امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Thursday, 6 December 2012

مڪه مڪرمه جو مختصر تاريخي احوال



اڄ کان تقريبا چار هزار (4000) سال پهريان سيدنا حضرت ابراهيم عليه اصلواته والسلام ۽ سيدنا حضرت اسماعيل عليه الصلواته والسلام جن مڪي مڪرمه جي پاڪ ۽ پياري شهر جو بيت الله شريف جي تعمير سان گڏ بنياد رکيو هو. اتي ان وقت جا موجود ماڻهو پهريان قرف تنبن ۾ رهندا هئا ۽ ان طريقي سان حياتي گذارڻ تي راضي ۽ مطمئن هوندا هئا، پر جڏهن ڪائنات جي سردار، يتيمن جي يار، حضور، پر نور، شافع يوم النشور عليه افضل الصلواته واکمل التحيات جن جي ڏاڏن مان قصي بن کلاب شام کان آيو ته پوءِ مڪي مڪرمه ۾ جايون ٺهڻ شروع ٿيون ۽ شهر ترقي ڪرڻ شروع ڪئي، مڪه مڪرمه وادي ابراهيم عليه الصلواته والسلام ۾ سمنڊ جي سطح کان تقريبا ساڍا ٽي سوءَ فٽ (350 ) جي بلنديءَ تي سمنڊ جي اوڀر واري ڪناري کان اٺيتاليهن (48) ميلن تي واقع آهي. هن وقت تقريبا اٺن (8) لکن ماڻهن جي آدمشماري آهي. هيءُ شهر مبارڪ اوڀر کان اولهه واري طرف تقريبا چار پنج ميل ۽ ويڪر ۾ اٽڪل ٻه ٽي ميل آهي، ڏکڻ ۽ اتر کان ٻن پهاڙن جي وچ ۾ آهي جن کي اخشبان سڏيندا آهن ان جي ڪري ان ۾ گرمي زياده ۽ سردي گهٽ هوندي آهي.


مڪه مڪرمه جا نالا؛ علماءِ تفسير مڪه مڪرمه جا نالا هيءُ بيان ڪيا آهن. 1- مڪه 2- بڪه 3- البلد الامين 4- المامون 5- ام رحم 6-ام القري ا 7- الصلاح 8- القادس 9- المقدسه 10- الناسته 11- الباسته 12- الخاطته 13- الراس 14- کوتاءِ 15- البينته (1)

بيت الله جا نالا؛ الله تعالي جي هن پياري گهر، مومنن جي مرڪز جا پيارا نالا هيءُ آهن.
1- الکعبته (بلند جاءِ) جئين الله تعالي ا فرمايو آهي ” جعل الله الکعبته البيت الحرام (2) ان جو سبب هيءُ آهي جو اسم مسمي ا جي شرف ۽ بلنديءَ تي دلالت ڪندڙ آهي. هيءُ گهر به دنيا جي ٻين سڀني گهرن کان بلند، بالا ۽ شاندار آهي ان جي ڪري ڪعبته سڏيو ويو آهي.

2- البيت العتيق – آڳاٽو گهر- جئين الله تعالي فرمايو آهي ”وليطوفوا بالبيت العتيق (3) هيءُ گهر به سڀني گهرن کان اڳ م بلڪ بعض جي قول مطابق آسمانن ۽ زمينن کان به اڳ ۾ آهي (4) .

3- مبارکا- برڪت وارو- هن شاندار گهر جون برڪتون ڪهڙيون بيان ڪجن هن ۾ هڪ نماز پڙهه ته هڪ لک (100000) نماز جو ثواب ملي ٿو. جئين ابن ماجه حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعالي عنه کان روايت آندي آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ترجمو: يعني پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهندڙ کي هڪ نماز جو ۽ قبيلي جي مسجب م پنجويهن (25) نمازن جو ۽ جمعي نماز ادا ڪرڻ واريءَ مسجد ۾ پنج سوءَ (500) نمازن جو ۽ مسجد اقصي ا (بيت المقدس واري ءَ مسجد) ۾ هڪ هزار (1000) نمازن جو منهنجي مسجد ۾ پنجاهه هزار (50000) نمازن جو ۽ مسجد حرام م هڪ لک (100000) نمازن جو ثواب آهي ۽ علامه ابن جوزيءَ ڪتاب فضائل مڪه ۾ عدي بن حمراءِ کان روايت آندي آهي ته رسول الله صلي الله ليه وسلم جن مڪي جي بازار ۾ بيهي فرمايو ” والله انک لخير ارض الله واحب ارض الله عز و جل ولو لا اني اخرجت منک ماخرجت” (2) يعني الله جو قسم آهي ته تون الله ڀلي زمين ۽ الله وٽ وڌيڪ پياري زمين آهين ۽ جيڪڏهن مونکي تو مان ڪڍيو نه وڃي ها ته مان پاڻهي نه نڪران ها.

”وهدي اللعالمين“ (۽ ماڻهن لاءِ هدايت) ڇو ته اهو سندن قبلو آهي ۽ ان ۾ الله تعالي جي قدرت جون عجيب نشانيون آهن جيڪي الله جل جلاله تي ايمان آڻڻ جي لاءِ هدايت ڪنديون آهن ”فيه آيات بينت “ ان ۾ چٽيون نشانيون آهن.





هتي ڪعبه شريف جون ٽي (3) خاص فضيلتون بيان ڪيل آهن،
1- هڪ ته ان ۾ قدرتي نشانيون آهن جن مان هڪ مقام ابراهيم آهي.
2- ٻيو ته جيڪو ان ۾ داخل ٿيندو ان لاءِ امن آهي ۽ اهو محفوظ رهندو. ان کي ڪو به قتل ڪري نه سگهندو.
3- ٽيون ته جنهن مسلمان کي ان تائين پهچڻ جي وسعت ۽ طاقت آهي ان تي ان جو حج ڪرڻ فرص آهي. پهرين ڳالهه (ته ان ۾ قدرتي نشانيون آهن) جي وضاحت هئين آهي ته جڏهن کان بيت الله قائم آهي ته مڪي وارن کي مخالفن جي حملي کان محفوظ رکيو ويو آهي. ابرهه ڪافر هاٿين جو لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي ته الله جل شانه، پنهنجي طرفان ابابيل پکي موڪلي انکي تباهه ڪيو. جئين سورت الفيل ۾ تفصيل سان بيان ٿيل آهي. بيت الله جي حرم جي حدن ۾ داخل ٿيڻ وارو انسان ته محفوظ آهي پر انهن حدين ۾ رهڻ وارن جانورن کي به محفوظ هجڻ جو احساس آهي، بيت الله شريف ۾ جنهن پاسي بارس وسندي آهي ته دنيا جو اهو پاسو ان سال وڌيڪ آباد ٿيندو آهي. حج جي موقعي تي جمرات (ٿنڀن) وٽ هر هڪ حاجي ست ست پٿريون روزانو هڻي ٿو ۽ هر سال لکين حاجي گڏ ٿين ٿا جيڪڏهن اهي سڀئي پٿريون اتي گڏ ٿيون پيون هجن ته وڏا ڍير ٿي وڃن ۽ ٻٽن سالن ۾ هڪ جبل بنجي وڃي پر مشاهدو ٻڌائي ٿو ته ٽنهين ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ به اتي پٿرين جو ڪو وڏو ڍير نه هوندو آهي. بس ٿوريون ٽڙيل پکڙيل نظر ايندويون آهن. جنهن جو سبب حديث شريف ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جن هيءُ بيان فرمايو آهي ته ”اهي پٿريون ملائڪ کني ويندا آهن ۽ صرف اهڙن ماڻهن جو پٿريون رهجي وڃن ٿيون جن جو حج ڪنهن وجه جي ڪري قبول ناهي“ ۽ اهو ئي سبب آهي جو اتي اتاهين پٿريون کني هڻڻ سٺو ناهي، ڇو ته اهي مقبول نه آهن. حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ارشاد جي تصديق هر ڏسڻ واري اک ڪري رهي آهي. هالانڪ اتاهين پٿرين کڻڻ جو ڪو خاص اهتمام نه حڪومت جي طرفان آهي نه عوام جي طرفان.

”مقام ابراهيم“ انهن نشانين مان هڪ وڏي نشاني مقام ابراهيم آهي جنهن کي قرآن ڪريم مستقل طور جدا ذڪر ڪيو آهي. مقام ابراهيم اهو پٿر آهي جنهن تي بيهي حضرت ابراهيم عليه الصلواته والسلام بيت الله جي تعمير ڪئي هئي، ۽ بعضي روايتن ۾ آهي ته بيت الله شريف جي تعمير سان گڏ اهو پٿر مٿي ٿيڻ وقت پاڻهي بلند ٿيندو ٿي ويو ۽ هيٺ ٿيڻ جي وقت پاڻهي هيٺ ٿيندو ٿي ويو. ان پٿر تي حضرت ابراهيم عليه الصلواته والسلام جي پيرن مبارڪن جو نشان اڄ تائين موجود آهي. ظاهر آهي ته هڪ بي حس ۽ بي شعوري پٿر م هيءُ پروڙ ته ضرورت جي موافق هيٺ يا مٿي ٿيندو وڃي ۽ هيءُ تاثر ته ميڻ وانگر نرم ٿي پيرن مبارڪن جو پورو نقش پاڻ ۾ ڇڪي رکي اهي سڀ قدرت واري جي قدرت جون نشانيون آهن جيڪي بيت الله شريف جي ڀلائي سان واسطو رکن ٿيون. اهو پٿر بيت الله جي هيٺان دروازي جي سامهون هو جڏهن قرآن ڪريم جو هيءُ هڪم نازل ٿيو ”واتخذو ا من مقام ابراهيم مصلي ا “ ابراهيم جي بيهڻ واري پٿر وٽ نماز جي جاءِ بنايو ته طواف ڪندڙن جي آسانيءَ خاطر ان کي اتاهين کني بيت الله شريف جي سامهون ڪجهه مفاصلي تي ان وقت جي طواف ڪرڻ واريءَ جاءِ کان ٻاهر زمزم شريف جي کوهه جي ويجهو نهايت محفوظ رکيو ويو آهي. بيت الله جي طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف ان کان پويان پڙهيون ويندويون آهن، ٻي ڳالهه ته ان ۾ داخل ٿيڻ وارو امن ۾ ۽ محفوظ رهندو آهي، اهو امن ۾ رهڻ ٻه قسم آهي.

(1) تفسير مظهري ص 89 ج 2 (2) تفسير مظهري ص 90 جلد 2
احسان البيان في تفسير القرآن ج 2 تان کنيل

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔