امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Wednesday 24 April 2013

عظيم مفڪر اعظم، رهبر جون عظيم ڳالهيون


سنڌ ڌرتي جي عظيم مفڪر اعظم، رهبر جون عظيم ڳالهيون سچ ۾ هر سنڌي کي پاڻ سان هڪ ناياب وکر طور ساڻ ڪري انهن تي عمل ڪري فائدو وٺي سگهي ٿو، پر افسوس آهي جو اسان سنڌي قوم انتهائي اٻوجهائپ واري زندگي گهاري رهيا آهيون۔ اهڙا مفڪر اسان جي ڌرتي جو حصو هوندي به دربدري واري صورتحال ۾ رهون ٿا پيا۔۔ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اهڙي عظيم ڏاهي جي تحريڪ کي اڄ اهڙن ڪوڙن ڪائنرن اچي والاريو آهي جو ان تحريڪ جو اصل روح ئي ماري وڌو اٿن۔۔اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم رهبر جي ورسي جي حوالي سان عظيم ڀيٽا پيش ڪندي، سندس جي ئي تقرير مان چونڊ غور طلب ڳالهيون اوهان سان ونڊ ڪيان ٿو۔۔سموري قوم کي انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪيان ٿو۔۔۔۽ پوءِ پنهنجو احتساب ڪيو ته ڇا واقعي اسان اهڙن مونجهارن جو شڪار آهيون؟

اسان اها ڳالهه عدم تشدد جي ذريعي حاصل ڪنداسين ۽ تشدد جي ذريعي نه، اسان وٽ لشڪر نه آهي ان ڪري اوهان تشدد ڪندوُ ته اوهان سان اهو حشر ٿيندو جيڪو هاڻي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ۽ سرڪار ايجنسيون ڪري رهيون آهن.

ان ڪري تشدد جي ويجهو نه وڃو تشدد اوهان کي تباهه ڪندو. تشدد کان پري رهو!

ڪجهه وقت اڳ تائين ڪجهه ڪميونسٽ يا ٻيا ملڪ تشدد سان آزاد ٿيا آهن. سو اسان جي نوجوانن ۾ به اها ڳالهه اچي پيدا ٿي آهي ته تشدد کان سواءِ آزادي ملندي ڪانه، اها ڳالهه غلط آهي، مهاتما گانڌيءَ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هندستان جي 50 يا 70 ڪروڙ ماڻهن تشدد کان سواءِ عدم تشدد جي بنياد تي آزادي وٺي ڏيکاري هينئر به اوهان آزاد ٿي سگهو ٿا پر تشدد نه هجي.

ٻي ڳالهه اوهان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اخلاق کانسواءِ ڪابه قوم ترقي نه ڪري سگهندي اوهان بد اخلاقي ڪندؤ ، چوريون ڪندؤ، ڌاڙا هڻندؤ ، ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندؤ ۽ سياست جو بنياد اخلاق تي آهي.

بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو. توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي.

اوهان اخلاق جي ذريعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا. اسان جي پيغمبر يا ٻين پيغمبرن اخلاق تي زور ڏنو آهي.

اخلاق کانسواءِ ڪابه طاقت ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي.

عدم تشدد سڀ کان وڏو اخلاق آهي ۽ توهان جيڪڏهن ڀانيو ته ڪامياب ٿيو ته پاڻ مان برايون ڪڍي ڇڏيو.

توهان جي ڳوٺن ۾ ڌاڙيل ڌاڙا هڻن ٿا، پنهنجن سنڌين کي کڻي پئسا وٺي وڪرو ڪري ڏين ٿا، ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي.
 رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي تي ڀيٽا

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔