيندو هيو سو هوُ، ارض سندي سما
هڪ ويري ويٺو هو، حضرت وٽ ملائڪ جبريلا
تڏهن بيبي فاطمه پڇيو ٿي، پنهنجي پيءُ کان
.ته وڏو ڪير ڄمار ۾ ، يا رسول الله صلي الله عليه وسلم
تڏهن مير مُحمد نهاريو، ته وڏو حضرت جبريل آ
تنهن تي جبرئيل جواب ڏنو، ته يا رسول الله صه
وڏو آءُ ڄمار ۾ گهڻو ئي ان کان
تنهن تي چيو مير محمد ڪارڻ وڏو آءُ يا تو آن
تنهن تي چيو وڏو آءُ ان کان يا رسول الله
وري چيو رسول رب جي، مير محمد شاهه
يا جبرئيل، ٻڌائي ڀلا تنهنجي ڪيڏي ڄمار آ
آهي گهڻي ياد، ڪئين شمار ورهين جا
7
تنهن تي چيائين آهي ياد مونکي، گهڻو ورها
جڏهن اڀرندو هو، هڪڙو تارو منجهه عرشا
ڏٺو هو مون تنهن کي، اهڙي ته طريقا
جئين اهو تارو لهندو، اڀرندو هو منجهه عرشا
مدت ڏسڻ جي ، ڪيتري ئي گهڻي ورها
جيڪو اڀرندو هو تارو، منجهه عرشا
ته ستر هزار ورهين جو ڪندو هو جٽاءُ
جو وڃي ته سو تا رو منجهان عرشا
ته ستر هزار ورهه، اُڀري نه مُورا
جو وڃي سو، ته ٻيهر اڀري پڄاڻان تهان
ته وري نه اُسهي مور، ستر هزار ورهن ڌارا
ڏٺم اُڀرندي تنهنکي، ستر هزار ڀيرا
قادر جي قدرت کي، ڪمي مور نه ڪا
تڏهن ڏنو جواب جبرئيل کي، مير محمد شاهه
ته اهو نوُر اسان جو، منجهه تنهن تاريئا
پر انکان اڳيئي سو هيو، گهڻي مدت مديدا
مدت پنجاهه لک ورهن جي، جيڪا اڳي خلقت کان
تنهن کان پوءِ پيدا ڪيو، اڳيئي ياقوتا
هيو نُور اسان جو، تنهن منجهه توڙا

8
جڏهن نڪتو نوُر اسان جو، منجهان ياقوتا
تڏهن کان شوق فراق جي، ڦاٽي ٿيو ٽڪرا
تنهن کانپوءِ تاري ۾ ، رکايو مولي ا مُلڪ خدا
تان جو جڏهن تاري منجهان، نڪتو سو نُور تجلي ا
تڏهن پيدا ڪيائين پاڻ ڌڻي، هڪڙو درختا
وڏو هيو ڊيگهه ۾، بلند گهڻو بالا
نالو يقين تنهن وڻ جو، رکيو رب رحمانا
مولي ا موءَمنن جي دل ۾، سو يقين رکايو آ
تنهن مان ئي پيداڪيائين قادر ڪريما
منجهان نُور نبيءَ جي، پاڪيزي پِريان
صورت چتونءَ پکي جهڙي، اتاهين اعلي ا
تنهن کان پوءِ پيدا ڪيا، مولي ا ڏهه درياه
پهريون دريا علم، ٻيو چُونو سندو عملا
ٽيون درياه حلم جو، چوٿون سندو عشقا
پنجو درياه صبر جو، ۽ ڇهون نعمتا
ستون درياه نُور جو، نازڪ ۽ نفيسا
اٺون درياه عقل جو، ٿئو ان مان ئي پيدا
نائون درياهه شُڪر جو، ڏهون سندو فقراءُ
پڻ ڪيائين ٻيا پيدا، انهن ڏهن کان اڳرا
9
هڪڙو درياه حياءَ جو، ٻيو سندو معرفتا
جڏهن اهي سڀئي درياه، ٺهي تمام ٿيا
تڏهن فرمايائو پاڻ ڌڻي، مولي ا مُلڪ خدا
حڪم نبيءَ جي نور کي ٿيو، ڌڻيءَ جي پاران
ته آءُ اچي گهڙ تون، ڏي ٽُٻي منجهه درياه
گهڙيو نوُر تڏهن دريائن ۾، موجب فرمانا
ستر هزار ورهيه هيو ان ۾ مدت مديدا
جڏهن پورا ورهيه ٿيا، ستر هزارا
تڏهن امرُ ٿيو نوُر کي، ڌڻيءَ جي پاران
ته نڪري آءُ هاڻ تون، منجها ن ئي درياه
تڏهن موجب امرُ رب جي، نڪتو ئي نوُرا
ڪن درياهن سڀني مان جڏ نڪري ٿيو پهرا
تڏهن ٿِئي سوُنهن نور کي گهڻي ئي زيادا
ڪن دريائن کي قدرت جي، مولا جي ئي مِهرا
پِڻ رسي حڪمت نوُر کي، منجهان ئي درياهه
علم، عقل، عشق ۽ صبر سندو شڪرانا
حياءُ، حلم، حڪمت ۽ معرفت مولا
فقر، قناعت مڙئي، شريعتِ نبوتا
ٻيون پڻ هزارين حڪمتون، گهڻيون ئي اپارا

10
پڻ آهي ڪتابن منجهه، اهڙي پچارا
ته ڪيا نُور نبيءَ جي، منجهه سڀڪنهن درياءُ
ڏهه ڏهه هزار ورهين، سجدا شوق منجهان
جڏهن نڪتو نوُر ، سو منجهان ئي درياه
پهر اُڀو سو اچي، موجب فرمانا
صورت شبيهه اڳرو، جلوو جمالا
حُسن حيرت گڏيل هُئا، خوبن خيالا
مثل سا ئي پکيءَ ، جئين اُڀو ادب منجهان
تڏهن حڪم ٿيو نوُر کي، ڌڻيءَ جي پاران
ته چورِ تون پنهنجا انگڙا، اي نوُر مون سندا
ته ظاهر ٿيئني منهنجي، سڀئي حڪمتا
۽ ٿيئي پيدا تُو منجهان، منهنجي سڀ خلقتا
گِرُئو آهي مون جنهن کي، پنهنجي پاران
تڏهن نُور نبيءَ ڄام جي، ڇنڊيا پنهنجا انگڙا
هڪڙو لک ۽ چوويهه هزار ڦُڙا ٿيا پيدا
ڪنهن چيا گهٽ ان ۾، ڪنهن چيا زيادا
سي ڪري پيا تنهن ساعت ۾ حڪمت جا قطرا
منجهان تنهن پيدا ڪيا، مولا مُلڪ خدا
هڪڙو لک نبيُن جو ۽ چوويهه هزار ٻيا

11
۽ وڏا مڙئي تن ۾ ٽي سوءَ سٺ هُئا
وري امرُ ٿيو نوُر کي، مولا جي طرفان
ته چورِ تون پنهنجا انگڙا، اي نوُر مون سندا
تڏهن چُريو نوُر نبيءَ جو، امرُ ساڻ خدا
چوريو مٿو پنهنجو، نرمل نوُر الهُدي ا
ٻه ڦُڙا ڪريا تنهن ويل، سڄيءَ اک منجهان
بهرين ڦُڙي منجهان پيدا ٿيو، مَلَڪَ جِبرِئيلا
پيدا ٿيو ڦُڙي ٻئي منجهان، مَلَڪَ مِيڪائِيلا
وري  ڌڻيءَ پاران ٽيون مرتبو آيو، آوازا
نرمل نوُر نبيءَ جي کي، مولا جي ئي در کان
ته چورِ تون اک ڏائي (کاٻيءَ) اي منهنجا محبوبا
تڏهن اک چوري پنهنجي، نبيءَ جي نوُرا
وري ڏائي اک منجهان، ٻه ڦُڙا ڪريا حڪمتحا
پهرين منجهان پيدا ٿيو، مَلَڪَ اسرافيلا
پڻ عزرائيلُ پيدا ٿيو، ڦُڙي ٻئي منجهان
وري امرُ ٿيو نوُر کي ڌڻيءَ جي پاران
ته چورِ تون پنهنجا انگڙا، اي نوُر مون سندا
تڏهن چوريا پنهنجا انگڙا، نوُر سندي نبيا
ڪري پيا ڪَن منجهان، جئين ئي ٻه قطرا

12

پيدا ڪيائين پهرين منجهان، عرش عظيما
ٻئي منجهان ڪُرسي ڪيئي پاڻ ڌڻي پيدا
امرُ سين الله جي جيڪو پرور بادشاهه
وري ڏائي ڪَن منجهان، ڦُڙا ٻه ڪريا
پهرين منجهان لوح ڪيو، پاڻ ڌڻي پيدا
قدرت سين قلمُ ٿيو، ڦُڙي ٻئي منجهان
وري امرُ ٿيو نوُر کي، صاحب جي پاران
ته چورِ تون پيشاني پنهنجي، اي نوُر محمد جا
تڏهن چورِ تون پيشاني پنهنجي، پاڪيري پريان
ڪريا پيشانيءَ منجهان، پورا ٻه قطرا
پيدا ٿيو پهرين منجهان، سُونهارو شَمسَا
قَمرُ ٿيو قدرت سين، ڦُڙي ٻئي منجهان پيدا
وري امرُ ٿيو نور کي، ڌڻيءَ جي پاران
ته چورِ تون جُسُو پنهنجو، ئي نوُر پاڪيزا
تڏهن چوريو جُسُو پنهنجو، نازڪ نوُرا
ڪريا ڦُڙا ڳلن منجهان، ست تنهن ويرا
ست طبقا تنهن منجهان، ٿيا اُڀَنَ (آسمان) جا
وري ڏائي ڳَل منجهان، ڦُڙا ست ڪريا
ست زمين تنهن منجهان، قادر ڪيون پيدا
13
وري حڪم ٿيو نُور کي، ڌڻيءَ جي پاران
تو چورِ جُسُو پنهنجو، ئي نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسُو پنهنجو امرُ سين مولا
ڪريا جهڙي سوراخ منجهان نڪ جي اٺ ڦُڙا
منجهان تنهن پيدا ڪيا ، قادر ڪريما
بهشت اٺ تنهن منجهان، ٿئا ئي پيدا
پيدا ٿيو پهرين منجهان جنت الفردوسا
هوُندا نبيءَ تنهن ۾، پڻ وڏا علماءُ
ٻئي منجهان جنت الماءَوي ا ٿيو ئي پيدا
هوندا تنهن منجهه شهيد ۽ پڻ مُتَقِئَا
ٽئين منجهان، جنتُ النَعِيمَ ٿيو ئي پيدا
هوُندا ٻانگا تنهن ۾، مولا جي مهرا
چوٿين منجهان ٿيو، بهشت دارُالقَرَارا
هوندا حافظ تنهن ۾، سندا قرآنا
پنجين منجهان قطري ٿيو، جَنتُ عدنا
هوندا سخي تنهن ۾، پڻ عادلا
ڇهين منجهان قطري، ٿيو بهشت دارُالسَلامَا
هوندا فقير، صابر تنهن منجهه توُڙا
ستين منجهان قطري، ٿيو دارُالمَقَامَا

14
هوندا موءُ مِنَ تنهن ۾، جنهنجو سچو ايمانا
اٺين منجهان قطري ٿيو، بهشت دارُالخلدا
تنهن ۾ هوندا شخص سي، موءَمنن منجهان
جيڪي ڇُٽا فقط ڪلمي جي، برڪت سان هوندا
وڏي قدرت قادر جي، ڪمال حِڪمَتَا
پڻ امر ٿيو نُور کي، مولا جي پاران
ته چورِ جُسوُ پنهنجو ئي، نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسُو پنهنجو، نبيءَ جي نُورا
ڪريا ڏائي (کٻيءَ) سوراخ منجها، نڪ جي ست ڦُڙا
اُڀائيائين ان منجهان، دوزخ ست سڄا
پهرين قطري منجهان، جهنم ٿيو پيدا
ٻئي قطري منجهان، پيدا ٿيو تلظي
ٽئين منجهان حطمته ٿيو، چوٿين منجها جحيما
پنجين منجهان سعير ٿيو، ڇهين منجهان سقرا
ستينءَ منجهان هاوبها، ٿيو ئي دوزخا
وري حڪم ٿيو نوُر کي، ڌڻيءَ جي پاران
ته چور تون جُسوُ پنهنجو، نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسُو پنهنجو، نبيءَ جي نورا
نو لک ڦُڙا نڪتا، جيڪي ڏندن منجهان

15
تارا مڙئي تنهن منجهان، خالق خلقيا
روشن آهن اُڀ ۾، رهبر  رفيقا
ڀٽڪيل لهن واٽن کي، ٿا پنڌ، رند پيچرا
پڻ ڪن روشن رات کي، ڏينهان لڪن ٿا
حڪيم جي حڪمت کي، حد نه حسابا
قادر جي قدرت کي، ڪَمي موُر نه ڪا
وري حڪم ٿيو رب جو، نُورئي نبيا
ته چورِ هٿُ جيَڻ کي، نوُر مون سندا
تڏهن چوريو هٿُ، جئين ئي نبيءَ جي نورا
ڏهه ڦُڙا تنهن ساعت ۾، ٿيا ئي پيدا
پهرين ڦُڙي منجهان، باد صَرصَر ٿيو پيدا
ٻيءَ منجهان واءُ فَر فَر  پيدا ڪيو ڪريما
ٽئين ڦُڙي منجهان ئي، تِکورَعدُ نالي واءُ
چوٿين ڦُڙي منجهان، وڄ ٿي برق سا پيدا
پنجين ڦُڙي منجهان، رُوح ٿيو سندو مَخلُوقَا
توڙي مخلوق انسانن جي، توڙي جنن جي آ
توڙي مخلوق بَرَ(زمين) جي، توڙي سندي بحرا (سمنڊ)
ڇهين ڦُڙي منجهان ، صُور ٿي سندي اسرافيلا
ڏيندو ڦوڪ جنهن ۾، ملائڪ ٻه ڀيرا

16
ستين منجهان پُلصراط ٿي، اٺين منجهان علما
نائين منجهان پيدا ٿي، سدرتُ المنتهي ا
ڏهين قطري منجهان، ٿيو درخت طُوبي ا
وري حڪم ٿيو، نوُر کي ڌڻي جي پاران
ته چورِ تون جُسو پنهنجوئي نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسو پنهنجو، نبيءَ جي نوُرا
ڪريا کٻي هٿ منجهان، پورا ڏهه قطرا
پهرين منجهان پيدا ٿيو، شراب طهوُرا
ٻئي منجهان پيدا ٿي ماکي کيس تريءَ مان
چوٿين منجهان قطري، ڪوثر ٿيو پيدا
پنجين منجهان قطري، پُلصراط ٿي پيدا
ڇهين منجهان موتي، ستين منجهان حُلا بهشت جا
اٺين منجهان پيدا ڪيا، مولا مُلڪ خدا
ميوا بهشت جا، جيڪي گهڻا ئي لذيذا
نائين منجهان قطري، قَصدَ ٿيا سندا بهشتا
وري حڪم ٿيو، نوُر کي ڌڻي جي پاران
ته چورِ تون جُسو پنهنجوئي نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسو پنهنجو، نبيءَ جي نوُرا

17
ڏهه قطرا انگڙن منجهان مُحمد صه جي نڪتا
منجهان پيدا ڪيائين، قادر ڪريما
جوُڙي جوڙ جهان جي، ڪيائين پيدا
سونُ پهرين قطري منجهان ٿيو ئي پيدا
رُپو ٻئين قطري منجهان، پيدا ڪيو ڪريما
ٿي حضرت سُليمان جي مُنڊي، قطري ٽئين منجهان
چوٿين قطري منجهان ٿي،حضرت موسي ا جي عصا
پنجين منجهان حضرت اسماعيل جو گَهٽو ٿيو پيدا
۽ اُٺ حضرت صالح جي ٿي، پيدا ڇهين منجهان
ستين قطري منجهان ٿيا، گهوڙا سي پيدا
اٺين منجهان حيوان ٿيا، نائين منجهان درندا
ڏهين منجهان پيدا ڪيائين، پکي ۽ پرندا
وري حڪم ٿيو، نوُر کي ڌڻي جي پاران
ته چورِ تون جُسو پنهنجوئي نوُر مون سندا
تڏهن چوريو جُسو پنهنجو، نبيءَ جي نوُرا
ڇاتيءَ منجهان ڏهه قطرا وري ٿيا پيدا
پهرين منجهان عاشق ٿيا سندا ئي الله جا
ٻئي منجهان شاڪر ٿيا، ڪندڙ شُڪرانا
ٽئين منجهان پيدا ٿيا، تارن م عرشاءَ

18

چوٿين منجهان خلقيائين، فهيم فقيها
پنجين منجهان پيدا ٿيا، حافظ قرآنا
ڇهين منجهان مفسر ٿيا، صاحب عقل جا
ستين منجهان پيدا ٿيا، عالم ۽ علماءُ
اٺين منجهان عامل ٿيا، صاحب تقوي ا جا
نائين منجهان صالح ٿيا، طالب ڏهين منجهان
وري حڪم ٿيو، نوُر کي ڌڻي جي پاران
ته چول تون لَبَ پنهنجا، اي نوُر مُحَمَدَ جا
تڏهن چوريا لَبَ پنهنجا، نبيءَ جي نوُرا
ڪِريا تَنهن ساعت ۾، پورا ڏهه قطرا
پهرين قطري منجها ، شَڪَرَ ٿي پيدا
ٻئين منجهان مُشڪَ ٿي، گلاب ٽئين منجهان
چوٿين منجهان زمين بهشت جي، قادر ڪئي پيدا
پنجين منجهان قطري، عنبر ٿيو ئي پيدا
ڇهين منجهان ياقوت ٿيو، ستين منجهان مرجانا
اٺين منجهان جواهر ٿيا، لعل نائين منجهان
ڏهين منجهان سَنُگهُه پَارِسُ ٿيو ئي پيدا
وري حڪم ٿيو رب جو، نوُر کي نبيا
ته چورِ تون زبان پنهنجي، اي نوُر مون سندا

19
تڏهن چوري زبان پنهنجي، نبيءَ جي نوُرا
ڏهه قطرا تنهن منجهان، ٿيا ئي پيدا
پهرين قطري منجهان، سخي ٿيا ئي پيدا
ٻئي منجهان عابد ٿيا، عبادت وارا
ٽئين منجهان پرهيزگار، ٿيا ئي پيدا
چوٿين منجهان موُمن ٿيا، جي صاحب تقوي ا جا
پنجين منجهان پيدا ٿيا، صاحب شُڪر جا
ڇهين منجهان صادق ٿيا، ستين منجهان خاص بندا
اٺين منجهان پيدا ٿيا، نُجبا ۽ نُقبا
نائين منجهان مُتقي ٿيا، ذاڪر ڏهين منجهان
وري حڪم ٿيو نوُر کي ڌڻيءَ جي پاران
ته چورِ تون جُسو پنهنجو نوُر مُحمد جا
تڏهن چوريو جُسو پنهنجو، نبيءَ جي نوُرا
ڪريا انهيءَ ساعت ۾ پورا چار قطرا
پهرين قطري منجهان ، خاڪ ٿي پيدا
ٻئي قطري منجهان، آب ٿيو ئي پيدا
ٽئين منجهان آتش ٿيو، چوٿين منجهان واءُ
وري حڪم ٿيو نوُر کي ڌڻيءَ جي پاران
ته ڪر اختيار تون پاڻ تي نوُر محمد جا

20
منجهان ان چئني ٽولِن، مذڪور جيڪي ٿيا
تڏهن آندو ارادو دل ۾، نبيءَ جي نوُرا
پائي پسيان هاڻ تن کي، ڪريان تحقيقا
خوش اچي جيڪو مونکي، سو ڪريان قبولا
تڏهن هلي ويو نوُر نبيءَ جو، مٿي آتشا
اچي اُڀو آتش مٿان، جيڪو ڪنڌيءَ ڪنارا
ڏنئون سلام آتش کي، نبيءَ جي نوُرا
وعليڪم السلام چيو، آتش تنهن ويرا
ڏٺي مغروري آتش ۾، نبيءَ جي نوُرا
چيائين آتش کي ، ازروءِ عتابا
ته اي آتش ڪرين تون ڪم ڪهڙا هن ويرا
ڪريا ن ٿو اُهي ڪم پاڻهي، جيڪا مون رضا
تڏهن نوُر نبيءَ جي، آتش کي ڏنس جوابا
ڪهڙي رضا بندي جي، جوڪري ڪم نوُرا
تڏهن پچيو آتش کان، نبيءَ جي نوُرا
ڪر نظر تون پاڻ ۾ ته ڪو عيب تو۾ آهه
چيائين ڪهڙو عيب مون ۾، اي نوُر نبيءَ جا
چيائين پاڻي اُجهائي توکي، ۽ اُڏائي توکي واءُ
تڏهن آتش ڏنو نوُر کي، ههڙو جوابا

21
ته بيشڪ بي عيب تون آهين، ٻيا سڀ عيبوارا
چيو نوُر نبيءَ جي، بي عيب آهي خدا جل و اعلي ا
چيو نوُر ڪلمو، آتش آندو پوءِ ايمانا
تنهن کان پوءِ نوُر نبيءَ جو، هلي ويو مٿي واءُ
ڏنائين سلام واءُ کي، پنهنجي پاران
وعليڪ السلام چيو واءُ، مير محمد صلي الله عليه وسلم
تڏهن پڇيو واءُ کان، نبيءَ جي نوُرا
ڏِسِي مغروري تنهنجي، قُوت قَوِيَا
ته ڪرين ڪم تون ڪهڙا، زورآور واءُ
ته ڪريان اُهي ڪم،جيڪي پنهنجي ساڻ رضا
تڏهن ڏنو نوُر نبيءَ جي، واءُ کي جوابا
ته نهار تون پاڻ ۾، ته آهي تو ۾ ڪو عيبا
ته چيائين عيب مون ۾ ڪهڙو، نوُر نبيءَ جا
چيائين آهي تو ۾ عيب، اهڙي طريقا
جئين اچين تون نه نظر۾، اهوئي عيب تو۾ آ
تڏهن عاجزي ڪري نوُر کي، چيائين تنهن ويرا
يا نوُر پيدا ڪيو پاڻ ڌڻي، تو کي ئي بي عيبا
تڏهن چيو نوُر نبيءَ جي، بي عيب آهي خدا
ٻيو بندو سڀ ڪو، عيب وارو آهه

22
چيو نوُر ڪلمو، واءُ آندو ايمانا
وري وريو نوُر نبيءَ جو، تڪڙو تعجيلا
آيو هلي پاڻيءَ تي، ڪناري جي درياءُ
ڏٺائين مغروُري پاڻيءَ ۾، گهڻي ئي پاران
ٿو وَهي گهڻي تِک سين، ڏاڍو ڏاڍيان
چيو نوُر نبيءَ جي سلام، پاڻيءَ کان
واريو سلام نوُر جو، پاڻيءَ تنهن ويرا
تڏهن چيو نوُر نبيءَ جي، جواب پاڻي کان
ته ڪم تون ڪرين ڪهڙا،  منجهان ڪم ٿيا
ته چيائين ڪيان ڪم پاڻهي، جيڪا مون رضا
فرمايو ناهي رضا ڪنهنکي، ريءَ ڏيهه ڌڻيءَ ڌاران
جيڪي گهُري سو ڪري، مولا مُلڪن جو مختارا
اي پاڻي آهي عيب تو ۾، توکي خبر نه ڪا
ته چيائين آهي عيب ڪهڙو مون ۾، نوُر نبيءَ جا
فرمايائين پوندي پليتي تو ۾، سندي مخلوقا
ڌوئي ڇڏيندا تو۾ ،مخلوق پنهنجي ميلا
ڪئي عذر خواهي پاڻي، پنهنجي پاران
مَهدَا نوُر نبيءَ جا، جيڪو خاتم الانبياءُ
ڪيو حڪم نوُر نبيءَ جي، پاڻيءَ کان

23
ته پڙهه ڪلمو نوُر چيو، پاڻي آندو ايمانا
تنهن کانپوءِ نوُر نبيءَ جو، اٿيو اُن ماڳان
وري موٽي اُسهيو، نوُر نبيءَ جو ڏانهن خاڪان
نظر اُڀي جڏهن ڪيائون، نبيءَ جي نوُرا
ڏٺائين غريب عاجز گهڻي، بيحد ان پاران
ڏنائين سلام خاڪ کي، نبيءَ جي نوُرا
و عليڪم السلام چيو، خاڪ تنهن ويرا
چيو نوُر ڪلمون، خاڪ آندو تنهن ويل ايمانا
ڪيو قُبول خاڪ کي، نبيءَ جي نوُرا
اول و آخر تنهن کي، ڪيو قبول آ
هاڻي خالي ناهي ڪو، ماڙ و مخلوقا
ان ويل چيائين طبعيتون، جن جو ٿيو مذڪورا
هڪڙا آتشي تن ۾ ٿيا، بادي آهن وري ٻيا
ٽيان خاڪي تن ۾ ٿيا، آبي آهن چوٿان
خاڪ منجهان پيدا ڪيا، مولا درويشان
واءُ منجهان پيدا ڪيائين، سڀ تڪبُر وارا
۽ آتش منجهان بخيل ٿيا ئي سڀ پيدا
پاڻيءَ منجهان پيدا ٿيا، سڀئي زور آورا
تن سڀني کي ٿو رسائي، منهنجو ڌڻي رزقا

24
ڪڏهن نه وساري ڪٿي به، بر هجون يا بحرا
توڙي نيڪ ٻانها هجن، سي عبادت وارا
نيڪن، بَدَنِ سڀني کي، رسائي منهنجو ڌڻي رزقا
توڙي جي بخيل هجن، توڙي جي تڪبر وارا
توڙي جي ظالم هجن، ڪي وري هجن فقيرا
توڙي جي صالح هجن، ڪي وري هجن بد بختا
توڙي جي وحشي سُرڻا، توڙي جي طُيورا
رزق رَسي ٿو تن کي، روز راتان ڏينهنڙا
برڪت سين نوُر نبيءَ جي، مُحمد مصطفي ا
پڻ فرمايو پاڻ ڌڻي، مُلڪن جي مولا
مون پيدا ڪيو نوُر نبيءَ جو، پنهنجي نوُر منجهان
حبيب ڪيم پنهنجو، تنهن سهڻي کي توڙا
عزت، شرافت، مرتبو، بُزرگي بالا
ڪيم مقام تنهن جو، اُتاهون ۽ اعلي ا
ڪيم ڀلا تِنهنجا، سڀئي نوُراني نالا
منجهه اَڀَا ڀوُني پڌرو، ڪاملُ ۽ ڪمالا
سونهن صِلاَبَتَ وِتَرو، جلوي ۾ جمالا
مُهڙ مِڙَنِ مُرسل، تڏا نه ڪر تُورا
ڏئي شرف شفيع کي، نوازيائين نوُرا

25
انا مولاڪ انت محبوبي، آهيس ئي اُوڏا
ٿيو سردار نيبين جو، ۽ سندو آخرتا
شرف ڏنائين شفيع کي، سندو قَابَ قَوسَا
طه ا ياسين تِنهنجو، مڙئي مذڪورا
مُحمد رسول الله صلي الله عليه وسلم، چيو قادر ڪريما
نائب ڪري تنهن کي، ڏنائين نبوتا
مَهدِي مِڙني مُحمد ٿيو، اول ابتداءَ
وڏي شفاعت جنهنجي، شفاعت عُظمي ا
صاحب شفاعت، صاحب شريعت، سندو فُرقانا
معجزا مشهوُر جنهنجا، آسمانن ۾ اعلي ا
ڪئي خدمت تِنهنجي، ملائڪ جبرئيلا
عالي علم تِنهنجو، دوُري درازا
آهي قرآن ڪريم ۾، تِنهنجو مذڪورا
ڪون ڪري تِنهنسان، ڪو مباحثو موُرا
موُڙيون متيون ڪافرن جو، جيڪي صاحب فصاحت جا
اهڙي عزت احمد ڄام کي، ڏني آهي ڏاتارا
حبيب ڪيائين پنهنجو، تنهن کي توڙا
ڏنائين شرف شفيع کي، منجهان حُضورا
هاڻي وري ڪيان بيانُ، سندو صِفَتَنِ آ

26
مٿي کان پيرن تائين، سيني سندو سردارا
صورت شڪل سندس جي، چنڊ چوڏهين ماهه
مُکڙو اهڙوته اُجرو جهڙو، شمس جو شعاءُ
جاڙا ڀروُن سندس جا، مٿو وڏو ڪُشادا
پڻ ڪاريون، ڪجلي اکين ۾، سفيدي سفيدا
نڪُ نبيءَ ڄام جو، سهڻو سڀن کان آ
۽ چيلهه باريڪ گهڻي، ۽ سينو سندو ڪُشادا
موُر نه پوي پاڇو پُٺتي، سندو پرين محبوبا
پڻ مٿي مُبارڪ مير جي، پاڇو سندو الله
ڏند سونهاري شفيع جا، جئين موتي موچارا
مُوچاري محبوب جا، سهڻا رُخسارا
پڻ ڏاڙهي نرمل نوُر جي، موچاري موُرا
پڻ جيڪي وار ڏاڙهي مبارڪ ۾ هيا موجودا
سي هڪ لک، چار هزار، چار سئو ٻاهتر وار هيا
۽ ٽي وار مبارڪ اڇا تن ۾، ٻيا سڀئي ڪارا
جيڪي سيني تي شفيع جي،۽ ٻين انگڙن وار هيا
سي ڇهه لک، ڇاهتر هزار، ۽ ٻه سئو ٻيا اڳرا
پڻ گهڻيون سنهڙيون، آنڱريون ڊگهيون درازا
پڻ هُئي حضرت حبيب جي، تَريءَ ڪُشادا

27
پڻ مٿي تي حضرت جي، جيڪي وار هيا
سي مڙئي تيرنهن لک، ۽ ويهه هزار هيا
۽ تُنِ مٿي اڳڀرا سي، ٽي سئو ويهه وار هيا
ٿيو حساب وارن جو، حُڪم ساڻ خدا
۽ هيا سُرخ انگڙا، مڙئي سڀ محبوبا
پڻ نرم هيو، نازڪ گهڻو، اڳرا حريرا
۽ هُيو عبادت ۾ رب جي، مُحڪُم مَضبوطا
پڻ هُين خوف خدا جو، سدائين هميشها
پڻ منجهه آرام ۾ مُحبت مُلاحظي رب جي ڪيائين
تنهن ڪري ڪڏهن به سُست ٿيا نه انگڙا
پڻ مرض هميشه حبيب کي، لٿو نه موُرا
ڪين گهريائون ڪڏهن ، جيڪر ٿئي سو دفعا
وچينئي وير وريام کي، تپ هيُو هميشها
پر ڪاهل ٿيا ڪين نه ڪي، تنهن ڪري توڙا
پر هيا صابر، سڀني پَرن گهر خوش خالا
راضي رضا تي رهيا، قادر جي قضا
پڻ ڏني هُئي قُوت، حضرت مُحمد کي مُلڪ جي مولا
قُوت ٻن هزار مردن جي، پانهنجي پاران
بلڪه ان کان به وڌ هُئي، ڪامل جي قُوتا

28
موُر نه اچي قُوت ۾، ڪو برابر اصلا
پڻ هُين بارُ نبيءَ ۾، سندو مُهر نَبوتَا
جئين ڌُٻئا هيا هٿڙا، سندا حضرت علي شاه
ڏينهن جنگ خيبر جي، ڪيائين جتي فتحا
جنهن ڏينهن رکيائين، کاهي تي کڻي دروازيکا
هُيو اُڻيتاليهه گز سو ڊگهو دروازا
۽ کاهو چاليهه گز هيو، موڪرائي پارا
جڏهن رکيو تنهن در کي، حضرت علي شاه
ته گهٽ ٿيو گز هڪڙو، ڊگهائي پاران
تڏهن هيٺ جهلي اُڀو هٿن سين، حضرت علي شاه
مٿان لنگهيو سڀ ويا، جيڪي صحابه هُيا
سڀني کانپوءَ پير رکيو، مير مُحمد شاهه
تڏهن ڏڪڻ لڳا هٿڙا، سندا حضرت علي شاه
تنهن تي چيائين حضرت حبيب کي، اي مير مُحمد شاهه
ته لنگهي وڃو جهٽ پل ۾، يا رسول الله صلي الله عليه وسلم
متان وڃي ڪِري مونکان ، هي پري دروازا
ايڏو شرف حضرت رسوُل صه کي ڏنو ڏاتارا



باب ٻيون
حڪايت معجزي جي
29
لکي مطالعُ الانوار ۾، هن ريت مذڪورا
جئين هُيو ڪافر هڪڙو، منجهه مڪي مبارڪه
منجهه زماني حضرت رسول جي مير محمد شاهه صه
رُڪان نالو تنهن جو، منجهه مُلڪن مشهورا
پاڻ صه سو پنهوار هو، صُلحِِ ابتداءُ
چاريندو هو ٻڪريون، پاسَن منجهه حرا
جيڪو آهي ڏونگر هڪڙو، مڪي کان ٻاهران
تت ايندو، ويندو هو، محُمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم
۽ رُڪان پڻ تنهن واديءَ ۾، ڪندو هو گذارا
هُيو زور آور مرد سو، قوت قَوِيا
سوَين مرد جنهنجو پير، هُيا چوريندا
سو هُيو زورآور پڌرو، منجهه سڄي عربا
سو عادتن اُهو نبيءَ جي، ڪندو هو غيبت گِلا
 پڻ چوندو هُيو قريشين کي، گهڻي فخر منجهان
ته جيڪڏهن گڏجي مونکي، سو مُحمد امينا
ته هُوند ڪريانس دُشمني، جئين ان سهڻي سان
30
آءُ آهيان تنهن جي واٽ تي، جي ور پوي مونکان
ان خبر جي قصي جي ، پڻ سُڻي سڀ ڪنها
تان ويو ڏينهن هڪڙي، حضرت ڏانهن حِرَ
ورندي گڏيو واٽ ۾ سو، رُڪان تنهن وارا
چيائين حضرت حبيب صه کي، منجهان ئي ڏمرا
ته توُن ڪير آهين، ته مُحمد تنهنجو نانءُ
ته چيائين تون ٿو ڪوٺين پاڻ کي نبيءَ اسلاما
نبيءَ چيو تون اهو ئي آهين جيڪو جڳ ۾ ڪري گلا
ته چيو نبيءَ آءُ اهو ئي  آهيان، صحيح سو شخصا
تڏهن چيو رُڪان حضرت حبيب کي ته هلي آ آڏو
مون ۾ جيڪا قُوت، تو ۾ ڪهڙي جو تون چئين نبيا
اڄ نه تون ڇُٽين مونکان، مطلقا موُرا
رَهِين تون حيات دنيا ۾، گهڻا ئي ڏينهنڙا
اچ ته آزمايون پاڻ ۾، پنهنجي قُوتا
تنهان اچي بُلندي ڪنهنکي، پنهنجي پاران
پڻ آهي شرط پنهنجو، مٿي هن قولا
جي آءُ دسيندُس توکي، اي مُحمد امينا
ته دين نه سچو تنهنجو، پڻ ڪندس قتلا
۽ جي تون دسيندين مونکي، اي مُحمد امينا

31
ته ڏهه ڏيندس ٻڪريون، ۽ بُت سڀ بيڪارا
موُر نه مڃيندس تن کي، وري هميشاه
پڻ ڀائيندس سچو دين تنهنجو، ۽ سچو تو الله
اچُ ته ڪريون پاڻ ۾، قوت ڪثرتا
جڏهن جو ڀاڪرين پيا پاڻ ۾، گذري ويرَنهَ ڪا
تڏهن ڪيري وڌو رُڪان کي، مير مُحمد
چڙهي ويٺس اُرهه تي، سندي رُڪانا
تڏهن ڪئي رُڪان مغذرت، مُحمد کي مهدا
ته اُٿي قُريش مون مٿان، اي سچا سونهارا
تون سچو پنهنجي قول ۾، اي مُحمد مصطفي ا
پر اڃا به وڙهندُس توسان، ٻيو مرتبا
وري وڙهيا پاڻ ۾، تڏهن پڻ ڪِريو رُڪانا
وري چيائين نبيءِ کي، ته اُٿي اُرهه مٿان
تڏهن اُٿيو رُڪان جي، احمد اُرهه مٿان
وري ٽيون مرتبو، پڻ چيو رُڪانا
آهي اڃا هڪڙي، شرط و مشروطا
ڏهه ٻڪريون ٽيون، پڻ ڏيندُس توهين کان
جي دسيدين مونکي، ٽيون مرتبا
تڏهن اُتي ياد ڪيا، رُڪان پنهنجا پُٽڙا

32
سنڀاريائين سڀني کي، مٿان ٿي موُرا
پڻ چيائين سڏ ڪري، اُتهين آوازا
اي لات، اي منات، اي ياري ڏي عُزا

اَفَرَاَيتُمُ الَلاتَ وَ العزاي وَ
مَنواتَ الثَالثِتَه الاُخري ڪَيِدوُقُرآنَا

ته جيڪڏهن نه ڏيندا مونکي ، ياري هنويرا
ته موُر نه مڃيندس ان کي، هرگز هميشاه
ٽيون مرتبو پڻ وري ڪيائين، آزمائشا
تڏهن پڻ ڪيري وڌو رُڪان کي، مير مُحمد شاه
تڏهن ٿيو شرمندو، ۽ گهڻو ڦڪو ڦڪايا
چيائين حضرت حبيب کي، اي مير مُحمد شاه
تون آهين سچو سڀني ۾، پر منجهه پنهنجي قولا
پڻ سچو الله تنهنجو، اي سچا رسوُلا
بُت باطل ڪوڙا، ٻيا سڀ ڪوڙا ڪذابا
پڻ ٿيو يقين مونکي، گهڻو ئي ويساها
ڏيکار معجزو هڪڙو، ته من سان تو مڃان
تڏهن چيو رسُول رب جي، اُهو ڪهڙو معجزو آه
جيڪڏهن اُهو درخت آهي، اُڀو واديءَ منجهارا
اڌُ چيري جي ان جو اچين، توُن مهدا

33
پڻ اچي اُهو ڏي شاهدي ، سندي رسالتا
ته آءُ ايمان آڻيان، هوند گهڻي يقين منجهان
تڏهن ڪيو اشارو درخت کي، مُحمد مصطفي ا ﷺ
تڏهن اڌ اُن جي اچي، ڏني شاهدي شوق مان
پوءَ موٽي وري ويو ساڳي، کجيءَ ٿُڙ جاءِ بجاءِ
ڏٺو رُڪان معجزو، سندو مير مُحمد شاه
پر آيو نه اسلام ۾، مهندا محبوبا
چيائين حضرت حبيب کي، اي مير مُحمد شاه ﷺ
ته ڪاهي وٺ ٽريهه ٻڪريون، هُيون جيڪي شرطا
تڏهن ڏنن جواب تنهنکي، مير مُحمد شاه ﷺ
ته ڇا ڪريان مان ٻڪريون، جي تون آڻي اسلاما
 تڏهن چيائين حضرت حبيب کي، منجهان نيازا
ته ڪندا چٿرون مون مٿان، ماڻهو مڪيءَ جا
چوندا ته رُڪان مغلوب ٿيو، وَيُلس قُوتا
ڪيون هُيون مون ڳالهيون وڏيون، انهن مهندا
فخر ڪيا مون تن ۾، پنهنجي قُوت جا
وڏا ويڻ مون کان ٿيا، جيڪي سڀ هُيا
آهي عار مون ۾ اهو، اهو ئي سببا
پر آڻيندس ايمان تو تي، انشاءِ الله تعالي ا

34
پڄاڻان ڪنهن وقت جي آهيم اها اميدا
پوءِ مُرسل موٽي آيو، مُحمد مڪي ڏانهن
تڏهن مهدا گڏيو مير کي، سچو صديقا رضه
پوءِ پُڇيائين پرين کي، ته تيسين ڪٿي هُيا
تڏهن ڏٺائين حقيقت رُڪان جي، ته گڏيو اسان سا
هن ريت هو سو مقابلو، اهو ئي مزڪورا
تڏهن ڪيا شُڪرانا رب جا، حضرت صديقا
ته ڏني ياري حضرت کي، رب پنهنجي پاران
۽ پڻ ظاهر ٿيو معجزو، سندو سردارا
هاڻي وري تعريف جُسي جي، ڪريان بيانا
سُهڻو سائين مَرَهِيَان، اي مومن مردانا
پڻ جُسو خوشبوءَ ڀريل حضرت جو، سُرهو مُشڪ کان
مُهر نبوت پڻ ڪُلهن وچ ۾، سوُنهي سردارا
گهڻي سخاوت ۾ اڳڀرو، مير مُحمد شاه
دعوت ڪري خلق کي، ڪڍيائين ڪُفر کان
هڪڙو مڻ پڪو، ۽ ڏهه سير ان جا، کاڌا حبيب خدا
ٽيهٺ ورهه دُنيا ۾، هُيا هوءَ حياتا
۽ ٻيا ارڙنهن ورهه لکايائون، منجهه رات معراجا
گهڻو ڪيو رب روشن جُسو، سندو حضرت نبيا

35
قادر ڪيو برڪت منجهان، مٿو مُحمد شاه
مُنهن لِقاءَ منجهان پيدا ڪيو، ڪنُ عنبر منجهان
اکيون پرور پيدا ڪيون، منجها ئي حياءُ
لب تسبيح منجهان ٿيا، ڏند پڻ نوُر منجهان
نڪُ بهشتي عنبر منجهان، ڪيو ڪريما
دل اخلاص منجهان، مُحبت ڏانهن خلقا
ٻه ٻانهون زور آورن کان، قُوت قويا
هڏا مبارڪ ڪافوُر کان، پُٺ خشبويا
اُرهه مبارڪ ياقوت منجهان جوڙيائين جبارا
اندران نوُر منجهان، پرکان صبر و شڪرانا
پير عبادت منجهان، پرور ڪيا پيدا
لکين رحمت نبيءَ تي، ۽ ڪروڙين درود وسلاما
۽ پڻ وسنِ رحمت آل تي ۽ پڻ اصحابا
۽ پڻ برڪت ڀلارن جي، جيڪي تابع تنهن سندا
ايمان سلامت بخشي، تون مومنن تي مولا
برڪت نبيءَ ڪريم جي، مُحمد مصطفي ا
پڻ جيڪو پڙهي نوُرنامي کي، پرت منجهان
پڄائي اُميد تنهن جي، مُلڪن جو مولا
پڻ جيڪا حاجت گهري، ٿي پهچي رب مُلا

36
تُرت قبول سا ٿئي، مُستجاب سا دُعا
نه ڪا پوي آفت تنهن تي، آسمانن کان
نه ڪا وبا تنهن تي اچي، نه ڪا ٻي بلا
نه ڪو نقصان دين ۾، نه ڪو منجهه دنيا
نه ڪو مال متاع ۾، نه ڪو منجهه اولادا
نه ڪو پوک نه راهه ۾،  نه ڪو ٻي وجها
پڻ جيڪو لکي رکي گهر ۾، نورنامي کا
پوي برڪت گهر ۾، تنهن جي توڙا
موُر نه کامي گهر تِنهن جو، هرگز باهه ساڻ
بلڪه محلو سڄو ئي بچي، آتش ڄر کان
 پَوَ اثر نه ٿئي ڳوٺ کي، سڄي ئي شهرا
نوُر نامي کي گهر ۾ ، رکي جو شخصا
ايمان سلامت تِنهن جو، هجي ئي هميشاه
۽ ٿئي سڪرات موت جي، تِنهن تي آسانا
اچي عزرائيل تنهن ڏي، سونهاري صورتا
ڪڍي روح تِنهن جو، گهڻي ئي نرمي ساڻ
ٿئي مَرَهاتوُ شخص سو، مولا جي مهرا
۽ جيڪي نوُر نامي کي ، پڙهي پرت منجهان
ايمان وڃي نه تن جو ، مطلقا مُورا

37
جڏهن وقت وفات جو اچيس قريبا
تڏهن اچي عزرائيل تن ڏي، گهڻي ئي خوشي منجها
پڻ ستر هزار ملائڪ اچن، رحمت جا
ان شخص طرف جيڪو پڙهي تهه دل منجها
جيڪو وري سُڻي تنهن کي، منجهان يقينا
جيڪو لکي رکي پاڻ، ڪنهن تحفي طريقا
ته پڻ وقت موت جو، ٿيندُس آسانا
پڻ کڻندا جنازو تِنهن جو، ،ملائڪ مولا جا
ڀرجي قبر تِنهن جي، منجها ئي نوُرا
مُنڪر نڪير تِنهن ڏانهن، اچن خوشيءَ منجها
تئين کولي ڏين تِنهن کي، دريءَ بهشت منجها
ٿو ڏسي ۽ پسي، سڀڪنهن هوُ خوش حالا
پڻ اچن حُور تنهن شخص ڏانهن، منجها بهشتا
هُئي سُرهائي تنهن شخص کي، ايڏي فرحتا
جئين موت ۽ قيام، سڀئي گُذري ويوم جا
سا قدرُ ٻن رڪعتن جو، هيو ئي تنهنکان
۽ اڀُيڻ ڏينهن قيامت جو، ۽ تورڻ اعمالا
ڪي لنگهن واٽ صراط تان، ڪي پهچن جنت جاءِ
جيڪا مُدت پنجاهه هزار ورهين جي ٿيندي عاصين کان

38
سا هوُندي آسان ان کي، گهڻي تحفيفا
پڻ پاڻي حوض ڪوثر جو، پيئندو پرِت منجهان
جايون، جنت جا ڳهه، محل موچارا
۽ زمين ڪَستوري جهڙي، ۽ گاهه زعفرانا
مڪان گَرَنِ ۽ پهڻن جي، موتي ياقوتا
باغ سڀئي سون جا، زبردست جهرڻا
حُلاَ زَر به هتي سون سين، موتي حريرا
ياقوت لعل تن ۾، هار هيري جا
طعام تازا تن ۾، ميوا موچارا
ڪير ڪري سگهندو تن جو، ليکو شمارا
جيڪو نوُرنامي کي پڙهي پرت منجهان
ته آگو بخشي ان جا، ڪروڙين ڪبيرا
توڻي هجن انجا، ايترا گُناها
جيترو ڏنگر زمين تي، ڪي پهڻ تن جا
ته جيترا پکي زمين ۾ ، ڪي وري حيرانا
ته جيترا درخت زمين ۾، ته وري پن تن جا
ته پک وار حيوانن جا، ته وري ريتي جا داڻا
ته جيترا ڦُڙا مينهن جا، ڪي شمار ملائڪن ئا
ته جيترا حرف قرآن ۾، ۽ ٻين شين جا نالا

39
جي هجن گُناهه ايترا، ڪنهن شخص سندا
ته مَولو مَرَهي مِهر سين، سڀ تِنهن جا گُناها
ڇُٽائنس دوزخ کان، آتش عذابا
پڻ لکجي منجهه نامي عملن جي، ايڏا و اجرا
جيئين ڪنهن چار ڪتاب پڙهيا، ۽ هڪڙو حج قُبولا
  ۽ ستر هزار نيبن سندي، ڪر ڪيائين مُتابعتا
هوُءَ راضي تنهن شخص تي، قادر ڪريما
پڻ ستر هزار شهيدن سندو، لکيائينس عملا
سحر، جادو ان کي، ڪري ڪين اثرا
نه ڪي ديو، نه جن ڪو، نه ڪي ٻي بلا
۽ شيطان جي شر کان ۽ دجال جي ٿئي مامونا
جيڪو سومر،ڪي جمعي پڙهي يا ٻُڌي ڪنهن کان
يا وري پڙهائي ڪنهن کي، تت ٻُڌن ڪي ٻيا
ته پڻ عذاب قبرن ۾، ٿئي نه تن کان
جيڪو پڙهي پرت سين، هڪڙو مرتبا
ڪري سڀ حاجت پوري، تِنهن جي بادشاهه
ڪئين نه پوي قبر ۾ تِنهن جي، مطلقا موُرا
جيڪو لکائي رکي گهر ۾، ڪري تعويذا
ته برڪت نوُر نبيءِ جي، مير مُحمد شاهه

40
تير ،ترار تِنهن کي، ڪري ڪين ايذاءُ
نه ڪا بندوق، نه ڪو نيزو، نه ئي ڪاتي ڪا
نه ڪو گوڙ، نه غُبارڪو، نه ڪو دُشمن دراءُ
نه ڪو خوف، نه ڪو خطرو، توڙي منجهه درياءُ
جيڪو آڻي تِنهن ۾، ڪو شڪ ڪو شُبها
ته تحقيق سو ڪافر ٿيئي، نعوذبالله منها
امام غزالي مطالعُ ڪندي، لڌو ڪتاب منجهان
لکي ڪيائين پڌرو، ڪڍي ڪتابن ئا
ٿيو تحفو خلق کي، نبيءُ جو نُورا
جڏهن خبر سُڻي ئي، سُلطان محمودا
تڏهن چڙهي آيو، پنڌ ڪري پنهنجا مُلڪان
لکي رکيائين پاڻ، ڪنهن تُحفي طريقا
ٿيو خوشحال گهڻو، راضي ساڻ رضا
وري آيو گهر پنهنجي، گهڻي خوشيءَ منجهان
خيرات ڪيائين تنهن وير، هزار دينارن جا
۽ ٻيو سو اُٺن جو، ڪيائين قُربانا
۽ هزار ڪپڙا فقيرن کي، ڏنائين خيراتا
۽ هزار مسڪينن کي، ڏنائين طعاما

41
۽ هزار مسجدون، ٺهرايائان بنا
۽ هزار قرآن ڪيائين خيراتا
ستر کُوهه کڻايائين، منجهه مُحبت مولا حد و علي ا
۽ هزار غلامن جو ڪيائين آزادا
۽ ستر مڪتب خانا، ڪيائين بنا
۽ ستر هزار حوص کڻايائين ، پاڻيءِ جا
پڻ پڙهندو هو نوُرنامو، سدا شوق منجهان
تان جو رات هڪڙي، لڌائين خوابا
ڏٺائين نُور پاڻ تي، وسندو آسمانن ئا
هُيو انهيءِ حيرت ۾، مست معموُرا
تڏهن ڏٺائين منجهه، سُهڻي مير مُحمد شاهه
پڻ هُيا ملائڪ مير سين، ستر هزارا
تڏهن چيو سلطان محمود کي، مير مُحمد شاهه
ته تون آجو آهين، آتش جي عذاب کان
بهشت ڏيکاريائن تنهن وير، پسُ تون مڪانا
هي سڀ حويلي، حُجرا، حوُر قصورا
پڻ جيڪو پڙهندو، تِنهن کي سو پڻ آزادا
آهيان ضامن تِنهن جا، قيامت ڏينهان
۽ پڻ وقت موت جي، ٻيو منجهه قبرا

42
تُرت رسندُس تِنهن کي، منجهه اوکي انهي جاءِ
ڪيو قرار مون سين، آهي قادر ڪريما
سُڻو مومن معجزا، سندا مُحمد شاهه
لهي سنڀال سڀني ڪامل قُريشا
ڪو نه وساري ڪڏهين، شافع شفيعا
وهلو رَسي واهرُو، انهن کي اڙئن کان
آهي وسيلو وريام جو، جو ٻيءَ ڪنڌي موُر نه ڪا
ڀلي لکي تِنهن پرينءَ جي، سڀ عاصي اُڪرندا
سي داخل ٿيندا جنت ۾، مولا جي مهرا
واهر وسيلو وريام جو، مير مُحمد شاهه
الاهي هن عبدالرحمان کي، مَرَهي تون مولا
ساڻِ لڏائين ڪلمي سان، دنيا دار منجهان.

لااِلهَ اِلاللهُ مُحَمدُ الرَسولُ اللهِ
صلي الله عليه وآله وسلم

پوري ٿي عبارت ، نوُر نامي جي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>