امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 18 December 2023

قافلن جو سفر ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين

محترم عنايت کٽياڻ صاحب جي ٿورن سان. 🌹

13 مئي 1861ع تي ڪوٽڙي ڪراچي ريل لائين جو افتتاح ٿيو ان کان پھرين ۽ ڪجھ عرصو پوء تائين ھيٺن رستي ۽ منزلن کي طع ڪندي قافلا ڪراچي بندر  کان ڪوٽڙي  بندر تي پھچندا ھيا ان جي تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي ۽  پڙھندڙن کي خبر پوي ته ھن وقت اسين ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو فاصلو طع ڪيون ٿا اھيو ماضي ۾ ڪيئن ھيو ڪيترو وقت درڪار ھيو . جي وھٽ تي سفر ڪبو ھيو ته 36 ڪلاڪ لڳندا ھيا ۽ ڪراچي کان ڇھ منزلون ٿينديون ھيون جن جو تفصيل ھن ريت آھي 


..


1 منزل-

 ڪراچي بندر  کان لانڍي تائين 

 12 ميل مفاصلو ھيو ، ڇھ ميلن تائين رستو سخت ۽ سٺو ھيو ۽ اڳيان وارياسو ھيو لانڍي ۾ ڌرمشالا (مسافر خانو) ھيو پاڻي جام ملندو ھيو ۽ قافلي جي اٺن کي چارو ملندو ھيو 

2منزل - 

لانڍي کان پپري تائين 

ساڍا 10 ميل مفاصلو ھيو رستو سٺو ھيو پاڻي ملي ويندو ھيو 

3منزل -

 پپري کان گھارو 

انھن جي درميان 15 ميل مفاصلو ھيو رستو ڪجھ سٺو ھيو برسات کان پوء سفر جي قابل نه ھوندو ھيو گھاري ۾ ڌرم شالا ۽ ٿاڻو ھيو 

4 منزل


 -

گھارو کان ٺٽو

ھن جي درميان مفاصلو 22 ميل ھيو رستي ۾ گُجي جو ڳوٺ ايندو آھي ، رستو ڪجھ ٽٓڪرائتو ھيو شيخ راڌڻ جي مقبري وٽان لنگھندو ھيو اتي  ڌرم شالا ڊسپينسري، ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو ھيو رستي ۾ کاڌي پيتي جون شيون جام ملي وينديون ھيون پاڻي کوھن مان ملندو ھيو ،

5منزل -


 

ٺٽو کان جھرڪ 

ھن جي درميان 32 ميلن جو فاصلو ھيو رستو سڌو سنئون ھيو ھلايا ۽ سونڊن ۾ ڌرمشالا ھئي ۽ تنبو لاڳائڻ جو پڻ ميدان ھيو جتي قافلا پڙاء ڪري سگھن ، جھرڪ شھر ترقي تي ھيو خواجه قبيلو گھڻائي ۾ رھندو ھيو اتي درياه جو  پتڻ پڻ ھيو ، ھتي ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ، ڌرمشالا ، ڊسپينسري ٽپال گھر پوليس ٿاڻو ۽ تنبو لاڳائڻ جو ميدان موجود ھيو ، 

6 منزل


 -

 جھرڪن کان ڪوٽڙي 

 جي درميان 34 ميلن جو مفاصلو ھيو ، رستو چڱو ھيو ڪوٽڙي لاء رستو  نئين بارڻ وٽان  گذرندو  ھيو ، ڪوٽڙي ۾ مسافر بنگلو ھيو ، ڌرمشالا اسپتال ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو به ھيو کاڌي پيتي جون شيون راه ۾ ملي وينديون ھيون . 

ائين سائين سامان جي ترسيل  مٿين علائقن مان ڪوٽڙي کان ڪراچي بندر اٺن وارن قافلن تي ٿيندي ھئي ، پوء سامان سکر روھڙي سيوھڻ کان ٻيڙين ۾ اچي ڪوٽڙي بندر تي لھي اٺن جي قافلن ۾ ڪراچي ويندو ھيو ڇو ته بحري رستو ڪراچي لاء ڏورانھون ھيو . ڪيپٽن پريڊي پنھنجي رپورٽ جنھن جو حوالو 1876ع واري گزيٽيئر ۾ به موجود آھي ته ،نومڙيا قبيلي جا چار مکيه سردار ھينئر به سُنگ طور نٿ (ٽيڪس ) وٺن ٿا جيڪا سيوھڻ ۽ ڪراچي توڙي ڪراچي کان ڪوٽڙي جي جابلو علائقن منجھان ايندڙ ويندڙ ڪاروباري قافلن کان ھڪڙي قسم جو ڀُنگ وٺن ٿا ڪراچي توڙي ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانھن ويندڙ قافلن ۾ شامل في اُٺ تان ڏيڍ آنو ورتو وڃي ٿو انھي نٿ کان پوء نومڙيا سردار سموري واپاري سامان ، اُٺن ۽ ماڻھن جي بچاءُ جي ضمانت ڏين ٿا نومڙيا سردار ھر قافلي سان پنھنجا ٻہ ماڻھون يا وڌيڪ قافلي جا نگھبان ڪري موڪلين ٿا .  اھيو ٻڌائيندو ھلان ته  

 ريل رستي جي قائم ٿيڻ  کان پوء باربرداري ريل رستي ٿيڻ لڳي ، ريل ۾ في سواري ٻہ آني ۾ ڪوٽڙي کان ڪراچي پھچندي ھئي 


.

🌻ڪتاب ڪوٽڙي جي ڪھاڻي مان ورتل 🌻الطاف صديقي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday 22 November 2023

انسانيت تي AI جو اثر

"


مستقبل قريب ۾، هٿرادو ذهانت (AI) دنيا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ تيار آهي جيئن اسان ڄاڻون ٿا. خودمختيار گاڏين کان ترقي يافته صحت جي سار سنڀار تائين، AI جا ڪارائتا اثرات ظاهر ٿيڻ وارا آهن 


روزگار، نوڪرين، ۽ مزدوري ڪرڻ جي معاملن ۾ پڻ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي. جنهن ۾ AI پنهنجو عمل دخل ترقي جي حاصلات ۾ ڪردار جاري رکندو، عام واهپي جا ڪم خودڪار ٿي ويندا، جڏهن ته ان جا تمام خوفناڪ اثرات پڻ ظاهر ٿيندا. 


صحت جي سار سنڀار جي لاءِ AI هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي تشخيص ۽ علاج جي منصوبن ۾ وڌيڪ صحيح بيمارين جي سڃاڻپ ۽ دوائن جي استعمال بابت پڻ مددگار ثابت ٿيندي. 


تعليم بابت AI پنهنجو هڪ الڳ ڪردار ادا ڪندي، سکيا وارو نظام تعليمي تجربن کي انفرادي ضرورتن مطابق مدد ڏيندي، سکيا لاءِ وڌيڪ مظبوط ۽ بهترين طريقي کي اسان لاءِ آسان ڪندي ۽ حقيقتن جي پس منظر کان اسين ڪوهين ڏور ٿي ويندا سين. 


جيئن ته اسان کي AI تي هلندڙ مستقبل بابت جاچڻ جي پڻ گهرج پوندي، سائبر سيڪيورٽي لاءِ بهتري جي ضرورت آهي. AI سسٽم اندر ايندڙ خطرن کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي . رازداري واري ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ AI ٽيڪنالاجي خطرن کي روڪڻ تمام ضروري هوندو.


جڏهن ته AI جا فائدا ناقابل بيان آهن، جنهن جي نتيجي ۾، مستقبل جي دنيا جيڪا AI پاران ٺاهيل هوندي، جيڪو انسانيت لاءِ وڏو چئلينج پڻ آهي ۽ انسانيت جي بهتري لاءِ AI جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ڪرڻ لاءِ اهم هوندو ته پنهنجا اخلاقي اقدار ۽ انسان دوستي ۽ فطرت جي قانونن کي پڻ هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي ۽ اسان جي حڪومتن کي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته جتي دنيا جي آساني ٿيندي اتي انسانيت جي تباهي جو ڪو مثال نه ملندو.


منظور ڪلهوڙو.

ڪراچي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday 17 November 2023

دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ سرورس.. چائنه وري گيء کڻي ويو...



چين دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان هڪ آهي جنهن جي ٽيڪنالاجي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. چين ۾ الڳ الڳ نيون ايجادون ۽ جديديت متعارف ڪرايون وڃن ٿيون، هن ٽيڪنالاجي واري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.


چين دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جي رفتار جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اها 1 سيڪنڊ ۾ 150 فلمون ڊائون لوڊ ڪري سگهندي.


سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب چيني ڪمپنين دنيا جو تيز ترين انٽرنيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت سندن دعويٰ آهي ته اها 1.2 ٽيرابيٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان مواد منتقل ڪري سگهي ٿي.


جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي متعارف ڪرايل هن سروس جي رفتار موجوده انٽرنيٽ کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ تيز هوندي. اهو Tsinghua يونيورسٽي، چائنا موبائل، Huawei ٽيڪنالاجيز ۽ Sernet Corporation جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبو آهي.


ترجمو ٿيل....

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>