محترم عنايت کٽياڻ صاحب جي ٿورن سان. 🌹
13 مئي 1861ع تي ڪوٽڙي ڪراچي ريل لائين جو افتتاح ٿيو ان کان پھرين ۽ ڪجھ عرصو پوء تائين ھيٺن رستي ۽ منزلن کي طع ڪندي قافلا ڪراچي بندر کان ڪوٽڙي بندر تي پھچندا ھيا ان جي تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي ۽ پڙھندڙن کي خبر پوي ته ھن وقت اسين ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو فاصلو طع ڪيون ٿا اھيو ماضي ۾ ڪيئن ھيو ڪيترو وقت درڪار ھيو . جي وھٽ تي سفر ڪبو ھيو ته 36 ڪلاڪ لڳندا ھيا ۽ ڪراچي کان ڇھ منزلون ٿينديون ھيون جن جو تفصيل ھن ريت آھي
..
1 منزل-
ڪراچي بندر کان لانڍي تائين
12 ميل مفاصلو ھيو ، ڇھ ميلن تائين رستو سخت ۽ سٺو ھيو ۽ اڳيان وارياسو ھيو لانڍي ۾ ڌرمشالا (مسافر خانو) ھيو پاڻي جام ملندو ھيو ۽ قافلي جي اٺن کي چارو ملندو ھيو
2منزل -
لانڍي کان پپري تائين
ساڍا 10 ميل مفاصلو ھيو رستو سٺو ھيو پاڻي ملي ويندو ھيو
3منزل -
پپري کان گھارو
انھن جي درميان 15 ميل مفاصلو ھيو رستو ڪجھ سٺو ھيو برسات کان پوء سفر جي قابل نه ھوندو ھيو گھاري ۾ ڌرم شالا ۽ ٿاڻو ھيو
4 منزل
-
گھارو کان ٺٽو
ھن جي درميان مفاصلو 22 ميل ھيو رستي ۾ گُجي جو ڳوٺ ايندو آھي ، رستو ڪجھ ٽٓڪرائتو ھيو شيخ راڌڻ جي مقبري وٽان لنگھندو ھيو اتي ڌرم شالا ڊسپينسري، ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو ھيو رستي ۾ کاڌي پيتي جون شيون جام ملي وينديون ھيون پاڻي کوھن مان ملندو ھيو ،
5منزل -
ٺٽو کان جھرڪ
ھن جي درميان 32 ميلن جو فاصلو ھيو رستو سڌو سنئون ھيو ھلايا ۽ سونڊن ۾ ڌرمشالا ھئي ۽ تنبو لاڳائڻ جو پڻ ميدان ھيو جتي قافلا پڙاء ڪري سگھن ، جھرڪ شھر ترقي تي ھيو خواجه قبيلو گھڻائي ۾ رھندو ھيو اتي درياه جو پتڻ پڻ ھيو ، ھتي ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو ، ڌرمشالا ، ڊسپينسري ٽپال گھر پوليس ٿاڻو ۽ تنبو لاڳائڻ جو ميدان موجود ھيو ،
6 منزل
-
جھرڪن کان ڪوٽڙي
جي درميان 34 ميلن جو مفاصلو ھيو ، رستو چڱو ھيو ڪوٽڙي لاء رستو نئين بارڻ وٽان گذرندو ھيو ، ڪوٽڙي ۾ مسافر بنگلو ھيو ، ڌرمشالا اسپتال ٽپال گھر ۽ پوليس ٿاڻو به ھيو کاڌي پيتي جون شيون راه ۾ ملي وينديون ھيون .
ائين سائين سامان جي ترسيل مٿين علائقن مان ڪوٽڙي کان ڪراچي بندر اٺن وارن قافلن تي ٿيندي ھئي ، پوء سامان سکر روھڙي سيوھڻ کان ٻيڙين ۾ اچي ڪوٽڙي بندر تي لھي اٺن جي قافلن ۾ ڪراچي ويندو ھيو ڇو ته بحري رستو ڪراچي لاء ڏورانھون ھيو . ڪيپٽن پريڊي پنھنجي رپورٽ جنھن جو حوالو 1876ع واري گزيٽيئر ۾ به موجود آھي ته ،نومڙيا قبيلي جا چار مکيه سردار ھينئر به سُنگ طور نٿ (ٽيڪس ) وٺن ٿا جيڪا سيوھڻ ۽ ڪراچي توڙي ڪراچي کان ڪوٽڙي جي جابلو علائقن منجھان ايندڙ ويندڙ ڪاروباري قافلن کان ھڪڙي قسم جو ڀُنگ وٺن ٿا ڪراچي توڙي ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانھن ويندڙ قافلن ۾ شامل في اُٺ تان ڏيڍ آنو ورتو وڃي ٿو انھي نٿ کان پوء نومڙيا سردار سموري واپاري سامان ، اُٺن ۽ ماڻھن جي بچاءُ جي ضمانت ڏين ٿا نومڙيا سردار ھر قافلي سان پنھنجا ٻہ ماڻھون يا وڌيڪ قافلي جا نگھبان ڪري موڪلين ٿا . اھيو ٻڌائيندو ھلان ته
ريل رستي جي قائم ٿيڻ کان پوء باربرداري ريل رستي ٿيڻ لڳي ، ريل ۾ في سواري ٻہ آني ۾ ڪوٽڙي کان ڪراچي پھچندي ھئي
.
🌻ڪتاب ڪوٽڙي جي ڪھاڻي مان ورتل 🌻الطاف صديقي
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔