امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 4 December 2012

روضه اقدس رسول ڪريم صه جي بي حرمتي ڪرڻ جا واقعا۔


رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم ۽ ان جا صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين حضرت ابوبڪر رضي الله عنه، حضرت عمر رضي الله عنه جي قبرن جي بي حرمتي ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي وئي آهي پاڻ ٽنهي جون مدينه منوره ۾ مسجد نبوي شريف ۾ قبرون آهن دشمنن هر ڀيري ڪوشش ڪئي ته انهن جا جسم مبارڪ قبرن مان ڪڍيا وڃن ته جئين مسجد نبوي شريف ۽ مدينه منوره ماڻهن جي توجهه جا مرڪز نه رهن شيخ محمد عبدالحق محدث دهلوي جن پنهنجي ڪتاب تاريخ مدينه ۾ ٽي وڏين سازشن جو ذڪر ڪيو آهي.


پهرين سازش؛
ابن نجار پنهنجي ڪتاب بغداد جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته 386 هه کان 411 هه تائين هڪ فاطمي حڪمران مصر جو بادشاهه هو ۽ مدينه منوره ان جي زير اثر هو هن حڪمران جي سوچ ۽ ڪوشش اها هئي ته رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم ۽ ان جي ٻن اصحابن ڪرام رضيٰ الله عنهما جا جسم مبارڪ مديني منوره کان مصر منتقل ڪيا وڃن اهڙي ريت ماڻهن جي توجه مدينه منوره جي بجاءِ مصر طرف ٿي ويندي. هن ان مقصد لاءِ مصر ۾ هڪ شاندارعمارت به جوڙائي جنهن ۾ انهن جا جسم مبارڪ رکيا وڃن ها. ان حڪمران ان مقصد لاءِ هڪ ڪارندي ابوالفتوح کي مديني موڪليو جڏهن اهو ڪارندو مديني پهتو ته مديني وارن کي ان سازش جي خبر پئجي وئي مديني وارن کي ان ڪارندي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ان ڪارندي سميت ان جي ساٿين کي قتل ڪرڻ وارا هئا ته ابوالفتوح ڊڄي ويو ۽ اهو چئي ڏنائين ته جيسين مان جيئرو آهيان ان سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندس پوءِ ڀل مصر جو حڪمران مونکي قتل به ڇو نه ڪرائي ڇڏي. ان دوران مديني ۾ هڪ وڏو طوفان آيو جنهن سان ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ جاني و مالي نقصان به ٿي پيو ۽ ابوالفتوح کي مديني مان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو. اهڙي طرح الله تعاليٰ پنهنجي حبيب صلٰي الله عليه وسلم ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن کي اهڙن مجرمن کان نجات بخشي ان حڪمران وري ٻيهر به اهڙي ڪوشش ڪئي پر اها به ناڪام ٿي. سبحان الله.

ٻي سازش؛

سمهودي جي قول مطابق عيسائين هي سازش 557 هه ۾ ترتيب ڏني ان وقت شام جي بادشاهه جو نالو سلطان نورالدين زنگي هو ۽ ان جي مشير جو نالو جمال الدين اصفهاني هو هڪ رات نورالدين زنگي پاڻ سڳورن صليٰ الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ٽي ڀيرا ڏٺو هر ڀيري رسول اڪرم صلٰي الله عليه وسلم جن ٻن ماڻهن طرف اشارو ڪندي سلطان کي چيائون ته هنن ٻنهي جي شرارت کان مونکي بچايو (هاڻ هتي جاهل اهو سمجهندا ته پاڻ نبي صه جڏهن حاضر آهن ته اهي انهن کي سزا ڇو نه پيا ڏين جو هڪ ملڪ جي بادشاهه کان مدد ڇو ٿا طلب ڪن، ته اهڙن جاهلن کي اهو عمل ڏيکارڻ لاءِ ته دنيا وارا اهو ماجرو سمجهي سگهن ته جنهن ڳالهه جي خبر هڪ عام ماڻهو کي نه آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾ اهي دشمن ڪهڙي رٿا ڪري رهيا آهن ته پاڻ سڳورن صه الله جي حڪم سان ملڪ جي بادشاهه کي خواب ۾ اچي ڪري آگاهي ڏني ته جئين دشمنن کي ملڪ جي قانون مطابق سزا ملي سگهي ۽ عام ماڻهو کي به نبي صه جي روضه جي شان جي خبر پوي) سلطان زنگي کي ٽي ڀيرا اهو ئي ساڳيو خواب نظر آيو ته پاڻ سڳورا صه ٻن سرخي مائل رنگت جي ماڻهن طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا ته انهن جي شر کان مونکي بچاءِ. سلطان جي ننڊ اڏري وئي هن رات جو ئي پنهنجي مشير جمال الدين کي سڏرايو ۽ سڄو واقعو ٻڌايائينس. مشير چيس ته ” سلطان هي خواب ٽي ڀيرا ڏٺو آهي پوءِ به هتي ڇو ويٺا آهيو” ان ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو ۽ جلد مديني ڏانهن روانا ٿي وڃو.

اڳين ڏينهن سلطان ويهارو کن خاص ماڻهن ۽ کوڙ تحفن تحائفن سان گڏ مديني ڏانهن نڪري پيا ۽ سورنهين ڏينهن شام جي پهر اتي پهچي ويا. سلطان روضه رسول صلٰي الله عليه وسلم تي حاضري ڀري ۽ مسجد نبوي ۾ ويهي رهيو. ( هاڻ هتي به انهن لاءِ آهي جيڪي چوندا آهن ته قبرن تي وڃڻ حرام آهي، جڏهن ان وقت جا بادشاهه جيڪي بادشاهه نه پر وڏا عالم و فاضل تهجد گذار برگزيدهه الله جا پيارا به هوندا هئا، جڏهن اهي پنهنجي پياري نبي صه جي روزي تي حاضري ڀريندا هئا ته هي اڄ جا مُلا ڇو ان ڳالهه کي حرام ٿا سمجهن؟) تنهن کانپوءِ اعلان ڪرايو ويو ته اهل مدينه مسجد نبوي پهچي وڃن جتي سلطان انهن ۾ تحفا تقسيم ڪندو. ماڻهن اچڻ شروع ڪيو سلطان هر ايندڙ ماڻهو کي تحفو ڏيندو ويو ۽ هر ماڻهو کي بغور ڏسندو به رهيو پر اهي چهرا نظر نه آيا جيڪي هن کي خواب ۾ ٽي ڀيرا ڏيکاريا ويا هئا پوءِ سلطان حاضرين کان پڇا ڪئي ته ” ڇا مديني جو هر شهري مونسان ملي چڪو آهي؟“ جواب مثبت نه هو، سلطان ٻيهر پڇا ڪئي ” ڇا توهان کي يقين آهي ته هر شهري مونسان ملي چڪو آهي؟“ هن ڀيري حاضرين چيو ته ” سواءِ ٻن ماڻهن جي “ راز جيڪو تقريبن فاش ٿي چڪو هو. سلطان چيو ته ” اهي ڪير آهن؟ ۽ اهي پنهنجا تحفا وٺڻ ڇو نه آيا آهن؟“ ٻڌايو ويو ته هي مراڪش جا صوم و صلوات جا پابند ٻه متقي باشنده آهن، ڏينهن رات رسول ڪريم صه تي درود سلام موڪليندا رهندا آهن ۽ هر هفتي مسجد قبا ويندا آهن، ڏاڍا مهمان نواز آهن ڪنهن جو به ڏنو قبول نه ڪندا آهن،(هاڻ هتي اسان وٽ به هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو تبليغ جي پيغام لاءِ نڪرندا آهن وڏا نيڪو ڪار سڏبا آهن اهي به ڪنهجو ڏنو نه وٺندا آهن، انهن وٽ پنهنجو جهجهو سامان ساڻ هوندو آهي) سلطان چيو ”سبحان الله“ ۽ حڪم ڏنائين ته انهن ٻنهي کي به پنهنجا تحفا وصول ڪرڻ لاءِ گهرايو وڃي. جڏهن اهو خصوصي پيغام مليو ته انهن چيو ”الحمد لله اسان وٽ الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي اسان کي ڪنهن به تحفي جي حاجت ڪونهي“ جڏهن اهو پيغام سلطان تائين پهتو حڪم ڏنائين ته انهن ٻنهي کي فورن پيش ڪيو وڃي.

حڪم جي فوري تعميل ٿي وئي، هڪڙي جهلڪ ئي انهن جي شناخت لاءِ گهڻي هئي پر پوءِ به سلطان پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾ رکيو ۽ پڇا ڪيائين ته ” توهان ڪير آهيو؟“ هتي ڇو آيا آهيو؟ انهن جواب ڏنو ته ”اسان مراڪش جا رهائشي آهيون حج لاءِ آيا هئا سين هاڻ روضه رسول صه جي ڇانوّ ۾ زندگي گذارڻ گهرون ٿا“ سلطان سخت لهجي ۾ چيو ته ”ڇا توهان ڪوڙ ڳالهائڻ جي قسم کاڌي آهي؟“ هاڻ اهي خاموش ئي رهيا. سلطان حاضرين کان پڇا ڪئي ته هي ڪٿي رهندا آهن؟ ٻڌايو ويو ته روضه نبوي صه جي بلڪل ڀر ۾ هڪ گهر ۾ (جيڪو مسجد نبوي جي اتر اولهه واري ديوار سان لڳولڳ هو) سلطان ان مهل اٿيو انهن ٻنهي کي ساڻ ڪري ان گهر ۾ داخل ٿيا، سلطان گهر اندر گهمندو رهيو سڄو گهر نون ۽ قيمتي سامان سان ڀريو پيو هو اچانڪ هڪ فراسي تي نظر پئي ته انهن ٻنهي جا هوش ئي خطا ٿي ويا ته هاڻ ڀانڊو ڦاٽندو . سلطان فراسي کڻي ڏٺو ته ان هيٺان تازي کوٽيل هڪ سُرنگهه هئي سلاطان رڙ ڪندي چيو ” ڇا هاڻ به توهان سچ نه ڳالهائيندئو؟“

انهن وٽ سچ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪا به واٽ نه هئي انهن اهو اعتراف ڪيو ته اهي عيسائي آهن انهن جي بادشاهه گهڻو ساز وسامان ڏئي حاجين جي روپ ۾ مراڪش کان هن منصوبي تي حجاز موڪليو هو ته ڪهڙي به ريت رسول اڪرم جو جسد اقدس روضه مبارڪ کان ڪڍي اچن. (هاڻ هتي به هڪ ڳالهه دليل بڻجي ٿي ته غير مسلمن کي به اهو اعتقاد هو ته نبي ڪريم صه جن جو جسم مبارڪ صحيح سلامت آهي جنهن عقيدي موجب ته نبين جو جسم زمين ۾ ان ئي حالت ۾ هوندو آهي، هاڻ انهن کي اهو ٻڌائجي جيڪي اسان جي سهڻي نبي صه کي فوت ٿيل سمجهندا آهن، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هڪ شهيد جو لاش اصلي حالت ۾ هوندو آهي ٻيو نبين جو، جنهن مان ثابتي ٿئي ٿي ته منهنجي سهڻي نبي پاڪ صه سميت سمورا نبي زندهه پنهنجي اصلي حالت ۾ قبرن ۾ آهن اهو اسان جو نه پر هر اهل ڪتاب جو اعتقاد آهي هاڻ اهي قبرون ظاهري ته دنيا جي خطي تي آهن پر رب العالمين وٽ انهن جي قبرن جو مقام ڇا هوندو اهو اسان جهڙو اٻوجهه نٿو سمجهي سگهي)
انهن جي ان ناپاڪ منصوبي جي تڪميل لاءِ انهن حج جو بهانو ڪيو ان بعد روضه رسول صه جي لڳو لڳ هڪ گهر ڪرائي تي ورتائون جنهن کان پوءِ اهو مذموم ڪم شروع ڪري ڏنائون اهي سڄي رات سرنگهه کوٽيندا هئا جنهن جو منهن روضه رسول صه ڏانهن ئي هو هر صبح جو رات جي کوٽيل مٽي چمڙي جي ٿيلهي ۾ وجهي جنت البقيع ۾ قبرن مٿان کنڊائي ايندا هئا. انهن ٻڌايو ته انهن جي ناپاڪ جاکوڙ بس آخري مرحلن ۾ هئي ته هڪ رات تيز مينهن پوڻ سبب زلزلو اچي ويو وري جڏهن ٻيهر اهي پنهنجي مقصد کي پهچڻ وارا هئا ته خبر نه آهي سلطان ڪئين مديني پهچي ويو.

سلطان نورالدين زنگي حڪم ڪيو ته هن ٻنهي کي قتل ڪيو وڃي، روضه رسول صه جي چوگرد هڪ خندق کوٽائي وڃي ۽ ان ۾ رجيل سيهي سان ڀرائي وڃي ته جئين اڳتي ڪنهن به بد بخت اهڙي مذموم ڪريل حرڪت بابت سوچي به نه سگهي. ۽ سلطان هڪ دڪو به ٺهرايو ۽ ان مٿان هڪ پهريدار به مقرر ڪرايو اهو دڪو اڄ به موجود آهي ۽ باب جبرئيل کان داخل ٿيندي ئي سڄي هٿ تي موجود آهي. ياد رهي ته ان دڪي جي اڏاوت بابت ڪيترائي اختلاف پڻ آهن ته اهو دڪو اصحاب صفه جو ئي دڪو چيو ۽ لکيو ويندو آهي. والله عالم
مٿيون واقعو 557 هه جو آهي.

ٽين سازش؛

طبري پنهنجي ڪتاب الرياض النضرهه ۾ هن ڳالهه جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته؛ حلب شهر (شام) جا ڪجهه ماڻهو مدينه منوره آيا ۽ مديني جي گورنر لاءِ ڪيترائي بي بها تحفا آندائون ۽ انهن جي خواهش هئي ته روضه مبارڪ ۾ داخل ٿي حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضي الله عنهما جي جسمن مبارڪن کي هتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيون گورنر جي به فرقيواريت جي مذهبي سوچ پڻ اها هئي ته ٻنهي اصحابه جا جسم مبارڪ هتان ڪڍرايا وڃن ۽ انهن کي اجازت ڏئي ڇڏيائين ۽ گورنر مسجد جي خادم کي حڪم ڪري ڇڏيو ته رات جي پهر ڪجهه ماڻهو اچن ته انهن لاءِ مسجد جو دروازو کولي ڇڏجان ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرن مداخلت نه ڪجانءِ.

سومهڻي (عشاء) جي نماز کان گهڻي دير بعد ڪنهن باب السلام تي دستڪ ڏني خادم مسجد جو دروازو کوليو لڳ ڀڳ چاليهه ماڻهو مسجد اندر داخل ٿيا انهن وٽ ٽوڙ ڦوڙ ۽ کوٽائي ڪرڻ جو سڀ سامان موجود هو خادم ڊڄي پاسي تي ٿي ويو اهي ماڻهو روضه رسول اڪرم صه ڏانهن وڌڻ لڳا اڃا منبر تائين ئي نه پهتا هئا ته اچانڪ هيٺان زمين ڦاٽي پئي اهي سڀ جا سڀ پنهنجي سامان سان گڏ زمين اندر دفن ٿي ويا.

گورنر انهن ماڻهن جي انتظار ۾ پچي ۽ پڄري رهيو هو بالآخر خادم کي گهرايائين ۽ انهن ماڻهن بابت دريافت ڪيائين ته ڪاڏي ويا. خادم سڄو سارو واقعو ٻڌايو تنهن تي گورنر چيو اهو وري ڪئين ٿي سگهي ٿو تون يقينن پاڳل آهين. خادم گورنر کي اهو لقاء اکين سان ڏسڻ جي دعوت ڏني، جڏهن گورنر اهو سمورو لقاءِ اکين سان ڏٺو ته خادم کي چيائين ته هن ڳالهه بابت ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجانءِ نه ته تنهنجو ڌڙ سسي کان ڌار ڪري ڇڏيندس.

.ترجمو؛ اي محبوب ياد ڪيو جڏهن ڪافر توهان سان مڪر ڪندا هئا ته توکي بند ڪري ڇڏين يا شهيد ڪري ڇڏين يا ڪڍي ڇڏين۔ ۽ اهي پنهنجو اهو مڪر ڪندا هئا ۽ الله پنهنجي خفيه تدبير فرمائيندو هو ۽ الله جي خفيه تدبير سڀ کان بهتر آهي۔ سوره الانفال۔


ترجمو؛ اي رسول پهچائي ڇڏيو جيڪو ڪجهه توتي لٿو تنهنجي رب جي طرف کان۔ ۽ ائين نه ٿئي ته تو ان جو ڪو به پيغام نه پهچايو ۽ الله تنهنجي نگهباني ڪندو ماڻهن کان۔ بيشڪ الله راهه نه ڏيندو آهي ڪافرن کي۔


هاڻ توهان هتي ڏسي سگهو ٿا ته اهي مٿين ٽنهي واقعن مان اسان کي ڪهڙو سبق ملي ٿو، حق تي ڪير آهي ۽ گستاخ ڪير آهي ۽ الله سبحانه وتعالى جا مقبول ترين ٻانها ڪهڙا آهن ۽ قدرت الىهي ڇا آهي۔
دعا آهي ته الله پاڪ سڀني مسلمانن جي دشمنن ۽ نبي صه جي گستاخن جيڪي مسلمان پڻ سڏرائن ٿا انهن جي برين حرڪتن، سازشن کان پناهه ۾ رکي ۽ سڀني مسلمانن تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم نازل فرمائي۔ آمين
صلي الله عليه وسلماَ تسليماَ ڪثيرا۔

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔